ملڪ جي تاريخ ۾ ٿيل چونڊون ٿوري گھڻي فرق سان ڊوهه
۽ ڌانڌلي جي ڊرامي جي هڪ نئين قسط طور ظاهر ٿينديون آهن. 8 فيبروري تي اهڙي ئي هڪ
قسط پوري ٿي پر حڪمران پارٽي بلاڪ ۽ وزيراعظم جي چونڊ تاحال ڪونه ٿي سگهي آهي.
ڇاڪاڻ ته روڊ تي لٺ کائڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ نوجوانن، پولنگ بوٿ ۾ آزاد اميدوارن کي
ووٽ ڏئي ن ليگ ۽ پي پي جي رنگ ۾ ڀنگ ملائي ڇڏي آهي. اسٽيبشمينٽ جي رڌڻي ۾ رولو جي
ڊي اي جي جلسي کانوٺي پنڊي جي ڪمشنر تائين، هاڻ روز نون ڪردارن سان پئي ظاهر
ٿيندو. ان سموري مٿاڇري بي يقيني باوجود هڪ سياسي معاشي جنگ آهي جيڪا رياست، عوام مٿان
هڪ نه ٻي صورت ۾ بنا ڪنھن بريڪ جي جاري رکيون پئي اچي. نگران حڪومت ذريعي محڪوم
قومن جي وسيلن ۽ زمينن کي تين وال ڪرڻ ، گيس جي قيمتن ۾ تازو 45 سيڪڙو اضافو ۽
مهانگائي ڪري عام جي کيسي مان پيسو ڪڍي اڃا اميرن کي نوازڻ ۽ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي
گم ڪرڻ، ڌمڪائڻ ۽ آخر ۾ مارڻ واري پنوشي پاليسيءَ ۾ ڪو فرق ڪونھي. 10 فيبروري تي اين ڊي ايم اڳواڻ مُحسن داوڙ کي رياستي
ادارن جي فائرنگ ۾ زخمي ڪيو ويو، جڏهن هو چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪري رهيو هو.
16 فيبروري
تي پختونخواهه ۾ مزدور ڪسان پارٽي جي اڳواڻ سالار فياض تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو
جنهن ۾ هو بچي ويو ۽ ساڳي ڏينهن نصيرآباد ۾ قومپرست سياسي ڪارڪن ۽ هڪ استاد سائين
هدايت لوهر کي سندس ئي پاڙي ۾ اسڪول ويندي قتل ڪيو ويو. اهو ئي رياست جو ننگو پڻو
آهي ۽ اها ئي ان جي ڪمزوري آهي. اسانجي قومپرستن جو عام بيانيو اهو آهي ته پاڪستان
جي رياست غير فطري ۽ ناڪام رياست آهي پر اسان چئون ٿا فطري رياستون هڪ ڏندڪٿا آهي.
هوئين ته فطرت جي دائري کان ڪا شئي ٻاهر ڪونهي پر فطرت ۾ رياست تڏهن نظر ٿي اچي
جڏهن سماج جي اوسر، طبقاتي ورهاست، ذهني ۽ جسماني پورهيي جي ڌار ٿيڻ ۽ ويڳاڻپ جي
صورت ۾ ظاهر ٿي. ۽ ائين رياست اوسيتائين هوندي جسيتائين ان جي هوند جا اِهي سماجي
شرط موجود رهندا. تيستائين بس رياست جون صورتون تبديل ٿينديون رهنديون. ٽين دنيا
اندر ۾ جديد رياستن جي جوڙجڪ سامراجي قبضي يا بيٺڪيتي دور دوران ٿي، جنهن جي نتيجي
۾ اُهي مقامي ماڻهن، عوام يا سماج جي بدران عالمي بيٺڪي قوتن جي مفادن جي تحفظ جا
ادارا ٿي ظاهر ٿيا. ان معني ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته پاڪستان هڪ ڪامياب رياست آهي، جيڪا
اڄ سوڌي پنهنجي جنم جي سامراجي ڪارج کي پاڻي ڏيندي پئي اچي. جنهن کي حمزه علوي
تهان اُسريل رياست (overdeveloped) سڏيو. پر اها اُسريل رياست هاڻ ڪمزور آهي. ان جي
ڪمزوري ۽ جبر جي ننگي پڻي جو پاڻ ۾ سڌو لاڳاپو آهي. پشتونخواهه ۾ منظور پشتين ۽
بلوچستان ۾ مهرنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ هلندڙ عوامي تحريڪون ۽ سنڌ ۾ سورٺ ۽ سسئي جون
دانهون ان رياست تي عوام جون ايف آئي آرون آهن. ان ايف آئي آر تي عمل صرف عوامي
عدالت جي فيصلي سان ئي ٿي سگهي ٿو ۽ اها عوامي عدالت ڪيئن لڳندي؟ جو جواب آهي جڏهن
رياست جي بيٺڪي بيهڪ جو خاتمو ٿيندو، جڏهن عام ماڻهو پنهنجي محنت ۽ تاريخي ميراث
جو مالڪ ٿيندو. اها عدالت ڪڏهن لڳندي ؟جو جواب ڪنهن وٽ ڪونهي. سائين جي ايم سيد ته
چوندو هو ته ”جي قيام مِڙن، ته ڪر اوڏا سُپرين“. سو اسان جي وس ۾ سُڀاڻ جي ان
عدالت لاءِ اڄ جون ڪوششون ئي آهن. اُهي ڪوششون فورمن کان مٿڀرو ٿي ڪجهه پري تائين
ڏسڻ، سمجهڻ ۽ ان حساب نين صف بندين جي نينڍ ضرور ڏين ٿيون.
