Sunday, February 20, 2022

مادري ٻوليون اھميت ۽ رڪاوٽون ـ سردار ٻرڙو

ٻولي ھڪ اھڙو سرشتو آھي جيڪو مواصلات جي منجھيل نظام جي ترقي، حاصلات، بحالي جو چنھ سمجھي وڃي ٿي. اھو طريقو فقط انساني قابليت ۽ صلاحيت تي مشتمل آھي. ٻولي جي سائنسي اڀياس کي لسانيات (linguistics) سڏيو ويندو آھي، تحريري حوالي سان ٻي وصف ھن ريت آھي ته: لفظن جي مجموعي ۽ انھن جي ملائڻ جي طريقي يعني گرامر، جيڪو ڪو گروھ سمجھي ۽ ان کي رابطي جي مختلف طريقن ۾ استعمال ڪري ته ان کي ٻولي چيو ويندو آھي. ٻولي کي ھندي ۾ "ڀاشا" چيو ويندو آھي. ھندوستان جا اڪثر اديب ٻولي جي جاءِ تي "ڀاشا" جو لفظ ڪتب آڻيندا آھن. ڇاڪاڻ ته اھو لفظ "مڪمل زبان" جو مفھوم رکي ٿو. جڏھن ته ڪن ماھرن جي راءِ آھي ته لفظ "ٻولي" صرف ڳالھايل زبان لاء ڪتب آڻڻ گھرجي، "ڀاشا" معني ٻولي ۽ "اپ ڀاشا" معني "ٻولي جو ننڍو دفعو" (dialect). جڏھن ته سنڌي ٻولي ۾ لفظ "ٻولي" مڪمل زبان واري معني رکي ٿو. ٻوليون پنھنجي تاريخ رکن ٿيون، ھي ڪي اوچتي حادثي ۾ پيدا ٿيل ڪونھن نه وري ڪنھن آفاقي قوت يا ديوتائن طرفان مليل آھن.

نيلسن منڊيلا چيو ھو تہ:

"جيڪڏهن توھان ماڻھن جي دماغ ۾ ڪا ڳالھ ويھارڻ چاھيو ٿا ته ساڻن ڪنهن به سمجھ ۾ ايندڙ ٻولي ۾ ڳالھايو پر جيڪڏھن توھان ماڻھن جي دل ۾ ڳالھ ويھارڻ چاھيو ٿا ته پوء ساڻن مادري ٻولي ۾ ڳالھايو."

مادري ٻولي مان مراد ماءُ جي ٻولي. مادري ٻولي لاء انگريزي ۾ مڌر ٽنگ (mother tongue)،  مڌر لئنگويج (mother language), نيٽوِ لئنگويج (native language) ۽ فرسٽ لئنگويج (first language) جھڙا اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا.

ھن وقت جڏھن دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي. نيون نيون ٻوليون مارڪيٽ ۾ پنھنجي جاءِ ولاري رھيون آھن.  دنيا جيئن جيئن ھڪ ٻئي سان ڳنڊجي پئي تيئن تيئن نيون ٻوليون سکڻ ۽ ٻولي جي نوَن طريقن کي فروغ ڏنو پيو وڃي. روزگار، وسيلن ۽ عالمي شھري بڻجڻ واري ڊوڙ ۾  ماڻھن جا انبوھ آھن، جيڪي مارڪيٽ جي گھربل ٻولي(demand language) لاءِ نيون ٻوليون سِکن ٿا. جن سان مادريون ٻوليون ميسارجنديون وينديون ۽ مارڪيٽ جون ٻوليون فروغ وٺنديون وينديون. ھڪ اعتبار کان اھو به چئي سگھجي ٿو ته فردن سان گڏ ٻولي به ھڪ پراڊڪٽ طور مارڪيٽ ۾ استعمال ٿئي ٿي. اھوئي سبب آھي جو  ڌاريون ٻوليون سکڻ جا اشتھار اسان جي اکين اڳيان گردش ڪندا ٿا رھن. نوَن نوَن طريقن ۽ ھٿ ڪنڊن سان  پسماندہ خطن جي مادري ٻولين جي لتاڙ ٿي رھي آھي. مادري ٻولين جو ڏينھن ملھائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ ان جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ مادري ٻولين کي ڪھڙا نقصان آھن ۽ ڪنھن کان خطرا آھن؟ اچو تہ نظر وجھون:

ايڪويهين صديءَ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي صدي ڪوٺي وڃي ٿي. ويھين صدي جي پڄاڻي واري ڏھاڪي ۾ جڏھن سائنس پنھنجا پير مضبوط ڪري مارڪيٽ ۾ جاءِ ٺاھي ورتي. ۽ انجو پھريون ۽ سڀ کان گھڻو فائدو عالمي سامراجي ملڪن کي ٿيو. ھو ان طريقن سان ٻين ملڪن ڏانھن وڌي رھيو ھو.  تڏھن ھڪ نئون انڪشاف پئدا ٿيو خاص ڪري چوٿين دنيا جي ملڪ لاء ته انھن جي ثقافت، ٻولي ۽ ناياب رسمون متاثر ٿينديون، ان جو سبب اھو ھيو ته عالمي سامراجي ملڪَ وڏي تيزي سان جديد سائنسي عملن ذريعي وڻج واپار توڙي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاء ٻه قدم اڳتي وڌي آيا ھئا.

اھا صورتحال نھايت ڳڻتي جوڳي ھئي ان وقت ويھين صدي جي پڄاڻي تي يعني 1999ع ۾ يونيسڪو(united nations Educational Scientific Cultural Origination) طرفان "مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن" ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھيءَ ڏينھن کان ھر سال "21 فيبروري"  تي "مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن" ملھايو پيو وڃي. سوال اھو آھي ته مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟

يونيسڪو جي رپورٽ مطابق ھن وقت دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڇھ ھزار اٺ سئو نوَ ٻوليون ڳالھيون وڃن ٿيون، جن مان اڌ کان وڌيڪ ٻوليون خطري ۾ آھن، لڳ ڀڳ 537 ٻوليون اھڙيون آھن جنھن جا ڳالھائيندڙ 50 کان به وڌيڪ آھن، لڳ ڀڳ 50 ٻوليون ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ختم ٿي وينديون. ڇاڪاڻ ته انھن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جون تعداد فقط ڏھ ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي. يونيسڪو جي سروي مطابق جيڪڏھن ڪنھن ٻولي جي ڳالهائيندڙن جو تعداد ھڪ لک کان گھٽ آھي ته پوءِ اھا ٻولي پنھنجي بقا ۽ پچاءَ جي جنگ نٿي وڙھي سگھي. ھڪ رپورٽ موجب ھر سال دنيا جي نقشي تان لڳ ڀڳ ڏھ ٻوليون گم ٿي رھيون آھن.

ٻولين جو عالمي سرسري ريشو ڏسجي ته ان ۾ چين ۾ ڳالھائي ويندڙ مينڊرين ٻولي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي سمجھي وڃي ٿي، ان کان پوءِ انگريزي ٻولي جنھن کي بين الاقوامي مارڪيٽ جي ٻولي پڻ تسليم ڪيو وڃي ٿو، گڏوگڏ دنيا جي 32 ڪروڙ ماڻھن جي مادري ٻولي انگريزي آھي، جن جي اڪثريت آمريڪا، آسٽريليا، برطانيه، ڪينيڊا ۽ نيوزلينڊ ۾ آباد آھي. ان کان علاوه 35 ڪروڙ اھڙا ماڻھو آھن جيڪي ٻي ٻولي (second language) جي طور تي استعمال ڪن ٿا. اھڙا پندرھن ڪروڙ ماڻھو ٻيا آھن جن انگريزي سکي آھي. ۽ ھاڻ تيزي سان انگريزي ٻولي ڳالھائيندڙن ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي. اھا آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ٻئين نمبر ٻولي جو اعزاز رکي ٿي. اردو-ھندي کي عالمي ليول تي مڪمل طور مادري ٻولي قبول ناھي ڪيو ويو پر ھڪ اعتبار کان ٻولي تصور ڪيو وڃي ته آبادي جي لحاظ کان دنيا جي ٽيون نمبر ڳالھائي ويندڙ ٻولي جي حيثيت رکي ٿي. ان کان پوءِ بنگالي، ھسپانوي ٻوليون وڏين ٻولين واري صف ۾ شامل ٿين ٿيون.

مادري ٻولي فرد، گروھ ۽ قوم جي سڃاڻپ ھوندي آھي، جيڪا سندن تاريخ، ثقافت، تھذيب تمدن ۽ قدرن جھڙن املھ خزانن کي پنھنجي اندر سانڍي رکي ٿي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو ته: "ٻوليون قومن جي ثقافت جو حصو آھن. ٻوليون سماج ۾ سڀني ماڻھن جي پاڻ ۾ اندروني لاگاپي ۽ اظھار جو خاص وسيلو آھن. ٻوليون اھڙي ريت ڪلچر جو ترڪيبي جزو به آھن ته مرڪزي نظام به."

