ڇا پيو ڪرين؟
خاموش
وڏو ٽهڪ . . . . . . . .
وري ڪنن جي پردن تي دٻاءُ !!
هوا ۾ پڙاڏو ،
ڇا ڇا ڇا ڇا
، پيو پيو پيو پيو ، ڪرين ڪرين ڪرين ڪرين ؟
ايڪو ڄڻ مٿي جي ڪجهه مفاصلن تي هجي
سانت ئي سانت
وري پڙاڏو گونجندو رهيو ، ساڳيو سوال !!
پڙاڏو ڇا ڇا ڇا ڇا ؟ پيو پيو پيو پيو ؟ ڪرين ڪرين ڪرين !
ڪنن ۾ اشهد آنڱريون ، خاموش ، ڀت جيان
بيهڻ پڪو ارادو ڪرڻ ، ڇا به ٿي پوي ، سوال جو جواب ، نه نه
نه .
وري به ساڳيو آواز ڇا ڇا ڇا
؟ پيو پيو پيو پيو ، ڪرين ڪرين ڪرين ڪرين ؟
جواب ڏيڻ جي تياري ڪيم ، پر وري به خاموشيءَ کي ترجيح وري به ساڳي واويلا .
ڇا ڇا ڇا ڇا
؟ پيو پيو پيو پيو ، ڪرين ڪرين ڪرين ڪرين ؟
هاڻي ته ڪنن جا پردا ڦاٽڻ لڳا ، هٿ ٻڌي چيو مانس مڃ پنهنجي پالڻهار کي ، مڃ
پنهنجي مرشد کي ، کونس نه ڪر نه ته ناسون
ڀڃي وجهندو مائين .
وري به ٽهڪ ۽ آواز . ڇا ڇا ڇا ڇا ؟ پيو پيو پيو پيو ؟ ڪرين ڪرين ڪرين ڪرين؟
ٻئي مٺيون ڀڪوڙي ، ڏند ڪرٽيندي ، اڌورو جواب ڏنومانس .
ننڊ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿئي پئي
وري به وڏو ٽهڪ ، هن ڀيري آواز مٽيل ننڊ جي تلاش ٿئي پئي پر ناڪام ڇو ؟
اگهور ننڊ ڇو نه ؟ ڄڻ ته منهنجي ڪُنَ
رڳ تي هٿ رکيائين اهو چيو مانس ته ، ڪاش اگهور ننڊ اچي وڃي ته . .
. . . . !
پڙاڏو
ننڊ اچي تون ڪيئن ٿي ، ڌرتيءَ تي ڌاڙيل آ ، ڏاڍ ڏنگيون ڏيهه سارو . وانگين ۾
واويلا آ ، چيو مانس ته اهي قومي ڪلام پنهنجن ڪلاڪارن سان گڏ پورجي ويا .
پڙاڏو بزدلائپ ، ڀاڙيائپ ، بيهودائپ ۽ ڪميڻائپ وارن جون قطارون لڳيون پيو آهن
.
چيومانس ها سچ ٿو چوين !!
پڙاڏو . تو وارو ، سوشلزم ڪٿي پهتو ؟
۽ تو واري ٽريڊ يونين ، جنهن لاءِ اوهين چوندا هئا ته ، انقلاب جي انجڻ آ ؟
يڪدم هڪ ساهيءَ ۾ جواب ڏنومانس ، سوشلزم روس وارن کان پڇ ، باقي ٽريڊ يونين جي
انقلابي انجڻ ، ڪجهه ڪارخاني جي چمنيءَ جي دونهي ۾ دونهون ٿي وئي .
ڪجهه ٽريڊ يونينسٽن جي پيٽ ۾ پهتي ، اهي پيٽ به آخري ، ٺڪاءُ ڏئي دز ۾ دَٻجي
ويا.
پڙاڏو . . .
. . شاويز ته شعلا شعلا واءُ آ .
ڪاسترو ءَ جو قبر جي ڪنڌيءَ وارو ڪنڌ
اڄ به اوچو آ
پڙاڏي جي ڪن ۾ سٺي گار ڏني مانس
پڙاڏو . ڀلا قومي ڪارڪنائپ ، اديبائپ ڪٿي آ پهتي ؟
چيومانس : مڙئي مهاڏا ٿي پياهن ، بنگلن ۽ ونين وٺڻ ۾ . . رڌا پيا آهن
ڊگهين گاڏين جي زوزاٽ ۾ مصنوعي نعرا پيا هڻن.
اديبائپ سماج کي انڌو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
قلم جو ڪنڌ نوڙائي ، ڪڌن ڪرتوتن تي لکڻ بجاءِ ڳلن ، زلفن . ، ۽ ارهن جي سائيز
تي سٽون پيا لکن .
پڙاڏو : تون به ته انقلاب سان عشق ۽ هڪ پياري هٿ ڪئي هئي نه ؟
چيومانس :- انقلاب جي راه ۾ هلندي هلندي ٿڪاوٽ جي نه کٽندڙ ٿڌي ڇانو ۾ ٿانيڪو
ٿيس ، انقلابي منهنجا راهي پارليامينٽ جي پهچڻ جي چڪر ۾ پوڙها ٿي پيا هن .
ڪي وري زندگيءَ جون آخري گهڙيون سمجهي عذاب قبر کان بچڻ لاءِ مسلسل مسجدن ۾
ويهڻ لڳا آهن . ڪي وري گيڙو ويس پهري عابد جي ڪلامن تي پيرن ۾ چڙا وجهي ،
جهمريون پيا پائين . باقي رهيا کهيا نوجوان ٽاٽر، ابن جي آواز ۾ سماجي انقلاب جون
اڏول ڳالهيون پيا ڪن .
ها باقي مون واري پياري انهيءَ جي حاصلات لاءِ ، هر طوفان سان ٽڪرائجڻ جا پختا
۽ پڪا ارادا، مضبوط ڪيا هيم ، پر پنهنجي سڃائپ پياريءَ کي پالڻ ، خوش رکڻ جو کتو
جواب ڏئي ڇڏيو هئو، پر پيار جا سريلا سڏ اڄ به آڌيءَ رات ،اٿاري تارن سان پره
ڦٽيءَ تائين ڳالهيون ڪرائيندا آهن، اڄ به پرينءَ جي پيار کي ياد ڪري پيريءَ ۾ رڃ ۾
رلندو آهيان .
بس هاڻي ٻنهي محبوبائن ، انقلاب ۽ پيار سان اين - جي اوز، ڊونرز جي اڇلايل
پاروٿي پئسي سان نڀاءُ پيو ٿئي .
پڙاڏو :- صفا ڪو . . . ڀ . ڀ
. ڀ . ڀ . . ! آهين !
بلڪل ئي ب . ب . ب . ب . . . . ! آهين
.
پڙاڏو ؛- ٿوري دير خاموش رهڻ ۽ وري چوڻ جتي جتي تاريخ ، بهادر اڙٻنگ جوڌا جرنيل ، جوان مرد پيدا ڪيا آهن .
اتي تو جهڙا . .
. . . . .
. !
ويندي ويندي چيائين ، ويهي تاڙيون وڄاءِ !!!
پڙاڏي جي ضميري سڏ جا سريلا آواز منهنجن ، ڪنن ۾ گُونجندا رهيا ، مگر مان ننڊ جي الُوپَ ۾ مدهوش ٿيندو ويس .