Friday, January 12, 2024

پچار، ڪٿا ۽ پابنديون جھڙن ڪلامن جو تخليقار جو موکي مئگزين کي ڏنل انٽرويو


مھراڻ سنڌي: توھان پنھنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟

امجد ميراڻي: منھنجو نالو امجد ميراڻي آھي. منھنجي عمر 21 سال آھي. مون انٽر پاس ڪئي آھي، مان اصلي قمبر ڀرسان ھڪڙي ڳوٺ آبڙي جو آھيان. اڄڪلھ لاڙڪاڻي ۾ رھائش پزير آھي.

امجد ميراڻي


مھراڻ سنڌي: توھان جا پسنديدہ سنڌي فنڪار ڪھڙا آھن؟

امجد ميراڻي: سنڌي فنڪار الاھي سارا پسند آھن، استاد محمد يوسف، استاد وحيد علي خان، آبدہ پروين، صنم ماروي، سرمد سنڌي، منظور سخيراڻي، عاشق نظاماڻي، رجب فقير، صيف سميجو وغيرہ

مھراڻ سنڌي: توھان ڪھڙي قسم جا گانا وڌيڪ ڳائڻ پسند ڪيو ٿا ۽ ڇو؟

امجد ميراڻي: فوڪ ۽ ھپ ھوپ جو بلينڊ وڌيڪ وڻندو اٿم، باقي پوپ ۽ صوفي بہ ڪڏھن ڪڏھن ڳائيندو آھيان.

مھراڻ سنڌي: سنڌ سپر اسٽار طرفان گائڪي ۾ رجيڪشن کي ناجائزي ٿا سمجھو يا جائز؟

امجد ميراڻي: جائز ھيو ضروري بہ شايد، ان رجيڪشن کان پوءِ ئي مون سنڌي موسيقي پراپر ٻڌڻ شروع ڪئي ھئي ۽ پنھنجا سنڌي ۾ گانا لکيا ۽ ڳايا.

مھراڻ سنڌي: والدين پٽ کي انجنيئر يا ڊاڪٽر ڏسڻ پسند ڪندا آھن، جڏھن توھان ميوزڪ جي چونڊ ڪئي تہ مائٽن جو توھان ڏانھن رويو ڪيئن ھو؟

امجد ميراڻي: رويو شروعاتي ڏينھن ۾ صحيح نہ ھيو پر بعد ۾ وقت سان سڀ صحيح ٿيندو ويو.

مھراڻ سنڌي: موسيقي جي سکيا ڪنھن کان ورتي؟

امجد ميراڻي: موسيقيءَ کي مان ايترو خاص ڪون ڄاڻان، ٿوڙي گھڻي شين جي بس خبر آھي، جيڪا ٻڌي ٻڌي ئي سکي آھي، باقي ڪو پراپر استاد ڪون ڪيو اٿم، موسيقي ئي منھنجي استاد آھي!

مھراڻ سنڌي: کائڻ ۾ وڌيڪ ڇا پسند ڪندا آھيو؟

امجد ميراڻي: سنڌي کاڌا وڌيڪ پسند آھن، سنڌي پلاءِ، پلي، ساڳ، وغيرہ باقي فاسٽ فوڊ بہ وقت ۽ اويليبلٽي موجب.

مھراڻ سنڌي: عورت اوھان جي نظر ۾؟

امجد ميراڻي: عورت دنيا جي گيت جي ھڪ خوبصورت ڌُن آھي، جنھن بنا گيت اڻپورو آھي. عورت لطيف جي شاعريءَ جو ٿنبو آھي، ڀٽائيءَ کان وڌيڪ ڪوئي بہ عورت جي وصف کي بھتر نموني نٿو بيان ڪري سگھي. عورت ڏاھپ ۽ طاقت جو وڻ آھي. عورت سسئي سندو عشق ۽ جذبو آھي.

