Monday, July 15, 2024

نِب ۡ نيڻن جيان رنو يارو ـ غزل ـ اشرف سولنگي

 

 

غزل 
نِب ۡ نيڻن جيان رنو يارو
نيرو سارو ٿيو پَنو يارو

خواب سَڀَئي سڙيا پئي اُس ۾
دل جو اُڊڙيل هيُو ڇَنو يارو

سجّ گرهڻ ايئن وتو جيئين
هوُ ڊڳڙ جو سڙيل ڪَنو يارو

لفظ پاڻيءَ جي وهڪري وانگي
خيال ٻارو ٻُڏل ٻَنو يارو

لڙڪ؛ کتري اَڇوت ڳلڙا هن
بي وَسين جو آ فلسفو يارو

چاندني جي آ رَسُ ڌرتي تي
چنڊ ؛ پيڙهيو مٺو ڳَنو يارو


ڇولي ڇولي غزل جي سٽ سٽ ۽
سمنڊ نيرو لکيل پَنو يارو



گيت

خواب رنگين حياتيء سان لڳايا هوندئي
رندگيء واري هندوري ۾ لُڏايا هوندئي

پنهنجي چولي تي سکي تانگھ سُئي ساڻ سٿين 
نانء منهنجي کي چُمي آس ٿي ڀرتن ۾ ڀرين
۽ ميارن جا تہ گل خوب قطاريا هوندئي

پيچ پوتي تي ڀري قرب ستارون ٿي چمين
رنگ پوپٽ جا کڻي چاھ سان ٽاڪي ٿي رکين
چئن ڪنڊن ۾ تہ سڀ قول سجايا هوندئي

تون خيالن جا پکي روز اُڏارين مون ڏي
ماٺ پٿرن جي ڀڃين ۽ ٿي پُڪاري مون ڏي
رات ڀر سار جا ڏيئا ڪي جلايا هوندئي


 

 

غزل

توبن لڳي ٿو مونکي ڌاري آ زندگاني
ويندي وهي هٿن مان واري آ زندگاني

اچ پوک گل وصل جا مالهي خيال ٿيندا
تنها بدن جي خالي ٻاري آ زندگاني

اڄ عشق جي ڦٽي تي بازي لڳي آ دل جي
هن هار جيت وچ ۾ ثاري آ زندگاني

مريم جيان مٽا تون الزام اي خُدا يا
دنيا ڪيو تماشو ڪاري آ زندگاني

مون خواب پوکيا هن اُمّيد جي کجن جا
تو وٽ ڇو رنجشن جي آري آ زندگاني

سڏڪا ها نفرتن جا ۽ لڙڪ ڀي غُروري
هيڏي بہ ڪنهن کان ڪنهنجي عاري آ زندگاني

تاريخ جي اکين مان ٽيپا ڳڙيا لهوُ جا
بي داد سرحدن تي ماري آ زندگاني

جيڏو حسين جوڀن تيڏو ڊگهو وڇوڙو
اي وقت پو بہ توسان پاري آ زندگاني

 

 

غزل

انتظارن جي ٿي قطار رهي
ڇو حياتي ! ڊگهي ڄمار رهي

هر لهر جا سوين سوال اُٿيا
ڇو ؟ ڪنارو جواب دار رهي

مان وفا جو رکان ٿو ڳاٽ مٿي
ڀل انا جي تکي ترار رهي

آس پويان ڊڪي ڊڪي ٿڪجان
منتظر پوء بہ ٿي نهار رهي

منهنجي نيڻن جي ڇپر ڇانء هيٺان
لڙڪ ڪنهنجي جي ٿي مزار رهي

هڪ ڳڀي لاء امير جي در تي
ڪنهن نہ معصوم جي پڪار رهي

 

 

غزل 

سيڻ ڌاريا ۽ روڳ پنهنجو آ
لوڻ ٻُرڪي سو ڀوڳ پنهنجو آ

لُڙڪ ڳالهيون ڪَري ڪريا پٽ تي
قرب سُڏڪن جو سوڳ پنهنجو آ

سار تنهنجي ڪنار جيان کُپّي
ٿو ڪُري جسم دوڳ پنهنجو آ

ڇو پريشان ٿي ويا هاتڪ
ڌرتتي پنهنجي جوڳ پنهنجو آ

ڪو پڙھي ويندَئي اکين مان خط
رک لڪائي هي اوڳ پنهنجو آ

خبر ڪهڙي ڪڏهن لُٽي مونکي
پنهنجو گهر آ ۽ ٺوڳ پنهنجو آ

 


غزل

هر وير لڇي ٿي ٻڙڌول متو آ
اڄ چنڊ اُگهاڙو پاڻي ۾ لٿو آ

سارس ۽ ٻگهن کي موتين جو قدر ڇا 
ٿو هنج چڳي جو تنهنکي ئي پتو آ

پڇتاء جو شيشو ٿي ڀورَ پوندو
رک مرڪ چپن تي مون ڏي تہ سگهو آ

من لهر اَياڻي سڀ خواب تو ٻوڙيا
مان لاش ٿو ڳوليان ڪنهنجو نہ پتو آ

احساس جي ڳَلَ کي راڪاس ڇُهي ٿو
آڪاس ٿو تڙپي وشواس رنو آ

هڪ ميز تي آهيون آمهون ۽ تہ سامهون
نيڻن کي پتو آ مون ڇا نہ سٺو آ

 


غزل


نيڻن کي جاڳ جي لپاٽ آ
۽ ننڊ جو اداس ڳاٽ آ

هر؛ هَرُ اميد جو سڌو ڏجان
هر چيٽ چاھ جي ڪا جاٽ آ

خوابن جو ديس آ لٽي جيان
دنيا تہ ڌوٻين جو گهاٽ آ

توريت کي ڇڏيون يا زبورُ کي؟
انجيل جي ذهن کي ڇاٽ آ
 

هن وقت جي سفيد پوش تي
هر حرف پاڻ سُرُّ ٻاٽ آ

ھر گهاءُ ڀاءُ جيان رهيو اچي
هر لڙڪ منهنجو ڄڻ پڦاٽ آ

دل ؛ ٻار درد جو گُهري ڳڀو
پر آس وٽ اٽو نہ پاٽ آ

تنقيد جي انا ٽٽي پئي
هر لفظ شخص جي ڪ
ا لاٽ آ

 

 

غزل

هر آس بنان چولي هر راز اُ گهاڙو آ
ھر خواب ڏڪي سيءَ ۾ چادر جو نہ پاڙو آ

دنيا تہ خدا جوڙي پر پاڻ اڪيلا هون
ماحول سڄو فن جو سُرتال کان ٻاڙو آ

احساس جي پن پن تي گُنيات مڌل آھي
ٽالهيءَ جي وَرن تي ھُو ڳڻ چور ڪهاڙو آ

هڪ دم ۾ وڇولي جيان کل بت تان لهي ويندي
سنسار سڄو وحشي دشمن بہ تہ گهاڙو آ

هر ڪونج تمنا جي ياقوت چُڳي مرجان
هر شوق شڪاريءَ جو ان لاء ٻلهاڙو آ

مون ساڻ تہ ٿي تنها مون ساڻ دفن ٿيندو
ڀڄي ڀور ٿيندو شايد سُڏڪو ڪُراڙو آ