Wednesday, February 23, 2022

زندان ۾ تنهنجي ياد ـ ڪھاڻي ـ سردار ٻرڙو


سنتري جي رکي ۽ گھري آواز “سڀ خير آ” سان اوچتو اکيون کلي پيو. اٿي بستري تي ويهي رهان ٿو. جنهن وارڊ ۾ رهندو آهيان  ان جي ٿرسان ڪنڊ تي بُرجي آهي. جتي سنتري رائفل سان پهرو ڏئي رهيو آهي. جڏهن رات جو جيل جي وڏي مکيه در وٽان ڪوبه جمندار صوبيدار جيلر، ڊپٽي سپرٽنڊنٽ ۽ آئي جي جيلس اندريون ٽپي جيل چڪاسڻ، غافل عملي کي پڪڙڻ ۽ قيدين جي ڪرت ڌسڻ لاءَ اندر داخل ٿيندو آهي ته بُرجي وارو سپاهي هڪل ڏئي “هالٽ” ڪندو اٿس ۽ سڀ خير آ چوندو آهي. محسوس ڪرائيدس ته هو هوشيار آهي ۽ جاڳي پيو. موٽ ۾ اهو اندر داخل ٿيندڙ مخصوص ۽ مخني وٺي کيس مطمئن ڪندو ته جيل جو ئي ڪو عملدار ۽ آفيسر آهي. سنتري جي اوچتي رڙ به ڪوٺڻ ۾ روزن رکڻ لاءِ اسُر جو اٿاريندڙ ملي جي هنياءُ ڦاڙيندڙ ٻرڙوٽ کان گھٽ نه آهي آءُ ننڊ جي نشي ۾ الهوٽ ۽ چور لڳو پيو هوس. خيالن ۽ تصور اتي زندان جون سنگين ديوارن ڊاهي ڪهڙي ڪوٽ ڪيرائي تو وٽ پهچي ويو هوم. اها توکي به خبر آهي  ته ڪٺن سفر ۾ جڏهن ٿو ٿَڪ محسوس ڪندو آهيان ته تنهنجي ڪارن وارن جي ٿڌي ۽ معطر ڇانون ۾ ڪجھ دير ۽ ساھ پٽيندو هوم ۽ ان مهل ائين سمجهندو هوس ڄڻ پوري ڪائنات ۾ سرت، محبت پرت ۽ پاٻوھ ڦهلجي ويو آهي اڄ رات تنهنجي تانگھ، تات ۽ تصور ۾ جڏهن غمگين وستيءَ مان نڪري آيا تنهنجي در تي پهتم ۽ اندر ڌٺم ته تون پنهنجي گھر جي اڱڻ تي ولھ ۾ چوٽا ڪپور مان ڀريو ستي پئي آهين تنهنجا سونهري ڊگھا وار کٽ کان هيٺ لرڪي ٿڌي هوا جي هلڪن جهوٽن تي لڏي رهيا آهن. مون مٿي چنڊ کي ڏسي چيو هو.

او چنڊ هلي آ پرين کي پيرن وجهي هٿڙا جيهڻو ڳالهائي جاڳاءِ، ته اوچيو سنتري جي ڪڙڪيدار آواز “سڀ خير آ” مون کي سپني جي دنيا مان ائين ڊوهي واپس اونداهين بئرڪ ۾ اچي اڇليو جيئن ڪا سرڻ ڪڪڙ جي ٻچي کي چنبن ۾ جڪڙي پڪڙي پنهنجي آکيري ۾ وڃي فٽو ڪندي آهي. زندان ۾ سپنا ڏسبا آهن ته ڏاڍا حسين لڳندا آهن جنهن بئرڪ ۾ ويٺو آهيان ان ۾ چنڊ جي چانڊوڪي به داخل نٿي ٿي سگھي. بئرڪ چانڊوڪي کان محروم هوندي آهي. آءُ لوهي ڪارين سيخن مان اندران ٻاهرين چانڊڪي کي ڏسڻ لاءِ آتو آهيا. ڇوته مونکي هوئن به اونداه ۽ رات نه وڻندي آهي. سدائين سوجهري جو ڳولائو وهيو آهيان. ان ڪري ڏينهن ۽ روشنيءَ کي پسند ڪندو آهيان .

چنڊ، چانڊڪي جي چادر ۾ روءِ زمين تي وڇائي ڇڏي آهي. دل چاهي ٿي ته ٻاهر نڪري وارڊ جي اڱڻ تي ڪائنات جي حسن کي ڏسان پر باندي بيوس هوندو آهي. لوهي سيخن ۽ سنگين ديوارن نظاري ڏسڻ جي خوائش ۽ خيال کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون. زندان ان کي ئي ته چئبو آهي جتي خوائشون ختم ٿيل هجن ۽ باندي جي مرضي نه هلي. آڳر تي ٻه ٽي وڻ بيٺا آهن ماڪ انهن جي پنن تي پئجي رهي آهي. هواجي هلڪن جهوٽن تي پن لڏي رهيا آهن. چانڊوڪي انهن تي ترڪي تجلا ڏيئي تنهنجي جوڀن جي جهلڪ ڏيکاري رهي آهي. آسمان تي ڦهليل تارا، ڄڻ آسمان جي ڇاتي تي ڦهليل باغ گل لڳي رهيا آهن ههڙي ڪافر ۽ غطب موسم ۽ نظاري کي ڏسندي تنهنجي مٺڙين يادن جي گھنٽيون، ذهن ۾ ائين وڄنديون آهن، جيئن ڪنهن وسيح مهرا ۾ ڪو نئو ڪاروان ۽ قافلو هلي پيو هجي. تنهنجون پياريون ساروڻيون منهنجي ساھ سان سانڍيل آهن. اهي حسين يادون مون کان کسي نٿا سگھن. هيء پيار کي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙين ۾ قيد ڪري نٿا سگھن. پيار ازل آ، پريم عبد آ، منهنجي جسم تي زنجير آهن پر دل کي ڪابه ڪڙي نٿا هڻي سگھن. مونتي پهرا آهن پر سوچ تي ڪوئي پهرو ڪونهي. مان هميسه مستقبل ۽ تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهندو آهيان. اهي گھڙيون ۽لمها به ياد آهن. جڏهن تنهن