مھراڻ سنڌي: موسيقي اوھان جي نظر ۾؟

امجد ميراڻي: موسيقي ھڪ ڪائناتي ٻولي آھي، زندگي جو وڏي ۾ وڏو ايڪسپريشن موسيقي ۾ سمايل آھي، ھڪ ساٿي جي حيثيت سان ڪم ڪندي آھي، منھنجي لاءِ رمانس، عبادت ۽ قلب جي گھرج آھي. بيساھ ماڻھو کي اتساھ ڏيڻ جو فن بہ موسيقي وٽ آھي.

مھراڻ سنڌي: سنڌ ميوزڪ جو حوالي سان تمام گهڻو پوئتي ڇو آھي؟

امجد ميراڻي: نئين ميوزڪ/ نوان گانا گھٽ تعداد ۾ ٿا ٺھن، نوان آرٽسٽ گھٽ ٿا اڳيان اچن، نئون ميوزڪ نہ ٺھڻ جو ڪارڻ اھو آھي تہ اھڙو ڪو پليٽفارم ڪونھي جتي آرٽسٽ کي سڀ سھولتون ڏنيون وڃن، ھتي آرٽسٽن کي بجيٽ جا مسئلا ٿين ٿا، ڪيئي موسيقي اڌ ۾ ڇڏي جوب جي پٺيان لڳي ويندا آھن ڪيئي ھار مڃين ڪجھ ٻيو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا آھن. ھيءَ روز جي زندگي جيڪا پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿي جيئجي، ان ۾ ڪيترو ئي ٽيلينٽ بُک جي باھ ۾ گم ٿي وڃي ٿو، باقي سنڌ جي فوڪ ۽ صوفي ميوزڪ الاھي رِچ آھي جيڪا ڪڏھن بہ ختم نہ ٿيندڙ آھي.

مھراڻ سنڌي: ڇا توھان ممتاز مولائي کي قومي فنڪار ۽ وحيد ھڪڙو کي قومي شاعر سمجھو ٿا، جن کي 2018ع ۾ انھن ايوارڊن سان نوازيو ويو؟

امجد ميراڻي: قومي راڳي يا قومي شاعر اھو ھوندو آ جيڪو قوم جي ٻوساٽيل آواز کي پنھنجي فن سان ريپريزنٽ ڪري، ٻولي، ثقافت، تھذيب ۽ تاريخ کي ريپريزنٽ ڪري، تہ منھنجي خيال ۾ اھو غلط ئي آھي جو مولائي ۽ وحيد ھڪڙو قومي راڳي ۽ قومي شاعر جو ايوارڊ مليو آھي.

مھراڻ سنڌي: پايان بوسڪي جا جوڙا، ڪارو وڳو لھي ئي نٿو، لاڪيٽ لکن وارا، مان خانداني ماڻھو جھڙن ڪلامن بابت اوھان جو ڇا چوڻ آھي؟

امجد ميراڻي: اھا عوامي شاعري آھي، جنھن کي ڳوٺن ۾ گھڻو ٻڌو ۽ سمجھو وڃي ٿو، سادي شاعري ۽ سادي گفتگو جي ڪري. ته مان انھن ماڻھن جي ٽيسٽ کي غلط ڪونہ چوندم باقي اھڙي قسم جي ميوزڪ کي مان ناھيان ٻڌنڌو مونکي ناھي پسند!

مھراڻ سنڌي: توھان کي جيڪڏھن موقعو ملي تہ ڇا توھان سنڌ سرڪار لاءِ ڪلام ڳائيندو؟

امجد ميراڻي: سنڌ جي موجودہ حڪومت مان متاثر ڪونہ آھيان، ان جي ڪري حڪومت لاءِ تعريفي ڪلام نٿو ڳائي سگھان.

