دلين تي راڄ ـ ڄام صنم سنڌي

اھو سچ آھي تہ سٺا ۽ ڪنا ماڻھو ھر قوم ۾ ھوندا آھن، پر جڏھن ڪنھن قوم ۾ ڪنا ماڻھو وڌي وڃن تہ اھي ٻين قومن کي حقير سمجھي انھن تي ھلان ڪندي دير ناھن ڪندا ۽ اھا آڪڙ ۾ ڪيل تخريب تباھيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجھ بہ ناھي ڪندي، اھڙي ماحول ۾ سٺن جو ڪم اھو ناھي تہ ھُو ھٿ ھٿ تي رکي ماٺ ڪري ويھي رھن ۽ ڪنا سندن تي حاوي ٿي پنھنجو تسلط وڌائيندا وڃن، ھڪ حساس دل قلمڪار ھجڻ ڪري مون کي ھٿيار، بم، بارود ۽ جنگ وجدل کان سخت بڇان آھي پر بڇان يا نفرت ھجڻ ۽ ڪانئرپڻي ۾ وڏو فرق آھي، ڪڏھن ڪڏھن انھن کي بہ ھٿيار کڻڻا پوندا آھن جن جي ھٿن جي زينت قلم ۽ ڪتاب ھوندو آھي پر ضروري ناھي تہ ھر جنگ ھٿيارن سان وڙھي ۽ گولين سان کٽي وڃي منھنجي نظر ۾ ڪنھن بہ محاذ جو آخري ۽ اڻ ٽر حل اھا جنگ ھوندي آھي جيڪا جان جوکم ۾ وجھي نہ تہ فتحياب ٿيڻ لاءِ ٻيون بہ گھڻيون راھون ۽ ميدان موجود ھوندا آھن علم، ادب، اخلاق ڪردار، تھذيب، تمدن، فڪر، نظرئي ۽ قومي اتحاد جي محاذ تان جيڪڏھن اھڙيون جنگيون وڙھبيون تہ اھي جٽادار فتح ضرور ماڻيديون جن جا اثر ڪئي صديون پڻ قائم رھندا. سنڌ ۽ سنڌين جي امن پسندي ۽ ڀائيچاري کان مھمان نوازي ۽ فراخدليءَ تائين کين ھر ڪو سدائين ساراھيندو ۽ مڃيندو رھيو آھي پر سندن انھن سٺائين جو غلط فائدو بہ ھر ڪو وٺندو رھيو آھي، جيڪو اخلاقي لحاظ سان ڪريل حرڪتن ۾ شمار ٿئي ٿو پنھنجي قومي خوبين ۽ خصلتن کي قائم رکندي انھن جو ناجائز فائدو وٺڻ وارن سان جيسين اسين مدمقابل نہ ٿينداسين تيسين ھُو اسانجي خوبين کي خامي خصلتن کي ڪوتاھي ۽ شرافت کي ڪمزوري سمجھي اسان تي حاڪميت جو حق جتائيندا ۽ اسان جي ڌرتي تي مالڪي جا خواب ڏسندا ۽ اسان جي وسيلن ۾ حصيداري جي دعويٰ ڪندا رھندا.

فرانس جو شھزادو پنھنجي ٻگھي ڊوڙائيندو پي ويو تہ غريب لوھار جو پٽ سندس ٻگھيءَ ھيٺان اچي چيڀاٽجي ويو شھزادي ٻگھيءَ تان لھي سندس لاش تي صرف ان ڪري چھبڪ وسايا جو غريب جي پٽ جي رت سان سندس ٻگھيءَ جا ڦيٿا خراب ٿي ويا ھئا. ان مظلوم لوھار پنھنجي پٽ جا رت ھڻا ڪپڙا جھنڊو بنائي جھولايا ۽ پوءِ عوام جي اتحاد فرانس ۾ انقلاب جو نئون سج اڀاريو جنھن فرانس کي طاقتور ۽ ترقي يافتہ ملڪ بنائي اھو پيغام دنيا کي ڏنو تہ جيسين قوم متحد ناھي ٿيندي تيسين ڪا بہ تبديلي، ڪو بہ بدلاءُ يا ڪو بہ انقلاب ناھي ايندو چوندا آھن زمين کي پاڻي ۽ وطن کي رت جي ضرورت ھوندي آھي اسين وطن لاءِ رت نٿا ڏيون تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس بقا ۽ سالميت لاءِ فڪري، نظرياتي انقلاب تہ ضرور آڻي ٿا سگھون ڪنھن بہ برائي کان بغاوت ھميشہ اھي ئي ڪندا آھن جيڪي حلال ۽ حرام جي، بري ۽ ڀلي جي، حق ۽ ناحق جي سڃاڻ رکندا ۽ غدارن، ظالمن، غاصبن ۽ قابضن کي مٽائڻ چاھيندا آھن. اسان جي معصوميت جو فائدو وٺندي محڪوم ۽ مزدور بنجي آيل اڄ جڏھن اسان جي وطن تي مالڪي ۽ وارثيءَ جا دعويدار بنجي ھتي واپار بجاءِ سياست ڪرڻ لڳا آھن ۽ اسين سندن ھر حرڪت تي چپ جو روزو رکي يا وري نالي ماتر نعرا ھڻي ماٺ ٿي ويندا آھيون ڇو تہ اسان حقيقي انقلاب جو اڃان مطلب ئي سمجھي ناھيون سگھيا انقلاب رڳو اڳواڻ يا بادشاھ ناھن آڻيندا اصل انقلاب عوام آڻيندو آھي ڇو تہ بادشاھ اھو ناھي ھوندو جنھن جي مٿي تي تاج ھجي بلڪہ حقيقي بادشاھ اھو ھوندو آھي، جنھن جو دلين تي راڄ ھجي ۽ اھو راڄ جدوجھد ۽ سچي جاکوڙ کانسواءِ ملڻ ناممڪن آھي امرتا پريتم تمام وڏي ليکڪا آھي مون کي سندس کوڙ ڳالھيون زندگيءَ جي ويجھڙائيءَ واري مشاھدي سبب سٺيون لڳنديون آھن پر سندس ڳالھ سان مان متفق ناھيان ھوءَ چوي ٿي تہ ”ليکڪ جي قسمت ۾ شايد پنھنجي لاءِ ڪجھ بہ نہ ھوندو آھي“ مان سمجھان ٿي تہ ليکڪ لاءِ اھو ئي گھٽ ناھي تہ ھو واٽ ڏيکاريندڙ، رھنمائي ڪندڙ، اتساھ ڏيندڙ، لفظن سان جذبن ۾ جوش پيدا ڪندڙ ۽ لکڻين ذريعي ماڻھن ۾ نئون روح ڦوڪيندڙ رھبر وارو ڪردار ادا ڪري مرڻ کانپوءِ بہ مسيحا بنجي صدين تائين جيئندو ٿو رھي اھا وڏي شاندار فتح، لازوال عزت ۽ بي مثال دولت آھي. جيڪا صرف ھڪ ليکڪ جي حصي ۾ اچي ٿي پوءِ چاھي اھو غريب ھجي يا امير، پر سندس سچو قلم ۽ غير مشروط تحريرون ھڪ نئين تاريخ رقم ڪنديون آھن، اھو قوم جو فرض ھوندو آھي تہ انھن لکڻين مان ڪيئن، ڪھڙو ۽ ڪيترو لاڀ پرائي ڪھڙي محاذ تي ٿي پاڻ کي فاتح ثابت ڪري.

Previous Post Next Post