اداس لهجي ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن تي چيائين ،
مان اوهان کي الوداع چوڻ آئي
آهيان
مان “الوداع“ لفظ جي الجهن ۾
وٺجي ويس
مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه
پئي آيو ته پرهه هي ڇا چئي رهي آهي ؟
مان ٿڙندڙ قدمن ۾ پليٽ فارم
نمبر 3 جون ڏاڪڻون لهندي ٿاٻڙجندو رهيو هيس ، پليٽ فارم نمبر 3 تي سکر ايڪسپريس اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ اچڻ واري هئي ، جنهن جي آمد جي انائونسمينٽ هلي رهي هئي .
ٻن قولين پرهه جي بريف ڪيس
ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو ته ،
ميڊم في ڦيرو 50 ۾ آهي ،
اوهان جي سيٽ ، تائين توهان جو سامان پهچايون ، پرهه ڪنڌ ڌوڻي قولين کي انڪار ڪيو
:-
اسٽيشن تي مسافرن جي رش
وڌندي وئي پئي ، چاءِ والي ، انڊي والي ، روٽي والي ، موبائيل چارج ڪرائڻ جا هوڪا
پئي هليا ، هڪڙي پوڙهي فقيرياڻيءَ ٻَئي هٿ اسان ڏانهن وڌائيندي چيو الله جي واسطي
100 روپيه اڄ خوشيءَ سان ، ڏيو خدا گلڙن جهڙا ٻچڙا . فقيرياڻيءَ
جي ان گفتي پرهه جا ڳوڙها ڳاڙي ، اکڙين جا بند ڀڃي . ڳلن تي پهچائي ڇڏيا هئا.
فقيرياڻي لاءِ پرس مان پيئسا ڪڍڻ لاءِ پرس جي زپ ، ڏڪندڙ
هٿن سان کولڻ جي ڪوشش ۾ هئي ته ، مان پنهنجي پينٽ جي پاڪيٽ مان 50 روپيه ڪڍي ، فقيرياڻيءَ
کي ڏنا ، ايتري ۾ ٽرين به اچي چڪي هئي مسافرن جي ڳتيل رش کي اورانگهيندي ڪنڊيڪٽر
گارڊ ، ڏانهن پهچي وياسين ، ڪنڊيڪٽر گارڊ کان ڀرٿ سيٽ نمبر وٺندي مسافرن جي پيهه
کي چيريندي اسين گاڏيءَ جي سيٽ نمبر تي پهچي وياسين ، پرهه جي بريف ڪيس ، ٽفن باڪس
۽ واٽر ڪولر رکندي ، مون کي پرهه ، انتهائي غمگين ۽ ٻڏل ٻن اکرن سان چيو، مان ڪجهه
اسٽال تان توهان لاءِ وٺي اچان ، چيائين ڇڏيو سڀ ڪجهه آهي. اهيا گهڙي به ضايع نه
ٿيڻ گهرجي پوءِ مان موبائيل ۾ وقت ڏٺو ته ڪلاڪ ۽ منٽ به اسان ٻنهي کان موڪلائي
اداس انگن سان الوداع چئي رهيا هيا.
مان ڳوڙها ڳاڙيندي ، ڪنڌ هيٺ
ڪري الائي ڪيئن هڪ گفتو ڪڍيو ، پرهه هي ڇا ٿي رهيو آ ؟
اچانڪ وٺ وٺان ڇو ؟
۽ وري الوداع به ڇو ؟
پرهه چيو انور مون ڏانهن ڏس
۽ حوصلو ڪر ، مان ڀِڳل اکيون مٿي ڪري پرهه ڏانهن نهاريو، سندس اکين مان ڳوڙها ٽم
ٽم ڪري رهيا هئا ، سندس نڪ جي ڪوڪي جو ٻڙو، جَرڪي رهيو هو، سندس وارن جون چڳون بي
چيني جي ڪري ڇڙ وڇڙ لڳي رهيون هيون، انور منهنجو پڦاٽ U K مان
پهچي چڪو آهي 31 ڊسمبر تي ويندڙ سال کي الوداع چونديس ۽ پڻ پنهنجي پراڻين هرلحاظ جي
همدرد ۽ بي لوث پاڪ صاف، شفاف پوڄا ڪندڙ، محبت واري انور کي الوداع به!!!