مھراڻ سنڌي: سنڌ کي مستقبل ۾ ڪيئن ڏسڻ ٿا چاھيو؟

امجد ميراڻي: مستقبل ۾ سنڌ کي ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي ھٿن مان نڪرندي ڏسڻ چاھيان ٿو. تعليم، شعور ۽ فن جي دنيا ۾ بہ اڳتي ڏسڻ چاھيان ٿو، سنڌ کي ايندڙ وقت اوترو ئي جديد ٿيندي ڏسڻ چاھيان ٿو جيترو اڄ کان پنج ھزار سال پھرين ھئي.

امُن جي گُلن ٽِڙڻ جي اميد! ـ حسنين سولنگي

اڄُ اداسيءَ ۽ غمگينيءَ جي بي ڪنار سمنڊ منجھ سندس لاحد گھرائيءَ منجھ ٻُڏندي ذھن بلڪل مائوف ٿي ويو اٿم پر سوچن جي کاري پاڻيءَ واري سمنڊ جون قھري ۽ ظالم لَھرون دماغ جي زرخيز حصي کي ڳِڙڪائيندي والاريو پيون اچن. ذھن ۾ غمگين اداسيءَ ۽ پريشانين سبب اڻکُٽ تعداد ۾ سوچن جا ائٽم بم ڦاٽي رھيا آھن ۽ مون وٽ اڄُ ڳري پاڻيءَ جا ڪي ٻہ ٽي قطرا بہ اڻلڀ آھن جيڪي ذھن جي ڌرتيءَ منجھ جذب ٿي سوچن جي ائٽم بمن جي اثر کي جھڪو ڪري منھنجي درد ۽ اداسيءَ منجھ ڪا اوڻائي آڻين. پر اڄُ ائين محسوس ٿو ٿئيم تہ سقراط، افلاطون، ارسطو, ٽالسٽائي، وسڪي، سارتر، جبران، فينن، ڪاميو، فالڪنر ۽ چومسڪي وغيره بہ ڳري پاڻيءَ جا پئسفڪ سمنڊ جيڏا ذخيرہ بڻجي بہ سوچن ۽ اُداسين جي ائٽم بم جي اثر ۽ درد کي جھڪو ڪين ڪري سگھندا پر شايد منھنجي اداسيءَ ، سوچ ۽ غم کي ڏسي ھميشه جيان پاڻ سوچڻھار بڻجي ڪا پُردرد تخليق ۽ اميدي سرجي وٺن.

اڄُ لائبريري ۾ ويٺي سامھون ڊيل ڪارنيگي جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل ڪتابڙي`پریشان ہونا چھوڑیئے` جو ٽائٽل `پریشان ہونا چاہیے` معلوم ٿو ٿئيم.

پريشاني ۽ اداسي طاري ڇو نہ ٿئيم جڏھن `محبت` لفظ جو سفر چَپن جي لرزش کان فقط ڪَن جي اندرئين پردي ۾ لرزش پيدا ڪري پنھنجو وجود وڃائي ويھڻ تائين محدود ھجي. جڏھن دنيا ۾ ھر طرف جنگ جي اعلانن جي آوازن جي گونج ڪَنن ۾ بار بار گونجندي، دِلِ جي آريڪلس ۽ وينٽريڪلس کي خوف ۾ جڪيڙيو ڇڏي تہ امن ڏسڻ جي پُراميد اڃايل ويرانڻين اکين منجھان ڳوڙھن جا سمنڊ قطارن صورت ڪيئن نہ وھَندا ۽ ڳل آلڙا ڪيئن نہ ٿيندا.

