Friday, January 12, 2024

امُن جي گُلن ٽِڙڻ جي اميد! ـ حسنين سولنگي

اڄُ اداسيءَ ۽ غمگينيءَ جي بي ڪنار سمنڊ منجھ سندس لاحد گھرائيءَ منجھ ٻُڏندي ذھن بلڪل مائوف ٿي ويو اٿم پر سوچن جي کاري پاڻيءَ واري سمنڊ جون قھري ۽ ظالم لَھرون دماغ جي زرخيز حصي کي ڳِڙڪائيندي والاريو پيون اچن. ذھن ۾ غمگين اداسيءَ ۽ پريشانين سبب اڻکُٽ تعداد ۾ سوچن جا ائٽم بم ڦاٽي رھيا آھن ۽ مون وٽ اڄُ ڳري پاڻيءَ جا ڪي ٻہ ٽي قطرا بہ اڻلڀ آھن جيڪي ذھن جي ڌرتيءَ منجھ جذب ٿي سوچن جي ائٽم بمن جي اثر کي جھڪو ڪري منھنجي درد ۽ اداسيءَ منجھ ڪا اوڻائي آڻين. پر اڄُ ائين محسوس ٿو ٿئيم تہ سقراط، افلاطون، ارسطو, ٽالسٽائي، وسڪي، سارتر، جبران، فينن، ڪاميو، فالڪنر ۽ چومسڪي وغيره بہ ڳري پاڻيءَ جا پئسفڪ سمنڊ جيڏا ذخيرہ بڻجي بہ سوچن ۽ اُداسين جي ائٽم بم جي اثر ۽ درد کي جھڪو ڪين ڪري سگھندا پر شايد منھنجي اداسيءَ ، سوچ ۽ غم کي ڏسي ھميشه جيان پاڻ سوچڻھار بڻجي ڪا پُردرد تخليق ۽ اميدي سرجي وٺن.

اڄُ لائبريري ۾ ويٺي سامھون ڊيل ڪارنيگي جي ڪتاب تان ترجمو ڪيل ڪتابڙي`پریشان ہونا چھوڑیئے` جو ٽائٽل `پریشان ہونا چاہیے` معلوم ٿو ٿئيم.

پريشاني ۽ اداسي طاري ڇو نہ ٿئيم جڏھن `محبت` لفظ جو سفر چَپن جي لرزش کان فقط ڪَن جي اندرئين پردي ۾ لرزش پيدا ڪري پنھنجو وجود وڃائي ويھڻ تائين محدود ھجي. جڏھن دنيا ۾ ھر طرف جنگ جي اعلانن جي آوازن جي گونج ڪَنن ۾ بار بار گونجندي، دِلِ جي آريڪلس ۽ وينٽريڪلس کي خوف ۾ جڪيڙيو ڇڏي تہ امن ڏسڻ جي پُراميد اڃايل ويرانڻين اکين منجھان ڳوڙھن جا سمنڊ قطارن صورت ڪيئن نہ وھَندا ۽ ڳل آلڙا ڪيئن نہ ٿيندا.

جڏھن پکيئڙا ھن فِضا منجھ اُڏامندي چؤطرف نفرتن جا وڻ وڌندي ڏسن ۽ کين سندن معصوم جان ۽ پياري ساھَ جو خوف ھُجي ۽ اھي مائرن کي سندن اکين ٺار پيارن پُٽن کي موڙَ ٻَڌل ۽ ھٿڙا مينڌيءَ رڱيل بجاءِ ڪفن منجھ ويڙھيل، رَت ۾ ٻُڏل ڏسندي، سندن جيجلن جون عرش ڏڪائيندڙ آھون ٻُڌن تہ اھي ڪيئن پنھنجون مٺڙيون لاتيون لَنوڻ تي پاڻ آمادہ ٿي سگھندا ۽ دِلِ منجھ درد جو طوفان ڇو نہ برپا ٿيندو. جڏھن غريب ماڻھن کان سندن رحمدل ۽ ٻاجھاري خدا جو ڏنل جيئڻ جو حق بي گناھ کسيو وڃي، جڏھن قومن جي حقن تي ڌاڙا ھجن ۽ ساڻن ظلم جي انتها ھجي ۽ حق لاءِ اٿجندڙ آوازَ دٻائڻ جون سازشون ڪيون وڃن ۽ سندن سينو گولين سان پروڻ ڪيو وڃي تہ دانھون ڪيئن نہ نڪرنديون، مظلوم آھون ڪيئن نہ عَرش ڏارينديون ۽ اداسي ڪيئن نہ طاري ٿيندي ۽ مُرڪي ڪيئن سگھبو؟؟

سَچُ پڇيو وڃي تہ اڄُ جڏھن محبتون فقط پُراڻي وقت جون رشڪ ڀريون يادون بڻجي ويون آهن، جڏھن دنيا ۾ پيار، امُن، سڪون ۽ ڀائيچارو صرف خوابن ۽ خيالن ۾ پَسي سگهجي ٿو، پيار ڀريا تسڪينِ روح بخش لفظ ۽ احساس زبان تي اُچارجڻ ئي اوکا ٿي ويا آهن ۽ فقط ڪتابن منجھ پنھنجي گمناميءَ ۽ فَنا جو ماتم ڪن ٿا تہ سوچن جا ائٽم بم روح کي انتهائي ڏکارو بڻائي دل جي سرسبز ڌرتيءَ کي ويران ڪريو ٿا ڇڏن تہ جا مرُڪ چھري تي ھروقت پئي ڏسبي هئي، سا ٻيھر مُنھن تي سجڻ جا آثار ئي ظاھر ڪين ٿا اچن ۽ چَھري تي محبت ۽ امُن جا پُرسُڳنڌ گُلَ ڪومائجندي مرجھائجيو ٿا وڃن.

ڪارل ساگان منھنجا سائين تو پنھنجي ڪتاب `Cosmos` ۾ چيو ھو تہ ھن ڪائنات ۾ موجود ٻين گِرھن تي اندازي موجب موجود مخلوق ضرور اسان کان گھڻو پوئتي ھوندي جي ائين نہ ھجي ھا تہ ائين ھِن وقت تائين اسان زمين جي رھواسين کي ڳولھي وٺن ھان، جي تنھنجو اندازو ۽ ڳالھ درست آھي تہ اي ساگان! اچ تہ تنھنجي ٻُڌايل انھن گِرھن جي خلق سان پنھنجو ناتو جوڙيون ڇو تہ اھي اسان کان پوئين دور ۾ آھن، انھن وٽ ضرور محبت، امُن ۽ ڀائيچارو ھوندو ۽ اتي پاڻ محبتي سڪون ماڻينداسين ۽ ٻي صورت چَھري تي مرجھائجيل گُلن ڦُلن منجھ وري تازگي ۽ ڪوملتا تڏھن ئي نظر ايندي ۽ تڏهن ئي اُھي گُلَ ڦُل وري ڦُٽي ٽِڙڻُ شروع ڪندا جڏھن ھن جنگ ڀري نفرتي دنيا منجھ امُن جا پُرسُڳنڌ گُلَ ڦُٽي ٽِڙڻُ شروع ڪندا ۽

فضا کي امُن جي سُڳنڌ سان واسيندا

فضا کي امُن جي سُڳنڌ سان واسيندا.

No comments:

Post a Comment