جي وارن جي سرهاڻ ۽ ڪنواري بدن جي پگھرجي بوءِ مونکي خون ڪري ڇڏيندي هئي. هيئر به آئون توکي پنهنجي ٻانهن ۾ وٺڻ لاءِ ائين بيڪرار آهيان جيئن مظلوم سنڌ جي خشڪ ۽ ٺوٺ ڌرتي بادل جي براد کي پان ۾ سمائڻ لاءِ آتي هجي ۽ اڃاري هوندي آهي. جڏهن لهندڙ شام پنهنجا ڪرڻا سنڌوءَ جي ميرانجهڙي پاڻي مان ڇڄائي زندان جي اوچين ديوارن اندر اڇليندي آهي ته ان وقت مونکي تنهنجي اکين جي چمڪ ۽ چپن ڀنل ڀنل گلابي رنگت ياد اچي ويندي آهي جڏهن پرھ رات جي ڪاراڻ ۽ اوندهيءَ جو سنو چيري پنهنجو جلوو ڏيکارندي آهي. ته مان سمجهدو آهيان پرھ واري صبح اها روشني تنهنجي چپڙن جي مرڪ مان چورائي آهي. آءُ ان مان پنهنجي تاريڪ راهن کي روشني بخشيندو رهيو آهيا. منهنجا ساجن سائين تنهنجي مٺڙي مرڪ جي سوچيندي منهنجي پرشاني کي روشن ڪري ڇڏيو آهي. انهي لاءِ ته منهنجي لاءِ هي زندان جون سنگين ديووارون ، لوهي ڪڙا، ڪنجون ڪلف تاڙا، کٿا خشڪ ۽ محدود ماحول، سرسبز شاداب ۽ ڀالواجي ڀٽ جي ساوڪ وانگر ئي دلڪش ٿي پيو آهي. منهنجي من جي اڱڻ تي به ڪا اونداهي واسو نٿي ڪري سگھي. زندگي جي هن اڙانگي ۽ پٿريلي سفر ۾ منهنجي ذهن جي سطح تي هميسه ان مرڪ جي چانڊاڻ جو ڇانورو رهندو

آهي. مان زندگي ڀر تنهنجو ٿورائيو آهيان جو تون منهنجي ڏات کي امرت پياري وڌيڪ اثرائتو بڻايو آهي. منهنجي تخليق کي جلا بخشي آهي.

آئون هن خوشين کان خالي اداري ۾ پنهنجي مقصد ۽ تنهنجي مُرڪ جي سهاري ڪٺن وقت ڪاٽي رهيو آهيان، نه ته ڪير به هن غمگين وستي ۾ خوش ڪونه هوندو آهي. پر آءُ پرَ اميد ۽ مطميئن رهندو آهيان. ظمال ڪنهن نفرت جي ديوتا اسان جي وچان فاصلي جي هڪ اهڙي لڪير ڇڪي ڇڏي آهي جو پاڻ ۾ ملي نٿا سگھون. اهي جدايون عارصي آهن. وڇڙا ۽ فراف وقتي آهن. ڪجھ عرصي لاءِ بهار جا ڏينهن رسي ويا آهن ڪا ڀئا ڪانهي. انهن جو رسڻ ٿوري وقت لاءِ آهي. مونکي پڪ آهي ته بهار جي رٺل ڏينهن کي ڇڪي آڻي سگھندا سون. رڳو اسان جي دل جي ديرل ۽ من جي اڱڻ تي محبت ۽ پريم جا ڏيا هميشه ٻرندا ۽ روشن رهندا اچن حقيقت هئي آهي ته آزمائش، مشڪلاتن، انتهائي نازڪ گھڙين، ۽ لمحن ۾ جڏهن مان پنهنجي آس پاس ۽ ويجهو تنهنجو خوبصورت چهرو ڏسندو هئس ته مان پاڻ ۾ عجيب خود اعتمادي ۽ سڪون محسوس ڪندو هئس. منهنجي ڀرسان حسين چهرو تسڪين، راحمت ۽ خوشي جو باعث بڻبو آهي. سوچيندو آهيان ڪو اهو اهم ڏينهن هو ۽ هاڻي هي بند خالي ڏينهن آهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ توکي ڏٺي مهينا، سال ته بلڪ صديون گھذري ويون آهن. پر ڀٽائي چواڻي=

“ڪي اوڏائي ڏورڪي ڏور به اوڏا سپرين ” دراصل عورتن ۾ ٻه بنيادي خوصيتون ٿينديون آهن، اهي ٻئي

خاصيتون ۽ خوبيون تو ۾ موجود آهن. پهرين ته تون خاص سمهدار آهين مو ته تنهنجو رويه هميشه حمدروانه هوندو آهي.