جڏھن پکيئڙا ھن فِضا منجھ اُڏامندي چؤطرف نفرتن جا وڻ وڌندي ڏسن ۽ کين سندن معصوم جان ۽ پياري ساھَ جو خوف ھُجي ۽ اھي مائرن کي سندن اکين ٺار پيارن پُٽن کي موڙَ ٻَڌل ۽ ھٿڙا مينڌيءَ رڱيل بجاءِ ڪفن منجھ ويڙھيل، رَت ۾ ٻُڏل ڏسندي، سندن جيجلن جون عرش ڏڪائيندڙ آھون ٻُڌن تہ اھي ڪيئن پنھنجون مٺڙيون لاتيون لَنوڻ تي پاڻ آمادہ ٿي سگھندا ۽ دِلِ منجھ درد جو طوفان ڇو نہ برپا ٿيندو. جڏھن غريب ماڻھن کان سندن رحمدل ۽ ٻاجھاري خدا جو ڏنل جيئڻ جو حق بي گناھ کسيو وڃي، جڏھن قومن جي حقن تي ڌاڙا ھجن ۽ ساڻن ظلم جي انتها ھجي ۽ حق لاءِ اٿجندڙ آوازَ دٻائڻ جون سازشون ڪيون وڃن ۽ سندن سينو گولين سان پروڻ ڪيو وڃي تہ دانھون ڪيئن نہ نڪرنديون، مظلوم آھون ڪيئن نہ عَرش ڏارينديون ۽ اداسي ڪيئن نہ طاري ٿيندي ۽ مُرڪي ڪيئن سگھبو؟؟

سَچُ پڇيو وڃي تہ اڄُ جڏھن محبتون فقط پُراڻي وقت جون رشڪ ڀريون يادون بڻجي ويون آهن، جڏھن دنيا ۾ پيار، امُن، سڪون ۽ ڀائيچارو صرف خوابن ۽ خيالن ۾ پَسي سگهجي ٿو، پيار ڀريا تسڪينِ روح بخش لفظ ۽ احساس زبان تي اُچارجڻ ئي اوکا ٿي ويا آهن ۽ فقط ڪتابن منجھ پنھنجي گمناميءَ ۽ فَنا جو ماتم ڪن ٿا تہ سوچن جا ائٽم بم روح کي انتهائي ڏکارو بڻائي دل جي سرسبز ڌرتيءَ کي ويران ڪريو ٿا ڇڏن تہ جا مرُڪ چھري تي ھروقت پئي ڏسبي هئي، سا ٻيھر مُنھن تي سجڻ جا آثار ئي ظاھر ڪين ٿا اچن ۽ چَھري تي محبت ۽ امُن جا پُرسُڳنڌ گُلَ ڪومائجندي مرجھائجيو ٿا وڃن.

ڪارل ساگان منھنجا سائين تو پنھنجي ڪتاب `Cosmos` ۾ چيو ھو تہ ھن ڪائنات ۾ موجود ٻين گِرھن تي اندازي موجب موجود مخلوق ضرور اسان کان گھڻو پوئتي ھوندي جي ائين نہ ھجي ھا تہ ائين ھِن وقت تائين اسان زمين جي رھواسين کي ڳولھي وٺن ھان، جي تنھنجو اندازو ۽ ڳالھ درست آھي تہ اي ساگان! اچ تہ تنھنجي ٻُڌايل انھن گِرھن جي خلق سان پنھنجو ناتو جوڙيون ڇو تہ اھي اسان کان پوئين دور ۾ آھن، انھن وٽ ضرور محبت، امُن ۽ ڀائيچارو ھوندو ۽ اتي پاڻ محبتي سڪون ماڻينداسين ۽ ٻي صورت چَھري تي مرجھائجيل گُلن ڦُلن منجھ وري تازگي ۽ ڪوملتا تڏھن ئي نظر ايندي ۽ تڏهن ئي اُھي گُلَ ڦُل وري ڦُٽي ٽِڙڻُ شروع ڪندا جڏھن ھن جنگ ڀري نفرتي دنيا منجھ امُن جا پُرسُڳنڌ گُلَ ڦُٽي ٽِڙڻُ شروع ڪندا ۽

فضا کي امُن جي سُڳنڌ سان واسيندا

فضا کي امُن جي سُڳنڌ سان واسيندا.