Monday, September 30, 2019

بائيوميٽرڪ ـ ڪھاڻي ـ ھدايت ڏيپر


ڏينهن جا يارنهن پيا ٿين ، پر ڪوهيڙو ۽ سيء لهڻ جو نالو ئي ڪو نه ٿا وٺن. سج به ڪنهن پوليس جي عملدار وانگر ويزا تي ويل هجي. جيڪو هن مهل تائين نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. سيء سيء الا جسم وڍيندو ٿو وڃي. سيء ۾ منهنجي ڄاڙي به ائين ٿي وڃي ڄڻ جلال چانڊيي جي چپڙي.ٻيو هي موٽر سائيڪل جي اگهاڙي سواري ههڙي موسم ۾ سهولت نه پر مصيبت هجي. ائين سيءۡ ۾ ڏڪندو جڏھن ڏتل خان جي ڳوٺ پهتس. ڏٺم ته اسڪول جي اڱڻ تي ماڻھن جي رش ھجي.۽ لڙ به ٻڌڻ ۾ اچي پيو .گهٽي مان چاچو رکيل لٺ جي ٽيڪ تي نظر وارو چشمو پاتل اکين تي هٿ رکندو هڪلون ڪندو پيو اچي.متان ڀاڙيا متان پاڻ وڙھيا آھيو.گهٽيءۡ درن ۽ لوڙھن کان زائفون پڻ بيٺيون آھن.جيڪي دانهون ڪري رهيون وارو ڪريو ڇڏايو نه پاڻ ۾ ٿا وڙھن.اسڪول پهتس ڏٺم ته ڪجھ ماڻھو استاد شبير کي هڪ طرف جهلي بيٺا آھن.مان استاد شبير کي سڃاڻان جيڪو هن اسڪول ۾ باقائدي سان اڪيلو ٻار پڙھائيندو آھي.۽ ٻئي طرف ڪجھ ماڻھو هڪ پنجاۡھ سالن جي همراھ کي جهلي بيٺا آھن.جنهن کي ڪارو چشمو چار منڊيون شايد سونيون پي لڳيون.نئون ڪاٽن جو وڳو پاتل آھي.پر پوء به زوري ڇڏائڻ ۽ وڙھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.

مان سلام ورائي پڇا ڪئي ته ڀائو خير ته آھي؟ڇا مسئلو آھي؟ڇاتي جهيڙو آھي؟ميڙ مان بيٺل هڪ همراھ چيو ڇتا ٿيا آھن پاڻ ۾ ٿا وڙھن.مون عرض ڪيو ٻيلي ٻانهون ٿو ٻڌانوٗ پاڻ ۾ نه وڙھو،خدا کي مڃو هونءۡ ئي انهن جهيڙن اسان جي قوم تباھ ڪري ڇڏيو آھي.ايتري ۾ استاد شبير وڌي اچي هٿ ڏنو ،۽ چيائين ته ادا توهان پنهنجي ڊيوٽي سانگي فيلڊ دوران اسان جي ڳوٺ ايندا آھيو.مان سدائين اسڪول جي ٽائيم تي پنهنجي اسڪول ۾ ٻار پڙھائيندي اڪيلو نظر ايندو آھيان يان نه؟مون ها بلڪل،هو جيڪو سامهون شخص آھي کيس سان وڙھندڙن ڏي اشارو ڪندي چيائين.اهو هن اسڪول جو سرڪاري ماستر آھي،جيڪو ماهوار پنجاھ ھزار روپيا پگهار کڻندو آھي .ڪجھ سال ٿيا آھن شھر لڏي ويو آھي،شھر ۾ پنهنجو زاتي ڪاروبار ڪندو آھي.مان سرڪاري ماستر ناهيان هو مونکي مهيني جا ٽي هزار رپيا ڏيندو هو.ٽي مهينا ٿيا آُھن ته هن مونسان مهينا جا پنج هزار روپيا پگهار جو ڳالهائي ٽن مهينن کان پگهار جا پيئسا به نه ٿو ڏيئي نه ڪي پاڻ پڙھائي ٿو.مهيني ۾ هڪ ڏينهن ايندو آھي ،مسٽرول تي صحيحون ڪري هليو ويندو آھي.اڄ آيو آھي چئي ٿو پگهار جا پيئسا ڪو نه ڏيندس ۽ اسڪول مان نڪر . بائيو ميٽرڪ سسٽم جو اڇي ويو آھي،بائيو ميٽرڪ جو ٽيمون استادن جي پڙھائڻ حاضريء جي نگراني ڪري رهيون آھن ڇا اهي ٽيمون هتي نه ٿيون اچن؟مون حيرت واري انداز ۾ سوال ڪيو.ادا بائيوميٽرڪ وارا نانگ آھن ڇس جو مٽي کائيندا.؟ادا توهانکي خبر آھي ته هتي پيئسن تي ڇا ڇا نه ٿو ٿئي سڀني ماڻھن گڏجي هڪ آواز ۾ ڇيو.