آءُ ڪلاڪار آهيان، فنڪار جي حيصيت ۾ هر اها شيءَ جا خوبصورت هوندي آهي. منهنجو توجھ پاڻ ته انهن ڇڪائيندي آهي مون لاءِ هر اها سهڻي شيءَ پرڪشش ۽ دلڪش هوندي آهي جيڪا منهنجي احساسات کي ۽ جذبات کي مسرت ۽ سرور بخشي، پر انهن ۾ به آءُ سادين، محصوم ۽ من موهڻين صورتن کي ترجيح ڏيندو آهيان جيڪي پڻ سادي مزاج واريون هونديون آهن. ڇوته اها سادگي سچائي، وفاداري ۽ مخلصائپ، شيش محل ۾ رهڻ وارن جي نسبت اونداهين جهوپڙين ۽ ڪکائن گھرن ۾ پرورش پاتل انسانن ۾ وڌيڪ هوندي آهي.ان سلسلي ۾ آءُ ماڊرل ڇوڪرين کي پسند نه ڪندو آهيان جيڪي جسم تي سوڙها ۽ چست ڪپڙا پائينديون آهن، اهي ائين لڳنديون آهن ڄڻ ڪاٺ جي لڪڙن کي لٽرويڙهيون پيو آهن، هرو ڀرو ننڍپڻ چولين ۽ تنگ پاجامن ۾ پاڻ کي گرفتار ڪري خوشفحمي ۾ مبتلا هونديون آهن ته سندن حسن ۽ بيهڪ ۾ ڪي وڌيڪ چار چنڊ لڳايا ويا آهن اهي اڃان وڌيڪ سونهن ۾ وڏيڪ اضافو آڻڻ لاءِ چپن تي مساڳ ندران تيز گھري رنگ جي سرخي لائينديون آهن، ماڊرن ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ يا دوستي رکڻ ائين آهي. جيئن ڪو سرڪس وارو هاٿي پالڻو هجي.

تو ته مونکي ائين ڪري موهيوآهي. جو سادگي ۽ سچائي جو پيڪر آهيان جهنگ جي جوڳيڻڙن جهڙي سونهن اٿئي. پڪل گولاڙ جهڙا ڳاڙها ڳلڙا نرم ۽ نازڪ چپڙا، جن تي اهڙي آلاڻ جهڙا ڳاڱيٽن تي ماڪ فڙا، انهن گلابي رنگت رکندڙ چپڙن کي چوري جڏهن کلندي آهين ته ڄن هولي جو چثنگون پيون اڏامنديون آهن ۽ مرڪندي آهين ته ڄڻ آکاڙ جي پرھ فٽندي هجي. ائين ويٺي هوندي آهين ڄڻ گوتم گيان ۾ ويٺو هجي. هلندي آهين ته ڄڻ تنهنجي ڪبوتر جي پيرن جهڙن ڳاڙهن ۽ پتڪڙن کي زمين پيار ۽ پاٻوھ مان جهتڙيو پائيندي هجي ۽ قدم قدم رکڻ سان ڀوءِ بسم الله چئي راھ رند چمندي هجي.

منهنجي پياري! تنهنجي خوبصورت وڏين اکين ۾ يادن جا ديپ ڏيلريءَ جي ڏيئن وانگر ٻرندا رهندا آهن. تنهنجي خط کي هر روز ايتروئي عقيدت سان پڙندو آهيان جيترو احترام سان ڪو مذهبي ماڻهو صبح جو قرآن پڙهندو آهي. تو واري خط جي لفظ لفظ ۾ تنهنجي ساهن جي خوشبون موجود آهي ۽ ڪاغذ تي تنهنجي نرم ڊگھين ۽ خوبصورت آڱرين جا نشان ڏسي مان موجوده تاريخ زندگي جا سڀ ڏک سور وساري اماضيءَ جي ان حسين ڏيھ ۾ موٽي ويندو آهيان جي توسان گڏ گذاريا اٿم. جن ڏينهن جي تلخ زندگي کي تنهنجي پيار جي امرت مصري ۽

ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺو بڻايو آهي. ڪنهن شاعر چيو هوته ؛

جڏهن آءَ حال جي پٿرائين رستي هلندي ٿڪ جي پوندو آهيان ۽ منهنجي ذهن ۾ حال جي حقيقتن جا ڪاوا چڀڻ لڳندا آهن، تڏهن آءُ ماضي جي ڇانوَ ۾ موٽي ويندو آهيان .جتي منهنجي محبت دفن ٿيل آهي، جتي ڪوبه ايزائيندڙ نه آهي آءُ سدائين زندان ۾ نه صرف پنهنجي جسيُ کي جڪڙائيندو رهيو آهيان پر اهڙي زندگي کي به آواز ڏئي سڏيندو رهيو آهيان جيڪا راھ اختيار ڪيل آهي، ان تي هلندي جيڪو تنهن موت به واٽ تي رلجي ويو ته ان کي به مرڪي آجيان ڪري ڳلي لڳائيندم. تنهنجا سلام، سنيها ۽ خط ملڻ سان منهنجون اداس گھڙيون پرُ بهار بڻجي وينديون آهن. قيد جون ڪاريون راتيون خوشبودار ٿي وينديون آهن ۽ ڏينهن تمنائن، آسن ۽ اميدن سان ڀرپور ٿي ويندا آهن. تنهنجي جوڀن جي پگھر جي هڳاءُ  ٻورهاڻي نم جي خوشبوءَ سونگر باسندو آهي. جنهن جو واس پنهنجي من جي اڱڻ ته اڃان تائين محسوس ڪندو آهيان.

آءُ جڏهن تنهنجن گھرن ڪٽورن ۽ نماڻن نيڻن ۾ ڏسندو هوس ته پري پري  تائين حسرتن جا ڪنول ٽڙيل هوندا هئا. دراصل اهي يادون جا ٻيٽ اهڙا هوندا آهن، جن ۾ پهچڻ سان وقت جي وهڪرن، ڏکن ۽ ڏولائن  جي جيڪا به دز انساني سرير تي ملي آهي سا ڌوپجي صاف ٿي ويندي آهي. اهڙيون يادگيريون جي صورتن سان لاڳاپيل هونديون آهن سي وقت وجود ۽ زندگيءَ جون موهيڻون صورتون ۽ لڪل موتي هوندا آهن. جن مان بهار جي بوءِ ايندي آهي. سو منهنجي زندگي ۾ تنهنجي بي مثل هستي به اهڙيئي آهي. جيڪا سدائين سيني تي سري ۽ چپن تي ٻري ٿي.