تعليم تدريس ۽ مادري ٻولي:

گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان بين الاقوامي سطح تي تعليم تدريس جي حوالي سان مادري ٻولين کي اھميت ڏني پئي وڃي. ماھرن جو خيال آھي ته:"ٻار کي ابتدائي تعليم فقط نيم شعوري ٻولي يا مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي" اھڙي ٻولي جنھن ۾ ٻار نوان نوان خواب ڏسندو آھي. تعليم ۽ تدريس جي ھڪ تحقيق مطابق اھو نتيجو اخذ ڪيو ويو ته: جيڪڏھن ٻار جي تعليم جي ٻولي نيم شعوري يا مادري ٻولي کان سواء دنيا جي ٻي ڪابه بھترين ٻولي آھي ته اھڙي ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار ھڪ بھترين طوطو ٿي سگھي ٿو پر تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور ڏاھو نٿو ٿي سگھي. اھڙو فرد ذاتي سماجي ۽ قومي مفادن جي پورائي ۾ پڻ ڪو تعميري ڪردار ادا نٿو ڪري سگھي.

بدقسمتي سان اسان جنھن سماج ۾ رھون ٿا اتي بنيادي تعليم کان ويندي مٿئين ڏاڪي تائين تعليم تدريس جا مدي خارج طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن. ٻار کي ابتدائي تعليم کان ويندي انگريزي، اڙدو جو رٽو ھڻايو ٿو وڃي، ادارن ۾ جيڪو نصاب آھي، ڪنھن بہ اينگل کان ان کي تدريسي نصاب نٿو چئي سگھجي. اھڙي حالت ۾ اسان جو ايندڙ نسل طوطا ئي پئدا ڪري سگھي ٿو. نه ڪي اسان کي انھن مان سائنسدان، فلڪياتدان ۽ عالم ڏاھن جون اميدون رکڻ گھرجن.

ٻوليءَ کي ڪنھن کان ۽ ڪھڙا خطرا ٿي سگھن ٿا:

جديد بيٺڪيتي اڀياس ۾ ٻولي گھڻو ڪري مرڪزي سوال آھي، بيٺڪيت دوران حاڪم عام طور تي پنھنجي ٻولي مسلط ڪندو آھي، ايستائين جو مقامي ماڻھن کي انھن جي مادري ٻولي ڳالھائڻ کان منع ڪيو ويندو آھي.

تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسون ته جڏھن به سنڌ تي ڪنھن ڌاريي قبضاگير، لٽيري قبضو ڄمائي حاڪميت ڪئي ته ان پھرين اسان کان اسان جي ٻولي کسڻ جي ڪوشش ڪئي. تاريخ جي مطالعي سان سڌ پوي ٿي ته ارغون، ترخان مغلن يا ان کان اڳ عرب دور ۾ پڻ جيڪي به حاڪم آيا تن سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ ۽ پنھنجون پنھنجون ٻوليون مسلط ڪرڻ لاء ڪيڏا ڪِيس ڪيا، ٺٽي جي مدرسن کان، سيوھڻ، لاڙ ۽ بکر توڙي ملتان تائين فارسي نه پڙھڻ جي ڏوھ ۾ طالبن جون ڄڀون ڪٽيون ويون، ۽ ٽياس تي ٽنگيا ويا، يعني اھو ارغون ترخان ھيو.

"جو تو فارسي اُڪليو گولو تون غلام" (لطيف)

مغل دور ۾ پڻ سنڌ وفاقيت جي تسلط ھيٺ رھي ۽ تعليم تدريس جي مرڪزن ۾ پڻ فارسي کي اوليت حاصل ھئي انڪري ان دور جي شاعرن تي گھڻو تڻو اثر ڌاري ٻولي ۽ ڌاري صنفن جو رھيو. اھي دور قديم بيٺڪيتي نظام جا دور ھيا. پر جڏھن دنيا ماڊرنزم ۾ پير پاتو ان وقت پڻ نظامنَ ۾ ترميم ٿي. جيڪا جديديت پڄاڻان ۽ پوءِ مابعد جديديت تائين رھندي آئي آھي. ائين ئي بيٺڪيتي/نوآبادياتي نظام پڻ پنھنجا رخ بدلايا نوَن نوَن طريقن سان ڦرلٽ جو نظام جاري رھيو، جنھن جا پيرا اسان کي انگريز دور ۾ ايڇ ٽي سورلي ۽ مسٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ڪيل عملن ۾ نظر اچن ٿا توڙي جو برصغير ان وقت برطانوي مملڪت جي تسلط ھيٺ ھيو، پر ھو ماڊرن تقاضن کي اڳيان رکي نوآبادياتي نظام کي برقرار رکندا آيا، جن پوري صغير جي اندر ٻولين جي ترقي کان ويندي تعمير و فن کي ھٿي وٺرائي.