Monday, June 17, 2019

پريس رليز ـ ڪھاڻي ـ ھدايت ڏيپر

جيئن مان فجر جي نماز لاءِ گهر کان نڪتس ته سامهون مولوي ڀورل شاهه جي حويلي ۽ اوطاق تي پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا ڏٺم جيڪي پوزيشن سنڀاليو بيٺا هئا. ڄڻ ڪي دشمن ملڪ جي سرحد تي بيٺل هجن، ائين هڪ رينجرز واري جي مون تي نظر پئي، هڪل ڪري چيائين ”کڙي هو جائو، کون هو تم“ ه مان بيهي رهيس منهنجي تلاشي ورتائين ۽ مون کي هڪ پوليس موبائيل ۾ ويهاريائين مون چيو منهنجو ڪهڙو قصور آهي، جو مونکي گرفتار ٿا ڪريو؟ مون کي ڇڏيو ته مان نماز پڙهڻ وڃان. جيڪا قضا ٿي ويندي. ٿڦ اولاريندي چيائين ته “اب” ساري نمازين جيل مين پڙهنا” ڏٺم ته هڪ ASI پوليس وارو اچي رهيو آهي، جنهن کي چيائين ته “اس آدمي کي نگراني کرنا” پوليس وارو جڏهن ويجهو آيو ته مون کي شڪ ٿي پيو ته هيءُ پوليس وارو منهنجو ڪلاس فيلو ڪامريڊ سليم آهي. جيڪو بهترين انسان غريبن جو هڏڏوکي هميشه پنهنجي قوم وطن لاءِ بهترين سوچيندڙ. مون پڇيس ڀائو توهان ڪامريڊ سليم آهيو؟ چيائين ها سانول ڪامريڊ سليم آهيان. ڪامريڊ سليم جي ۽ منهنجي ملاقات تقريبن ويهه سالن کانپوءِ ٿي هئي. ڪامريڊ سليم چيو ته مون توکي پهريون سڃاتو هو، پر ڪوشش ڪر ته جيئن هيءُ ائين نه سمجهن ته اسان اڳ جا واقف آهيون. ٺيڪ آهي ڪامريڊ پر مون کي هيءُ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سائين ڀورل شاهه نيڪ مرد جي حويلي ۽ اوطاق تي ايترو سخت گهيرو جو چادر ۽ چار ديواري جو به احترام نه ڪيو ويو آهي ۽ خبر ناهي ڇا ماجرا آهي؟ سائين ته هميشه ملڪ جو، حڪومت جو وفادار رهيو آهي. سدائين پنهنجي تقريرن قوم پرستن، ڪامريدن، فرقيوار فسادين سوشلزم، ڪميونسٽن چورن ڌاڙيلن، منشيات فروشن کي ننديندو رهيو آهي ۽ سڀني کي ملڪ دشمن قرار ڏيندو رهندو آهي ۽ هر حڪومت جو منظور نظر هوندو آهي پر اڄوڪي هيءَ پوزيشن مونکي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ڇا ماجرا آهي؟