زندگي جي شاهراھ تي هلندي تو جهڙن حسين مسافرن سان ملاقات ٿي وئي. تنهنجين انڊلٺ ريکا جهڙين يادن جو رس سوم رس جي وٽيءَ وانگر دل، دماغ ذهن ۽ ضمير ۾ اوتجي ويو آهي. ٻڌ سائين! سونهن کان سواءِ ته دنيا ۾ مزو آهي ته ڪائنات ۾ روح جو ريجهان، اسان به ته سنڌ ۾ سونهن آڻڻ لاءِ ثي ته وڙهي رهيان آهيون ۽ جدوجهد ڪري رهيا آهيون.

ڪڏهن ته ڪارو نٿا جا ڪڪر گھنگھور گھٽائون ڪري اچي گرجي وسندا، بُٺَ ۽ ٿر باغ ٿيندا. نيٺ ته سالن کان نراس ٿيل ماڻهن جي اکين ۾ خوشي ۽ مسرت جا ديپ جلندا، سانوڻ ساٺ ڪندي ڪلر ڪونه رهندو. اجاڙ وَستين ۽ واھڻن ۾ ڏيڻا ۽ ڏياٽيون ٻرنديون ٻاٽ اونداهي تڙجي ويندي. هن ماتر ڀوميءَ جي وڻراهن ۾ ڪوٺ، ڪنڊن ۽ ڦٽڪن جي بجاءِ صنوبر جا وڻ فٽندا، ڪينجهر ڪنڌيئن مڃر جي هٻڪار ٿيندي. سنڌو ڪناري ڀالن ندران سڙھ بيٺل هوندي. هر ڪنهن جي اکين ۾ لڙڪن بجاءِ جيت جيءِ هوندي. چهري تي پراميد مستقبل چمڪندو. لطيف جي سازن جي ساھ پوندي. شاداب سنڌ دنيا جي نقشي ۾ مهڪندي ۽ ٻهڪندي. ان لاءِ اسانکي ڌرتيءِ جي هلالي اولاد وانگي جدوجهد ڪرڻي آهي، ڇو ته اهو هڪ فرض آهي جيڪو چڪائڻو آهي. هڪ فرض آهي، هڪ آرزو ۽ هڪ امنگ آهي، هڪ چاھ آهي، هڪ اڳاءُ آهي. ڪنهنجي چوڻ وانگي ته “ هن سنگين ديوارن  اندر خوشيون ته ڇا پر خدا جي رحمت ته (جي هجي ته) ايندي ڪبنبدي آهي”

صرف مقصد جي خوشگوار احساس جي ڪري هي تلخ لمحا، اُدا شامون ۽ ڌينهن ڪٽجي رهيان آهن. ضمير مطئمن آهي. پنهنجي ڪئي تي ارمان ڪونهي. نه ته ڪير اچي هنن ڪوٽن ۾ قيد ايترو سخت ڪونهي جيترو قيد جو احساس سخت آهي بندي خاني جي ڪاري رات ايتر ڀيانڪ ڪونهي، جيتريون هن سان سلهاڙيل ساروڻيون ڀيانڪ آهن.

مونکي گھڻي عرصي تائين پنهنجا مخموم ڏينهن هن محدود ماحول ۾ گھرڻا آهن. سي صرف مقصد ۽ تنهنجي حسين يادن جي سهاري ڪاٽي رهيو آهيان. ڪڏهن ته ويٺي ويٺي ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ پورو جيل ڪنهن ڄاتل سڃاتل خوشبوءَ سان ڀرجي ويو آهي. ان وقت مان سمجهدو آهيان، شايد تو پنهنجن خوبصورت ڪارن وارن کي کولي ڇڏيو هوندو ۽ لوڏو ڏنو هوندو، انهن وران جي ڪنواري ۽ مقدص سرهاڻ هوائن سا سفر ڪندي مون وٽ پهتي آهي.  ڇوته هن ڪائنات ۾ آءُ ائين آهيان جيڪو ان خوشبوءَ کي سنگھي ايترو

نشو محسوس ڪندو آهيان جيترو نشو ڪنهن پيئندڙ کي ولائتي مڌ مان ٿيندو آهي. تنهنجي ڪارن ڪنڍن وارن جي واس مون ۾ ڪافي عرصي مدهوشي طاري ڪري ڇڏيندو آهي. ان نشي ۾ ايڏي مستي هوندي آهي. جو ڪنڊن ۽ اڀن ڪاون تي هلندي نه انهن جي چپن ۾ چپن، راحت ۽ سرور محسوس ڪندو آهيان. ۽ هڪ نئين لذت محسوس ڪندو آهيان. اهڙي حالت ۾ منهنجو انگ انگ تنهنجي تصور ۾ ٻڏي ويندو آهي. ۽ مان تصوراتي دنپا ۾ تو وٽ پهچي ويندو آهيان.

تنهنجا موڪليل مشورا چڱا آهن. تنهنجون صلاهون نيڪ آهن تنهنجي جذبن جو احترام آهي، ليڪن فرض ذميداريءَ جي ادائيگيءَ ۾ مصليت ۽ هڀيار ڦٽا ڪرڻ کي وڏو گناھ سمجهان ٿو. نوجواني واقي پياري آهي جاني! پرماتر ڀومي ۽ ديس وارسين جو پيار انهن سڀني تي فرقيت رکي ٿو. ڌرتي کي اوليت ڏيڻي آهي.

جنهن ڪري ته سڀ شي ڇڏي اٿم، سڀ کان مقدس رنگين ۽ دلفريب سڀ کان دلڪش ۽  عزيز شي آهي مقصد (سنڌ) اوهان جهڙين مٺڙين مهبوبائن جون صحبتون، دوست جون دوستيون ياريون، مائٽن جي مائٽيون، گھر جون آسائشون، پنهنجي ڪٽنب جي شفقت ۾ ڪرب، هاسٽل جو پر سڪون ماحول ۽ ڄامشوري جون ٿڌيون هوائون، سٺي فضا، من موهڻيون صورتون، نوڪريون ۽ سک سڀ مقصد تا قربان ڪرڻ سان ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي .

 لالچ لوڀ کي چڏي ۽ ٿڏي نويڪلوٿي نڪرڻو آهي. ڪاڪ جا قاسم ڪاپڙين کي منجهائي نه سگھندا. کاهوڙي مال ملڪيت تي موهجي نه پوندا آهن. ڪيٽدا به کيڏ کيڏيا وڃن پر، لاهوتي اتان لوئنڻو ئي نه هڻندي لنگھي ماڳ ڏي

ويندڙ راھ تي  تي رمندا ۽ رڙهندا، منهنجي خوئش آهي ته ڪاش! هن ڀلاري ڀوءَ ۽ سونهاري ساڻيھ جي سڀني ڀاڳين ۽ مارن ۾ آجي ٿيڻ ۽ ماتر ڀوميءَ کي سيکو ڏسڻ جي ترٿپ ۽ ولولو پيدا ٿئي.

اهي عاضي جدايون آهن، انهن کي برداشت ڪر. ملهار جي موسم ايندي، مندون موٽيون، ملڻ ضرور ٿيندو! ضرور ٿيندو!! هڪ سچي ۽ عظيم انسان چيو هو ته؛

“ ان ڪارڻ ماڻهو کي جڳائي ته ڪنهن سان پيار محبت نه ڪري، هر پيار جو وڇوڙو عذاب آهي ۽ قيد آهي، رنجيرن کان فقط اهي آزاد آهن، جي نه ڪنهن سان نفرت ڪن ٿا نه محبت ” سو آءُ به ان مهاتما جي چوڻ وانگر بري سماج جو ويري آهيان، ۽ غلامي کان نفرت ڪريان ٿو. تو وري مون سان محبت ڪئي آهي، آهيون ٻئي آزاد ۽ عذب ۾، تون درد فراق جي ماريل، ڏيئي جيان جلي رهي آهين. آئون زندان ۽ زنجيرن جي حوالي آهيان. تانگ ۽ وڇوڙي ۾ تڙپندي هونديءَ ۽ آءُ ڌرتي سان انس ۽ عشق ڪرڻ جي جرم ۾ قيد____

منهنجي روح تي زندان جي جدائي جيترا به زخم لڳايا آهن، اهي ڏاڙهون جا گل بنجي ويا آهن، زخمن کي زبان ملي ۽ لڙڪن کي پڙلاءُ آهي، هيئر منهنجا ڳورها منهنجا لفظ  آهن، منهنجون آهون منهنجا اکر آهن جيڪي توسان روبرو ڳالهائيندا آهن ۽ ڪاغذ جي ڇاتيءَ تي چرندا پرندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن بندي خاني جي اداس شامن ۾ منهنجو وياڪل من تنهنجي عبادت ڪرن لاءِ ماندو ٿيڻ لڳندو آهي، پر وچان فاصلي جا ڪهري ڪوٽ منهنجي مرضيءَ کي مسترد ڪري چڏيندا آهن، بس! تنهنجن مٺڙين يادن کي روح ۾ رلائي ۽ ساھ ۾ سانڍي ڇڏيو اٿم، مونکي خبر آهي ته تون تاريڪ رستي جي قدم قدم تي

محبت ۽ پريم جا ڏيا ٻاري مون کي رستي ۾ ڌسڻ جي ڪوشش ڪندي هونديءُ پر ڏاڍ جي هوائن جا تيز جهوٽا ۽ ولچوڙا انهن ڏيئن کي وسائي ڇڏيندا هوندا­­­____

شاهراھ حيات تي هو ڪنهن کي سچا ۽ حسين ساٿي گھٽ ۽ ورلي ملندا آهن پر منهنجو ڀاڳ ڀلو جو تو جهڙو انبر کان مٿا هون گنگا جل کان پوتر پرينءَ جي سفر ۾ مليو آهي.

ڪڏهن ته وارڊ جي وڻن ۽ پوکيل ٻٽن ۽ پارڪ کي ڏسي ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻ هي سنگين ديوارون نه پر هڪ گھاٽو جهنگل آهي.

جنهن جي وڻراهن ۾ رات جي راڻي ۽ گلاب جي خوشبوءَ جي هٻڪار ڦهليل آهي. جتي آءُ رام جي روپ ۾ بين وڄائي پنهنجي سيتاکي سڏي رهيون هجان تو اهو چشمو آهين جنهن مان منهنجي اُچ اُجهامي. تون فطرت جو شاھوڪار آن، تون لطيف جو سرُسارگ ۽ سامونڊي آن. تون آزادي جي پوتر ديوي آن.

تون ڪرشن چندر ۾ جو افسانو ۽ موهن ڪلپنا جو ناول آن. تو استاد منظور جو پلٽو ۽ ماستر چندر جو غزل آن، تون ڀگنتيواڻي جو محصوم ۽ مٺڙو آواز آن.

تون ڀٽائي جي تنبوري جي آن، خلوص جو پيڪر وستين جو الفتي آن، تون جڏهن جهونگاريندي آن ته دنيا جي رفتار رڪجي ويندي آهي، محفل ۾ ماٺ، سانت ۽ سناٽو ڇائنجي ويندو آهي. هر ڪو پنج پهڻ ٿي ويندو آهي . تون عابده پرروين جو لافاني، لاثاني ۽ امر آلاپ آهين.