هدايت وارو آهنگر:
پيبلو نرودا چيو هو توهان گُل پَٽي سگهو ٿا پر
توهان بهار کي اچڻ کان نه ٿا روڪي سگهو. هاڻ بهار هلي پئي پر اُن ڪليون ڪونه
آنديون آهن پر پُٽن، ابن جا لاشا آڻي ڏنا آهن. اربع ڏينهن ننگر چني لطيف جي هڪ بيت
سان صبح جو سلام واٽس ايپ ڪيو
پِر ۾ پچي پرينءَ کي، مري نه ڄاتوءِ
موتو مُنڌ نه سوءِ، ڪنڌ ڪُڄاڙِيان ڪاٽئين
جمع ڏينهن صبح جو هدايت لوهار کي قتل ڪيو ويو.
ڇنڇر ڏينهن مون ساڳو بيت هدايت لوهار کي ڀيٽا ڏيندي ننگر کي موڪلي، شام جو سلام
ڪيو. سائين هدايت سياسي سوالن تي ڪڏهن ڪڏهن جذباتي ٿيندو هو پر عام حالتن ۾
ماٺيڻو، سادو، سدائين مشڪندڙ ماڻهو هو. هن جي اُٿڻي ويهڻي، پيار ۽ پاٻوهه مان سڄو
شهر ۽ سنڌ جا ڪيترائي سياسي ڪارڪن پنهنجي روح ۽ خيال جي خالي کيسي کي ڀرييندا ها.
(ايم آرڊي جهڙي) سياسي تحريڪن جي اُڀار ۾ هر شهر اندر اهڙا ٿاڪ هيا جيڪي سياسي
ڪارڪنن جي ويهڪن سبب نالي چڙهيا.تحريڪون پسپا ٿيون ۽ ضياءُ دور ۾ هوٽل ۽ عام جايون
”هتي سياسي گفتگو ڪرن منع آهي“ جي سٽن سان سٿجي ويون. پر ”نجاست ناهه ڪري انھن جي
اوطاق“ مصداق ڪي پراڻيون جايون بچي ويون ته ڪي نيون نِسري آيون. نصيرآباد شهر ۾
ٻين هنڌن سان گڏ اهڙي ئي هڪ جاءِ محمد هاشم لوهرجو دُڪان هو.
ڪٽ ڪڙهي لوهه ٻري، ڌوڌا جت ڌڳن
مُترڪن منهن ڪڍيا، سانداڻيون سنڪن
اڄ پِڻ آڳڙين، ميڙو آهي مچ تي.
لطيف
دڪان وڏو هو. ٻاهر لوهارڪو ڪم ٿيندو هو پوءِ هڪ
هال هوندو هو ۽ ان کانپوءِ هڪ وڏو ڪمرو. شهر ۾ ڪنهن جو به ڪم هجي سو ٿڪجي اچي اتي
ٿائينڪو ٿيندو هو. سڄي سنڌ منجهان سياسي خاص طور قومپرست ڪارڪن ڪنهن ڏانهن به اچن
پر انهن جي خدمت ۽ ساڻن ڪچهري اِتي ئي ٿيندي هُئي.لوهارڪي دُڪان جو سياسي ٿاڪ ۾
بدلاءُ، سندس وڏي پُٽ هدايت لوهر جي ڪري هو جيڪو پاڻ سياسي ڪارڪن هو ۽ پنهنجي پيءَ
سان لوهارڪي ڪم ۾ پِڻ هٿ ونڊائيندو هو.