ڪامريڊ سليم چيو ته هاڻي ٻڌ ته ٻڌايائنءِ سائين کي قوم پرستي ۽ سوشلزم وغيره جي خلاف ڪم ڪرڻ تي ۽ حڪومت ۽ ملڪ جي حق ۾ ڪم ڪرڻ جا لاءِ ڳجها فنڊ ملندا آهن. پر سائين هاڻي ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ پرست ٿي پيو آهي. تقريرن ۾ سنڌ ڌرتي سنڌي قوم جي حقن جي ڳالهه ڪندو آهي سا به اسلامي نقطئه نظر سان شايد ويجهڙ ۾ تو سائين جي تقرير ناهي ٻڌي. مون بلڪل ناهي ٻڌي، جيڪي اصل طاقتون آهن اهي ناراض ٿي پيون اٿس سليم چيو. اوچتو ڏٺم ته مولوي ڀورل شاهه کي اهلڪار ڳلي مان پڪڙيو ڇڪيو وٺي اچي رهيا هئا. مولوي ڀورل شاهه جو مون ايترو آواز ضرور ٻڌو ته مان پنهنجي قوم ۽ ڌرتي جي ظلم تي خاموش نه ويهندس، ڀلي گرفتار ڪري وٺي هلو، يا ڦاسيءَ تي چاڙهيو، ڪجهه ٻيا ماڻهو به گرفتار ڪيا ويا. جيڪي مولوي ڀورل شاهه جي اوطاق تي ترسيل هئا. افراتفري جو فائدو وٺي ڪامريڊ سليم مون کي موبائيل مان لاهي ڇڏيو ۽ ائين چيائين ته سڀاڻي هن واقعي جي پريس رليز پڙهجانءِ. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ وڏي سرخي سان هي خبر شايع ٿيل هئي ته مولوي ڀورل شاهه فرقيوار فساد ڪرائيندو هو ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏيندو هو. ملڪ دشمن ٿي پيو هو اسان کي مولوي ڀورل شاهه جي حويلي ۽ اوطاق تان ڪيترو ئي ڌماڪي خيز بارود ۽ هٿيار ۽ ڪجهه مشڪوڪ ماڻهو مليا آهن جن کان وڌيڪ تفتيش جاري آهي. 

Thursday, April 18, 2019

آئينو ـ ڪھاڻي ـ ھدايت ڏيپر

 


هيلو عاقل فهيم پيو ڳالهايان ڇا حال آ؟

حال بهتر آ توهان ٻڌايو ؟ عاقل ڳالهايو.

ڀاء عاقل اڄ ڪلھ ڇا لکو پڙھو پيا فهيم سوال ڪيو.

ادا اڄ ڪلھ فيسبڪ وڏي ادبي دنيا آھي، پنهنجي فيسبڪ تي چوويھ ڪلاڪ گهري نظر هوندي آھي.
فهيم.ڀاء عاقل ڳالھ صحيح آھي هن وقت ادبي تنظيمون ادبي رسالا ادبي ڪتاب سڀ ختم سمجھ ڪير پڙھڻ وارو ڪونهي اڄ ليکڪ پنهنجي ذاتي خرڇ تي ڪتاب ڇپرائي ٿو ۽ ذاتي خرچ ڪري اعزازي ڪاپيون پڄائي ٿو .پر پوءِ به ڪو ڪتاب ڪونه پڙھي.

فيسبڪ ادب ۾ وڏو انقلاب آندو آھي .

ڏسو نه هڪ پوسٽ تي هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا لائيڪ ڪنينٽس ٿا اچن اهو هڪ وڏي ليکڪ جو ثبوت آھي.

پر ادا فهيم جيڪي فيسبڪ تي لابيون ٺھيل آھن هڪڙا هڪڙن کي آسمان تي کڻي ٿا وڃن تعريف ۾.ٻيا ذاتي تنقيد ۾ آسمان تان زمين تي ڦٽو ٿا ڪن اهو ادب ۾ تمام غلط ۽ادب جو وڏو نقصان آھي.
عاقل. صحيح آھي ڪجھ مخالفن کي به بڇڙو ڪجي ته بهتر نه ته مٿي تي چڙھي ويندا.
سوري ڀاء عاقل جنهن مقصد جي لاء ڪال ڪيم سا ڳالھ ڪرڻ وسري وئي.

پنهنجي مخالف جميل جانيء ھينئر هڪ غزل پوسٽ ڪيو آھي .مون پنهنجي سنگت کي ڪال ۽ ميسيج ڪيو آھي .تون به پنهنجي سنگت کي ڪال ۽ ميسيج ڪر ته مخالف سان گهٽ ناهي ڪرڻي باقي پنهجي سنگت جي پارت اٿئي اوڪي عاقل .اوڪي فهيم ائين ئي ٿيندو.