Sunday, February 20, 2022

مادري ٻوليون اھميت ۽ رڪاوٽون ـ سردار ٻرڙو

ٻولي ھڪ اھڙو سرشتو آھي جيڪو مواصلات جي منجھيل نظام جي ترقي، حاصلات، بحالي جو چنھ سمجھي وڃي ٿي. اھو طريقو فقط انساني قابليت ۽ صلاحيت تي مشتمل آھي. ٻولي جي سائنسي اڀياس کي لسانيات (linguistics) سڏيو ويندو آھي، تحريري حوالي سان ٻي وصف ھن ريت آھي ته: لفظن جي مجموعي ۽ انھن جي ملائڻ جي طريقي يعني گرامر، جيڪو ڪو گروھ سمجھي ۽ ان کي رابطي جي مختلف طريقن ۾ استعمال ڪري ته ان کي ٻولي چيو ويندو آھي. ٻولي کي ھندي ۾ "ڀاشا" چيو ويندو آھي. ھندوستان جا اڪثر اديب ٻولي جي جاءِ تي "ڀاشا" جو لفظ ڪتب آڻيندا آھن. ڇاڪاڻ ته اھو لفظ "مڪمل زبان" جو مفھوم رکي ٿو. جڏھن ته ڪن ماھرن جي راءِ آھي ته لفظ "ٻولي" صرف ڳالھايل زبان لاء ڪتب آڻڻ گھرجي، "ڀاشا" معني ٻولي ۽ "اپ ڀاشا" معني "ٻولي جو ننڍو دفعو" (dialect). جڏھن ته سنڌي ٻولي ۾ لفظ "ٻولي" مڪمل زبان واري معني رکي ٿو. ٻوليون پنھنجي تاريخ رکن ٿيون، ھي ڪي اوچتي حادثي ۾ پيدا ٿيل ڪونھن نه وري ڪنھن آفاقي قوت يا ديوتائن طرفان مليل آھن.

نيلسن منڊيلا چيو ھو تہ:

"جيڪڏهن توھان ماڻھن جي دماغ ۾ ڪا ڳالھ ويھارڻ چاھيو ٿا ته ساڻن ڪنهن به سمجھ ۾ ايندڙ ٻولي ۾ ڳالھايو پر جيڪڏھن توھان ماڻھن جي دل ۾ ڳالھ ويھارڻ چاھيو ٿا ته پوء ساڻن مادري ٻولي ۾ ڳالھايو."

مادري ٻولي مان مراد ماءُ جي ٻولي. مادري ٻولي لاء انگريزي ۾ مڌر ٽنگ (mother tongue)،  مڌر لئنگويج (mother language), نيٽوِ لئنگويج (native language) ۽ فرسٽ لئنگويج (first language) جھڙا اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا.

ھن وقت جڏھن دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي. نيون نيون ٻوليون مارڪيٽ ۾ پنھنجي جاءِ ولاري رھيون آھن.  دنيا جيئن جيئن ھڪ ٻئي سان ڳنڊجي پئي تيئن تيئن نيون ٻوليون سکڻ ۽ ٻولي جي نوَن طريقن کي فروغ ڏنو پيو وڃي. روزگار، وسيلن ۽ عالمي شھري بڻجڻ واري ڊوڙ ۾  ماڻھن جا انبوھ آھن، جيڪي مارڪيٽ جي گھربل ٻولي(demand language) لاءِ نيون ٻوليون سِکن ٿا. جن سان مادريون ٻوليون ميسارجنديون وينديون ۽ مارڪيٽ جون ٻوليون فروغ وٺنديون وينديون. ھڪ اعتبار کان اھو به چئي سگھجي ٿو ته فردن سان گڏ ٻولي به ھڪ پراڊڪٽ طور مارڪيٽ ۾ استعمال ٿئي ٿي. اھوئي سبب آھي جو  ڌاريون ٻوليون سکڻ جا اشتھار اسان جي اکين اڳيان گردش ڪندا ٿا رھن. نوَن نوَن طريقن ۽ ھٿ ڪنڊن سان  پسماندہ خطن جي مادري ٻولين جي لتاڙ ٿي رھي آھي. مادري ٻولين جو ڏينھن ملھائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ان جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ مادري ٻولين کي ڪھڙا نقصان آھن ۽ ڪنھن کان خطرا آھن؟ اچو تہ نظر وجھون:

ايڪويهين صديءَ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي ڪوٺي وڃي ٿي. ويھين صدي جي پڄاڻي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن سائنس پنھنجا پير مضبوط ڪري مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاھي ورتي. ۽ انجو پھريون ۽ سڀ کان گھڻو فائدو عالمي سامراجي ملڪن کي ٿيو. ھو ان طريقن سان ٻين ملڪن ڏانھن وڌي رھيو ھو.  تڏھن ھڪ نئون انڪشاف پئدا ٿيو خاص ڪري چوٿين دنيا جي ملڪ لاء ته انھن جي ثقافت، ٻولي ۽ ناياب رسمون متاثر ٿينديون، ان جو سبب اھو ھيو ته عالمي سامراجي ملڪَ وڏي تيزي سان جديد سائنسي عملن ذريعي وڻج واپار توڙي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء ٻه قدم اڳتي وڌي آيا ھئا.

اھا صورتحال نھايت ڳڻتي جوڳي ھئي ان وقت ويھين صدي جي پڄاڻي تي يعني 1999ع ۾ يونيسڪو(united nations Educational Scientific Cultural Origination) طرفان "مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن" ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھيءَ ڏينھن کان ھر سال "21 فيبروري"  تي "مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن" ملھايو پيو وڃي. سوال اھو آھي ته مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟

يونيسڪو جي رپورٽ مطابق ھن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڇھ ھزار اٺ سئو نوَ ٻوليون ڳالھيون وڃن ٿيون، جن مان اڌ کان وڌيڪ ٻوليون خطري ۾ آھن، لڳ ڀڳ 537 ٻوليون اھڙيون آھن جنھن جا ڳالھائيندڙ 50 کان به وڌيڪ آھن، لڳ ڀڳ 50 ٻوليون ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ختم ٿي وينديون. ڇاڪاڻ ته انھن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جون تعداد فقط ڏھ ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي. يونيسڪو جي سروي مطابق جيڪڏھن ڪنھن ٻولي جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ھڪ لک کان گھٽ آھي ته پوءِ اھا ٻولي پنھنجي بقا ۽ پچاءَ جي جنگ نٿي وڙھي سگھي. ھڪ رپورٽ موجب ھر سال دنيا جي نقشي تان لڳ ڀڳ ڏھ ٻوليون گم ٿي رھيون آھن.