ديک ڪي آهن گر ڪي دُڪان مين
تُند هين شعلي، سُرخ هي آهن
کُلني لگي قفلون ڪي دهاني
ڦيلا هي اڪ زنجير کا دامن...فيض
سائين هدايت پيشي جي لحاظ کان استاد هو. سائين
هاشم جيڪڏهن پاڻ جانڻ چن جو فقير هو ۽ سدائين گيڙو لباس ۾ هوندو هو ته سائين جي
ايم سيد ۽ قومپرست سياست وري هدايت لوهر جو پهرڻ ۽ اوڍڻ ٿي پيو. 1998ع ڌاري جڏهن
مجتبي راشدي جو ڪتاب ”خدا، انسان ۽ جبلت“ ڇپجي پڌرو ٿيو هو تڏهن اسان سڀ ان تي
اسٽڊي سرڪل سائين هدايت جي ان دُڪان ۾ ئي هلائيندا هياسين. اهو دور کاٻي ڌُر ۽ خاص
طور قومپرست سياست اندر ٽوڙ ڦوڙ جو دور هيو. ڪنهن جدلي رشتي بدران نج قانوني ۽ نج
غير قانوني رستن جي فرق تي زور وڌندو ويو.
اهو بحث هن مضمون جو متن ڪونهي ته اڄ جي ڊي اي جي
صورت ۾ پنهنجي سياست منجهان سامراج ۽ نظام جي سوال گم ڪندڙ ، ساڳي رياست سان
وفاداريون پيش ڪندڙ سنڌ جي جاگيردار قومپرستي جي قانوني سياست وڌيڪ غلط آهي يا جي
ايم سيد جي اهنسا ۽ عوام جي پُرامن جدوجهد مان آسرو پلي، سامراج منجهان اميدون
رکندڙ قومپرست مزاحمتي غير قانوني سياست. پر ايترو سو ضرور آهي ته رياستي جبر
پنهنجي بدترين صورت ۾ ڏهاڪن کان پوئين ڌُر مٿان پيل آهي. سميع الله ڪلهوڙو، سرائي
قُربان کُهاوڙ ۽ روپلي چولياڻي واري وڏي لسٽ ۾ هاڻ هڪ نئون نالو سائين هدايت جو به
شامل ٿيو آهي. رياست انهن کي غدار چئي ٿي پر جڏهن رياست پاڻ عوام ۽ قوم دشمن هُجي
ته پوءِ حقيقي غداري رياست دوستي آهي. هدايت لوهر اهو ڏوهه پاڻ تي نه کنيو. 17
اپريل 2017ع تي سائين کي اسڪول منجهان کنڀي اڍائي سالن تائين جبري طور گم ڪيو ويو.
کيس پوئين سال نصيرآباد ٿاڻي ذريعي کڻي وري ڳجهن ادارن حوالي ڪيو ويو پر بروقت
عوامي احتجاج جي دٻاءُ ۾ کيس ڇڏيو ويو. کيس موتمار ڌمڪيون پوءِ به ملنديون رهيون
هيون. ان سموري جبر، تشدد ۽ دٻاءُ، سائين هدايت کي جسماني طور بيمار ڪري ڇڏيو هو
پر خيالن ۾ هي آهنگر آخر تائين کاهوڙي هو. سندس خواهش هُئي ته کيس سن شهر ۾ دفن
ڪيو وڃي. هن رياست جي مھرباني جو سائين هدايت کي”امر“ جو لقب ڏئي ان جي خواهش کي
پورو ڪيائين. سائين هدايت ته فيض جي هيٺيون سِٽون چوندي رمندو ويو ته
ميري چاره گر ڪو نويد هو، صفِ دشمنان ڪو خبر ڪرو
جو وه قرض رکتي ٿي جان پر، وه حساب آج چُڪا ديا
باقي اِها جنرل گريسي جي باقيات جي ڀُل آهي ته
سياسي ڪارڪنن کي مارڻ کانپوءِ سنڌ، بلوچستان وارا پير کڻندي ۽ پوءِ ان کي سڌي ريت
عسڪري رنگ ڍنگ ۾ هلائي سگهبو يا هدايت جي قتل جي خوف ۾ مينهن کانپوءِ کُنڀيون ڦُٽڻ
بند ٿي وينديون.
روڪ سڪو تو پهلي بارش ڪي بوندون ڪو تم روڪو
ڪچي مٽي تو مهڪيگي، هي مٽي ڪي مجبوري.