ٻولي، رابطي، ثقافت پوء ھڪٻئي جي پيداوار آھن، ٻولي ثقافت کي جنم ڏيندي آھي، ثقافت خاص ڪري ادب ۽ ادب ذريعي سماجي قدرن کي، جنھن ذريعي اسان پاڻ کي دنيا ۾ پنھنجي قابليت ۽ مقام کي سمجھي سگھون.

ڏٺو وڃي ته اڄ سنڌ جديد بيٺڪيتي نظام ۽ جبري الحاق تحت پاڪستان نالي وفاقيت جي غلام آھي. نالي ماتر خودمختياري ۾ اسان جا سياسي، سماجي، اقتصادي اختيار وفاق وٽ آھن. اسان جي زندگي جي ننڍي وڏي ڪارو وھنوار کان ويندي تاريخي ثقافتي ورثو، جنھن ۾ مادري ٻولي به اچي وڃي ٿي، ٽياس تي ٽنگيل محسوس ٿئي ٿي. ڇوته جڏھن نوآباديات پنھنجي ٻولي انھن ماڻھن تي مسلط ڪندا آھن، جيڪي ان سرزمين تي آباد ھوندا آھن. جيڪا سندن تسلط ھيٺ ھوندي آھي. ھو مقامي مادري ٻولي ڳالھائڻ کان منع ڪندو آھن. لسانيات جي اڀياس مان اسان کي خبر پوي ٿي ته نوآبادياتي اسڪولن ۾ پنھنجي مادري ٻولي ڳالھائڻ تي زليل ڪيو ويندو آھي ۽ ماريو پڻ ويندو آھي.

نظرياتي ماھرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن اوھان کي پوسٽ ڪالونائيزشن ۾ لسانيات جو اڀياس ڪرڻو آھي ته ھڪ سادي سطح تي ته اينٿروپولوجيڪل مطالعي جي ذريعي ڪيو ان سان  نو آبادياتي زندگي کي سمجهڻ جو بھتر طريقو آھي. ان مفروضي جي بنياد تي  نوآبادياتي حڪمران جا داستان ٽڙيا پکڙيا پيا آھن.

يقيناً اسان کي ھاڻ اھو اندازو ٿي ويو ھوندو ته مادري ٻولي جو ڏينھن ملھائڻ ڇو ضروري آھي ۽ اسان جي مادري ٻولي کي خطرا ڪنھن کان آھن. جيڪڏھن اسان کي اھو سمجھ اچي ويو آھي ته پوءِ اھو به ضروري آھي ته ھن ناقابل برداشت تحقيقي تحرير جو نتيجو اخذ ڪجي.

سنڌي ٻولي سميت سمورين مقامي ٻولين کي چاليھ جي قرارداد ۽ آئين 1973 تحت سرڪاري ۽ ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ٻولين لاءِ سرڪار وٽ ڪا حيثيت ناھي ته جبري الحاق کي ٽوڙي قومن کي پنھنجا جدا گانه وطن واپس ڏنا وڃن. تعليمي درسگاهن ۾ عالمي تحقيقن کي مدنظر رکي مادري ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي. مارڪيٽ جي ڏي وٺ لاءِ پڻ مادري ٻولي کي ترجيح ڏني وڃي. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي ٿيندڙ ٻولي جي بگاڙ خلاف سوشل ميڊيا تي زبردست مھم ھلائي وڃي. ائين ئي مادري ٻولي جا بند دروازا کلي سگھن ٿا ۽ ٻولين جي عالمي ڏينھن تي ٿيندڙ تقريبون ۽ ڪاوشون پڻ ساڀيان ٿي سگھن ٿيون.

 

حوالا:

1: Babajide abidogun and oluranti, adebule (2013) "contribution of mother tongue in education"

2: www.unesco.org/education (Barman Biny 2012 the linguistics philosophy)

3: www.azwuotes.com

4. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو (مقالو): ٻولي ۽ ڪلچر،.سنڌي ٻولي بابت مقالا ۽ مضمون مضمون، جلد (ٻيون) ٻولي جو بااختيار ادارو 2008.

5. شاھ جو رسالو: بلوچ (سر يمن ڪلياڻ)

6. سنڌ ۾ ارغون دور

7. Jennifer Margulis and Peter Nowakoski, Spring 1996.

8. The role of mother languages in nation building by Dr Sajida parvin

No comments:

Post a Comment