ٻولين جو عالمي سرسري ريشو ڏسجي ته ان ۾ چين ۾ ڳالھائي ويندڙ مينڊرين ٻولي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي سمجھي وڃي ٿي، ان کان پوءِ انگريزي ٻولي جنھن کي بين الاقوامي مارڪيٽ جي ٻولي پڻ تسليم ڪيو وڃي ٿو، گڏوگڏ دنيا جي 32 ڪروڙ ماڻھن جي مادري ٻولي انگريزي آھي، جن جي اڪثريت آمريڪا، آسٽريليا، برطانيه، ڪينيڊا ۽ نيوزلينڊ ۾ آباد آھي. ان کان علاوه 35 ڪروڙ اھڙا ماڻھو آھن جيڪي ٻي ٻولي (second language) جي طور تي استعمال ڪن ٿا. اھڙا پندرھن ڪروڙ ماڻھو ٻيا آھن جن انگريزي سکي آھي. ۽ ھاڻ تيزي سان انگريزي ٻولي ڳالھائيندڙن ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي. اھا آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ٻئين نمبر ٻولي جو اعزاز رکي ٿي. اردو-ھندي کي عالمي ليول تي مڪمل طور مادري ٻولي قبول ناھي ڪيو ويو پر ھڪ اعتبار کان ٻولي تصور ڪيو وڃي ته آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ٽيون نمبر ڳالھائي ويندڙ ٻولي جي حيثيت رکي ٿي. ان کان پوءِ بنگالي، ھسپانوي ٻوليون وڏين ٻولين واري صف ۾ شامل ٿين ٿيون.

مادري ٻولي فرد، گروھ ۽ قوم جي سڃاڻپ ھوندي آھي، جيڪا سندن تاريخ، ثقافت، تھذيب تمدن ۽ قدرن جھڙن املھ خزانن کي پنھنجي اندر سانڍي رکي ٿي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو ته: "ٻوليون قومن جي ثقافت جو حصو آھن. ٻوليون سماج ۾ سڀني ماڻھن جي پاڻ ۾ اندروني لاگاپي ۽ اظھار جو خاص وسيلو آھن. ٻوليون اھڙي ريت ڪلچر جو ترڪيبي جزو به آھن ته مرڪزي نظام به."

تعليم تدريس ۽ مادري ٻولي:

گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان بين الاقوامي سطح تي تعليم تدريس جي حوالي سان مادري ٻولين کي اھميت ڏني پئي وڃي. ماھرن جو خيال آھي ته:"ٻار کي ابتدائي تعليم فقط نيم شعوري ٻولي يا مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي" اھڙي ٻولي جنھن ۾ ٻار نوان نوان خواب ڏسندو آھي. تعليم ۽ تدريس جي ھڪ تحقيق مطابق اھو نتيجو اخذ ڪيو ويو ته: جيڪڏھن ٻار جي تعليم جي ٻولي نيم شعوري يا مادري ٻولي کان سواء دنيا جي ٻي ڪابه بھترين ٻولي آھي ته اھڙي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار ھڪ بھترين طوطو ٿي سگھي ٿو پر تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور ڏاھو نٿو ٿي سگھي. اھڙو فرد ذاتي سماجي ۽ قومي مفادن جي پورائي ۾ پڻ ڪو تعميري ڪردار ادا نٿو ڪري سگھي.

بدقسمتي سان اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا اتي بنيادي تعليم کان ويندي مٿئين ڏاڪي تائين تعليم تدريس جا مدي خارج طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن. ٻار کي ابتدائي تعليم کان ويندي انگريزي، اڙدو جو رٽو ھڻايو ٿو وڃي، ادارن ۾ جيڪو نصاب آھي، ڪنھن بہ اينگل کان ان کي تدريسي نصاب نٿو چئي سگھجي. اھڙي حالت ۾ اسان جو ايندڙ نسل طوطا ئي پئدا ڪري سگھي ٿو. نه ڪي اسان کي انھن مان سائنسدان، فلڪياتدان ۽ عالم ڏاھن جون اميدون رکڻ گھرجن.

ٻوليءَ کي ڪنھن کان ۽ ڪھڙا خطرا ٿي سگھن ٿا:

جديد بيٺڪيتي اڀياس ۾ ٻولي گھڻو ڪري مرڪزي سوال آھي، بيٺڪيت دوران حاڪم عام طور تي پنھنجي ٻولي مسلط ڪندو آھي، ايستائين جو مقامي ماڻھن کي انھن جي مادري ٻولي ڳالھائڻ کان منع ڪيو ويندو آھي.

تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسون ته جڏھن به سنڌ تي ڪنھن ڌاريي قبضاگير، لٽيري قبضو ڄمائي حاڪميت ڪئي ته ان پھرين اسان کان اسان جي ٻولي کسڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ جي مطالعي سان سڌ پوي ٿي ته ارغون، ترخان مغلن يا ان کان اڳ عرب دور ۾ پڻ جيڪي به حاڪم آيا تن سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ ۽ پنھنجون پنھنجون ٻوليون مسلط ڪرڻ لاء ڪيڏا ڪِيس ڪيا، ٺٽي جي مدرسن کان، سيوھڻ، لاڙ ۽ بکر توڙي ملتان تائين فارسي نه پڙھڻ جي ڏوھ ۾ طالبن جون ڄڀون ڪٽيون ويون، ۽ ٽياس تي ٽنگيا ويا، يعني اھو ارغون ترخان ھيو.