والي وارث ـ ڪھاڻي ـ هدايت ڏيپر

 


 اڌ رات جو خليفو قاسم ۽ سندس گهر واري سياري جي موسم ۾ اڪيلا ڪمري ۾ بلب ٻاري ميلاپ جي مڪمل تيارين ۾ هئا ته اوچتو موبائيل فون جي رنگ وڳي ٻنهي کان ڇرڪ نڪري ويو. ڄڻ ڪنهن موالي کان هوائي فائرنگ ۾ نشا ٽٽي وڃن. سڄي جذبات ئي ٿڌي ٿي وين.

نڀاڳو ڀيڻسان هن وقت ڪير آهي. سڄو مزو ئي خراب ٿي ويو، موبائيل به وڏي مصيبت آهي. خليفي موبائيل اسڪرين تي ڏٺو ته سندس مرشد جي نالي تي نظر پيس، يڪدم پاڻ سوڙ ۾ ڍڪي ڪال اوڪي ڪيائين جي جي بابا قبلا سائين بادشاهيءَ جو خير، حڪم؟ صبح سوير ڍوري واري لانڍي تي اچجانءِ مرشد فون بند ڪري ڇڏي.

خليفو وهمن وسوسن جي ڪُن ۾ غوطا کائڻ لڳو سائين جڏهن به فون ڪندو آهي ته اول مون کان منهنجو حال احوال وٺي پوءِ مريدن ۽ درگاهه جو حال احوال وٺي پوءِ ڪو حڪم ڏيندو آهي ۽ اڄ سائينءَ ڪو به حال احوال نه ڏنو نه ورتو ۽ رُکو بس چيائين ته صبح لانڍي تي اچ! ته خليفو ماضي جي ٽٻي ۾ هليو ويو.

ضرور ڪا ڳڙ ٻڙ آهي ڪو مسئلو آهي. تنهنجي مرشد کي به هيءُ ٽائيم هٿ آيو آهي. فون ڪرڻ ڄڻ صبح ڪو نه ٿئي ها. پٽيا اهڙي ٽائيم تي فون بند رکبي آهي. زال به رهڙ پٽيس. خليفي کي سڄي رات ننڊ نه آئي. ماضي جا سڀئي ڪرتوت ذهن جي اسڪرين تي ڦرڻ لڳس.

ٿي سگهي ٿو ننڍي خليفي خادم سائينءَ کي ٻڌايو هجي ته مان ڏن پٽ جي پئسن مان چوري ڪندو آهيان. ڀلا اسان نانگ آهيون مٽي کائينداسين ۽ ڏن وري ڪهڙو ماڻهو دل سان ٿا ڏين هينئر اهو وقت ناهي جيڪو اڳي هوندو هو. اڃا به وڏي جڳ جا ماڻهو آهن. جيڪي ڏن به ڏين ٿا ۽ عزت به ڏين ٿا. باقي اڄ جو نوجوان نسل ته اڃا ست سُريون ٿو ٻڌائي اڄ جا نوجوان ته ائين به چئي ٿا ڏين. ته مرشد وارن وري ڪهڙي محنت مزدوري ڪري ملڪيت ٺاهي آهي. غريبن مسڪينن جي ملڪيت تي زوري قبضا ڪري ڏن پٽ جي نالي تي ڦرلٽ ڪري ۽ ڌارين جي غلامي عيوض جاگيرون وٺي امير ٿيا آهن ۽ ائين به چون ٿا ته بک ۽ بدحاليءَ ۾ مسڪينن جا ٻچا روز مري رهيا آهن. انهن کي ڏئي انهن جي مالي مدد ڪري ۽ پنهنجي آخرت جي لاءِ سوچين اها ملڪيت قبر ڪو نه ڇڏائيندن.