منهنجا ڳوڙها جون جي مينهن
جيان وسي رهيا هئا ، ڏڪندڙ ڪياڙي ڏڪائيندي ڏندن مان زوريءَ زبان کي اڪلائيندي
چيومانس ته توهان حالتن آڏو هيڻان ٿي ، هڙئي هٿيار ڇو ڦٽا ڪيا ؟
چيائين مان پنهنجن مٽن
مائٽن، سان هر ويڙهه وڙهي ، پر هاريل جا، هاريل رهجي ويس ، مجبورن هر هڪ خوشيءَ
کي، الوداع چوڻو پيو . ۽ ڏکن جي ڏيهه کي سورن جي سليڪشن ڪرڻي پئجي وئي.
جڏهن مون کي هر شي ويندڙ
محسوس ٿي، تڏهن پٿر دل تي رکي چيومانس ته ٺيڪ آ اوهان کي خدا نئون نڀاءُ بخشي ڏئي
. شال اوهان جو گهر ۽ ور شاد آباد رهي. پر مان اڪيلائپ ۽ اونداهين جو انور بڻبس .
جيئن اوهان مونکي الوداع چئو
ٿا ، تيئن مان به ڪنهن جي نڪاح ۾ نه ايندس ، نڪاح کي اڄ اوهان آڏو الوداع ٿو چوان
.
اوهان کي CSS آفيسر ٿيڻو آ ؛- پرهه دريءَ
ڏانهن نهار ڪندي چيو . ۽ ها . ائين انهن روهڙي ۽ سکر ۾ مون سواءِ سکڙو چوراهن ۽
چونڪن تي نه وڃجاءِ . چري چاهت ياد ايندئي ته چريو ٿي پوندين !!!
در اصل انور! اسان
سنڌين جا ور ماروٽ ، پفاٽ ۽ سوٽ عمومن ٿيندا رهندا آهن . مان جنهن پفاٽ جي نڪاح ۾
اچان پئي ان جون يوڪي ۾ “يارڙيون ” کوڙ آهن ۽ مون کي لڳي ٿو ٻارن
جي گولر ڏئي ، هڪ ڏينهن هو به مون کي الوداع چئي ڇڏيندو .
مان چيومانس پرهه CSS جا ڪتاب هاڻي پاڻ کان پڙهيا
ڪون ٿيندا .
جڏهن دل ئي نه رهي ته دماغ
ڪهڙي ڪم جو رهندو ، منهنجو سارو جسم ڏڪي رهيو هو ، مون ڏٺو ته پرهه ٻئي هٿ پنهنجي
منهن کي ڏئي اوڇگارون ڏيڻ لڳي . گاڏيءَ ۾ ويٺل مسافر اسان ڏانهن، متوجه ٿي ويا .
ڪن عجب سان ڏٺو، ڪن حقارت سان ، ڪن جو نظرون چَٿرون ڪرڻ لڳيون ڪي ڏکويل ٿي رهيا
هئا ۽ وري ڪي کلي رهيا هئا . مان گاڏيءَ مان نڪري پليٽ فارم تي پرهه جي دريءَ ۾
بيهي رهيس . ٽرين جي گهنٽي وڄڻ لڳي ، مون پرهه کي چيو جڏهن ٻارن جي گولر وٺي UK مان
واپس اينديهءَ تڏهن به مان اوهان کي خوش ٿي جيءَ ۾ جايون ڏيندس ، پرهه پنهنجي ٻانهن
تي ڪنڌ رکندي چيو. تڏهن پاڻ پيريءَ ۾ پير پائي، جوانيءَ کي الوداع چئي چڪا
هونداسين.
ٽرين جي آخري سيٽي وڄڻ سان،
ٽرين ٿورو چرڻ لڳي ۽ مان پرهه جي دريءَ سان دل جي تيز ڌڙڪڻ تي ، ٽرين جي الوداعي
کڙڪن تي هلڻ لڳس .
پرهه چيو بس هاڻي بيهي رهو ڪٿي ڪري نه پئو . انور پنهنجو پاڻ سنڀال ۽ پڻ مون کي دعائن ۾ ياد ڪجاءِ . مون کي معاف ڪجاءِ . مان تو سان نڀاءُ نه ڪري سگهيس . الوداع - انور الوداع چوندي رهي. ٽرين پنهنجي فل اسپيڊ پڪڙي وئي مان ڪرندڙ قدمن سان ٽرين ڏانهن ڏسندو رهيس جيڪا منهنجي اکين کان اوجهل ٿي الوداع چئي چڪي هئي .