"جو تو فارسي اُڪليو گولو تون غلام" (لطيف)

مغل دور ۾ پڻ سنڌ وفاقيت جي تسلط ھيٺ رھي ۽ تعليم تدريس جي مرڪزن ۾ پڻ فارسي کي اوليت حاصل ھئي انڪري ان دور جي شاعرن تي گھڻو تڻو اثر ڌاري ٻولي ۽ ڌاري صنفن جو رھيو. اھي دور قديم بيٺڪيتي نظام جا دور ھيا. پر جڏھن دنيا ماڊرنزم ۾ پير پاتو ان وقت پڻ نظامنَ ۾ ترميم ٿي. جيڪا جديديت پڄاڻان ۽ پوءِ مابعد جديديت تائين رھندي آئي آھي. ائين ئي بيٺڪيتي/نوآبادياتي نظام پڻ پنھنجا رخ بدلايا نوَن نوَن طريقن سان ڦرلٽ جو نظام جاري رھيو، جنھن جا پيرا اسان کي انگريز دور ۾ ايڇ ٽي سورلي ۽ مسٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ڪيل عملن ۾ نظر اچن ٿا توڙي جو برصغير ان وقت برطانوي مملڪت جي تسلط ھيٺ ھيو، پر ھو ماڊرن تقاضن کي اڳيان رکي نوآبادياتي نظام کي برقرار رکندا آيا، جن پوري صغير جي اندر ٻولين جي ترقي کان ويندي تعمير و فن کي ھٿي وٺرائي.

ٻولي، رابطي، ثقافت پوء ھڪٻئي جي پيداوار آھن، ٻولي ثقافت کي جنم ڏيندي آھي، ثقافت خاص ڪري ادب ۽ ادب ذريعي سماجي قدرن کي، جنھن ذريعي اسان پاڻ کي دنيا ۾ پنھنجي قابليت ۽ مقام کي سمجھي سگھون.

ڏٺو وڃي ته اڄ سنڌ جديد بيٺڪيتي نظام ۽ جبري الحاق تحت پاڪستان نالي وفاقيت جي غلام آھي. نالي ماتر خودمختياري ۾ اسان جا سياسي، سماجي، اقتصادي اختيار وفاق وٽ آھن. اسان جي زندگي جي ننڍي وڏي ڪارو وھنوار کان ويندي تاريخي ثقافتي ورثو، جنھن ۾ مادري ٻولي به اچي وڃي ٿي، ٽياس تي ٽنگيل محسوس ٿئي ٿي. ڇوته جڏھن نوآباديات پنھنجي ٻولي انھن ماڻھن تي مسلط ڪندا آھن، جيڪي ان سرزمين تي آباد ھوندا آھن. جيڪا سندن تسلط ھيٺ ھوندي آھي. ھو مقامي مادري ٻولي ڳالھائڻ کان منع ڪندو آھن. لسانيات جي اڀياس مان اسان کي خبر پوي ٿي ته نوآبادياتي اسڪولن ۾ پنھنجي مادري ٻولي ڳالھائڻ تي زليل ڪيو ويندو آھي ۽ ماريو پڻ ويندو آھي.

نظرياتي ماھرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن اوھان کي پوسٽ ڪالونائيزشن ۾ لسانيات جو اڀياس ڪرڻو آھي ته ھڪ سادي سطح تي ته اينٿروپولوجيڪل مطالعي جي ذريعي ڪيو ان سان  نو آبادياتي زندگي کي سمجهڻ جو بھتر طريقو آھي. ان مفروضي جي بنياد تي  نوآبادياتي حڪمران جا داستان ٽڙيا پکڙيا پيا آھن.

يقيناً اسان کي ھاڻ اھو اندازو ٿي ويو ھوندو ته مادري ٻولي جو ڏينھن ملھائڻ ڇو ضروري آھي ۽ اسان جي مادري ٻولي کي خطرا ڪنھن کان آھن. جيڪڏھن اسان کي اھو سمجھ اچي ويو آھي ته پوءِ اھو به ضروري آھي ته ھن ناقابل برداشت تحقيقي تحرير جو نتيجو اخذ ڪجي.

سنڌي ٻولي سميت سمورين مقامي ٻولين کي چاليھ جي قرارداد ۽ آئين 1973 تحت سرڪاري ۽ ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ٻولين لاءِ سرڪار وٽ ڪا حيثيت ناھي ته جبري الحاق کي ٽوڙي قومن کي پنھنجا جدا گانه وطن واپس ڏنا وڃن. تعليمي درسگاهن ۾ عالمي تحقيقن کي مدنظر رکي مادري ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي. مارڪيٽ جي ڏي وٺ لاءِ پڻ مادري ٻولي کي ترجيح ڏني وڃي. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي ٿيندڙ ٻولي جي بگاڙ خلاف سوشل ميڊيا تي زبردست مھم ھلائي وڃي. ائين ئي مادري ٻولي جا بند دروازا کلي سگھن ٿا ۽ ٻولين جي عالمي ڏينھن تي ٿيندڙ تقريبون ۽ ڪاوشون پڻ ساڀيان ٿي سگھن ٿيون.

 

حوالا:

1: Babajide abidogun and oluranti, adebule (2013) "contribution of mother tongue in education"

2: www.unesco.org/education (Barman Biny 2012 the linguistics philosophy)

3: www.azwuotes.com

4. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو (مقالو): ٻولي ۽ ڪلچر،.سنڌي ٻولي بابت مقالا ۽ مضمون مضمون، جلد (ٻيون) ٻولي جو بااختيار ادارو 2008.

5. شاھ جو رسالو: بلوچ (سر يمن ڪلياڻ)

6. سنڌ ۾ ارغون دور

7. Jennifer Margulis and Peter Nowakoski, Spring 1996.

8. The role of mother languages in nation building by Dr Sajida parvin