ڳالهه ته نوجوانن جي به صحيح آهي، سائين وارن وري ڪهڙي ڪوڏر هڻي ملڪيت ٺاهي آهي. هونءَ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ها ياد اچي ويو ٿي سگهي ٿو ته مسيت واري مُلي سائين کي ٻڌايو هجي ڪڏهن ڪڏهن سائين ان کي به گهرائيندو آهي. انهي نپٽي دَکَ مُلي نڀاڳي ڀيڻسان انهيءَ رات الائي ڪيئن ڏسي ورتو، رات جا ٽي ٿيا هئا. اسان سمجهيو ته سموري خلق ننڊ پئي آهي. فقيراڻي کي گهڻو ئي چيم ته پريان هڪ ڦٽل جڳهه آهي اوڏانهن ٿا هلون جاڏي اڪثر مان ويندو آهيان. پر فقيراڻيءَ جو ضد ته درگاهه جي پوئين پاسي ٿا هلون، تون رڳو سائين کان سڳو تعويذ يا پاڻي پڙهائي ڏي من ڪو جيئندي جي ملڪيت جو والي وارث پيدا ٿي پئي، نه ته ڪانوَ ڪتا ملڪيت کائي ويندس. مون به ڌاڳي پاڻي جي ٺڳي ۾ الائي ڪيترن کي والي وارث ڏئي ڇڏيا. ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ ماڻهن جو عقيدو ئي اچي ان ڳالهه تي بيٺو آهي، نه نه دَکَ ملي کي اها جرئت ئي ڪا نه ٿيندي جو ڳالهه کي کولي مون به پنهنجي گناهگار اکين سان پڪڙيو مانس کٿابيءَ سان ڪارو منهن ڪندي، هو ائين نٿو ڪري سگهي.

خليفو قاسم سڄي رات وهمن وسوسن جي ڪنن ۾ غوطا کائيندو پاڻ کان سوال ڪندو پاڻ کي جواب ڏئي آٿت ڏيندو رهيو. خليفو سوچن جو جهنم جهاڳي جڏهن صبح جو ڍوري واريءَ لانڍي تي پهتو ته چوڪيدار سان سلام دعا ڪري اندر باغ نما لانڍي ۾ داخل ٿيو مرشد جي ويگو گاڏي طنبيلي ۾ بيٺي هئي. ڦاڙها، هرڻ ٻئي پاسي ڌار ڌار گاهه کائي رهيا هئا. گهوڙا پنهنجي طنبيلي ۾ ٻڌا پيا هئا. اتر پاسي کان شڪاري ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز اچي پيو، ميلائي ڪڪڙ ڇاپري ۾ ٻڌا بيٺا هئا. مور ۽ ڊيل بڙ جي وڻ تي هڪ ٻئي کي ڳراٽيون پائيو ويٺا هئا. ڪارڙي ۽ بگڙي تتر بند پڃري ۾ ٻوليون پي ڪيون. ايراني تتر کليل ميدان تي گهمي رهيا هئا. پاڻيءَ جي ٽيوب ويل به وهي رهي هئي. جنهن جي پاڻي ۾ بدڪون ۽ ڪاز ٽران ٽران پيا ڪن. ڇٻر جا پارڪ ننڍا سرن جا ٺهيل رستا رستن سان قسمين قسمين جا گل ماحول کي خوبصورت ڪري رهيا هئا. ڪونوڪارپس جا ڊگها وڻ سڄي لانڍي ايريا کي سونهن بخشي رهيا هئا. انهن سڀني جي وچ تي مرشد جي جديد طرز جي لانڍي جنهن کي ڪارا شيشي جا در دريون اندر لانڍي وارو سڀ ڪجهه ٻاهر ڏسي سگهي اندر نظر نه پئي. لانڍي تي وڏي ڊش انٽينا لڳل مرشد جا نوڪر چاڪر خليفي سان ملي پنهنجي ڪم ڪار ۾ مشغول ٿي ويا. خليفي کي بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌل بوسڪيءَ جا ڌوتل ڪپڙا اڌ اڇي اڌ ڪاري چاپئين ڏاڙهي، شهپر مٿي وٽيل، تسبيح هٿ ۾ لانڍي سامهون ڇٻر تي ڪرسي رکي ويٺو، سڄي دنيا جا پير گڏ ڪري دعا گهري رهيو آهي. ته خير ئي خير هجي. اوچتو لانڍي جو دروازو کليو سامهون مرشد قبلا نڪتا قد اندازن ساڍا ڇهه فوٽ رنگ ڀورو، ٿلهو متارو، پيٽ اڳتي وڌيل، شهپر ٿري ڏاند جي سڱن جهڙا عمر اندازن سٺ سال ڪاري اڇي چاپئين ڏارهي اکين مان اوجاڳي ۽ شراب جو جلال پڌرو، مٿو اگهاڙو اڇي رنگ جا ڪاٽن جا ڪپڙا. اچي وئين خليفا؟ مرشد ڳالهايو ته خليفي کان ڇرڪ نڪري ويو. جيڪو سوچن جي وهڪري ۾ لڙهي رهيو هو. جي جي قبلا سائين پاڻ سنڀالي ورندي ڏنائين. اچو اندر خليفا جي قبلا. خليفو جتي لاهي اندر لانڍي ۾ مرشد پٺيان داخل ٿيو. خوبصورت بخملي قالين وڇايل چوڌاي اعليٰ  معيار جا صوفا سيٽ پاسي تي هڪ وڏو بيڊ سجايل، شيشي واريون ٽيبلون، سامهون ديوار تي وڏي سائين جي فريم ۾ تصوير ٽنگيل، دنيا جي خوبصورت منظرن جون خوبصورت تصويرون لڳل. ديوار تي وڏي ايل سي ڊي لڳل جنهن تي راجا هندستاني فلم هلي رهي هئي.

ايل سي ڊي سامهون هڪ نوجوان ڇوڪري اندازن عمر 20 سال ڪاٽن جا سوڙها ڪپڙا پاتل ٻانهون ڏئورن تائين اگهاڙيون، رئو ڳچي ۾ پيل اکيون وڏيون رنگ ڀورو وڏي ٽچ موبائيل هٿ ۾ جڏهن خليفي ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته ڇوڪري پاڻ سنڀالي فلم جو آواز گهٽ ڪري رئو مٿي تي رکيو. خليفو هيٺ قالين تي ويهي رهيو. نه نه خليفا مٿي اچي منهنجي ڀرسان ويهه. جي جي سائين حاضر خليفي چيو. خليفي کي ڪجهه دل ۾ اطمينان ٿيو ته شايد ٻيو ڪو مسئلو هجي منهنجو خير آهي. خليفا مرشد ڳالهايو ته خليفي کان ڇرڪ نڪري ويو. پاڻ سنڀالي چيائين جي قبلا سائين خليفا توکي ته خبر آهي وڏا پاڪ الله کي پيارا ٿي ويا ٻيا پاڪ مون سان ٺهي ڪو نه سگهيا ۽ طلاق وٺي ويا. ٽيان پاڪ بلڊ ڪينسر جا مريض آهن. سو هينئر مون نئين شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. هوءَ فقيراڻي ڇوڪري ڏي اشارو ڪندي، اسان هڪ ٻئي سان پيار ڪريون ٿا جي عمر ۾ چاليهه سال فرق آهي ته وڏي ڳالهه ناهي، محبت جي مامرن ۾ عمر ننڍي وڏي جي فرق جي ڪا به حيثيت ناهي، هوءَ به مونسان پيار ڪري ٿي. شادي جي لاءِ راضي آهي. لکي پڙهي، وڏ گهراڻي جي آهي، ڪا به زوري زبردستي ناهي هوءَ پنهنجي مائٽن کي ڇڏي آئي آهي. خليفو هر ڳالهه تي جي جي چوندو رهيو. مون وڪيل کي چئي ڇڏيو آهي اهو به ڪورٽ ايندو ۽ چوڪيدار شمن کي به چيو اٿم اهو به تيار هوندو. ڀلا تون شناختي ڪارڊ کڻي آيو آهين يا نه؟ جي قبلا آهي، ڪورٽ تي هلڻو آهي. ٻڌئي خليفا؟ ها سائين ٻڌم. هيءَ هيڏي ملڪيت مريد خادم درگاهه آهي سڀني لاءِ ڪو والي وارث گهرجي.

خليفو جيڪو پريشانين جي ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هو سائين جي ڳالهه ٻڌي دل ۾ شڪرانو ادا ڪري. چيائين ها سائين بلڪل توهان ڏهه شاديون ڪيو. توهان کي ڪير ٿو جهلي. ها سائين بلڪل والي وارث گهرجي.