Sunday, March 31, 2024

نيتاجي سڀاش چندر بوس ـ استاد خالد چانڊيو


ننڍي کنڊ جي قومي آزادي جو ھي عظيم اڳواڻ "اوڙيسا" جي "ڪٽڪ" شھر ۾ 23 جنوري 1897ع ۾ پيدا ٿيو.ابتدائي تعليم ڪٽڪ مان پرائڻ کان پوءِ کيس پريزيڊنسي ڪاليج ڪلڪتي ۾ داخل ڪرايو ويو. پريزيڊنسي ڪاليج ۾ ھڪ انگريز پروفيسر کي موچڙا ھڻڻ سبب کيس ڪاليج مان نيڪالي ڏني وئي ٻيھر داخلا ملڻ تي 1919ع ۾ پریزیڊنسي ڪاليج ڪلڪتي مان بي.اي ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ ھليو ويو ، جتان لنڊن مان تياري ڪري انڊين سول سروس جو امتحان ڏنائين ۽ سھڻي نموني ڪامياب ٿيو.ھڪ سال تائين بيوروڪريسي جي تربيت پڻ حاصل ڪيائين پر پنھنجي قومپرست خيالن سبب نوڪري ڪرڻ بجاءِ استعيفا ڏئي وطن موٽي آيو.وطن پھچڻ سان سڌو وڃي مھاتما گانڌي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کانئس رھنمائي گھريائين.مھاتما گانڌي نوجوان سڀاش چندر بوس کي مشھور سماجي اڳواڻ ۽ اصلاح پسند "ديش بنڌو چتارنجن داس" جي حوالي ڪيو.سڀاش چندر بوس چئن ورھين تائين "ديش بنڌو" جي خدمت ۾ رھيو ۽ کيس گرو مڃي کانئس رھنمائي وٺندو رھيو.

سڀاش چندر بوس

ان وچ ۾ سندس رابطا بنگال ۾ ڪم ڪندڙ خفيہ مزاحمتي تنظيمن سان ٿي چڪا ھيا جنھن جي کُڙڪ انگريز حڪومت کي پڻ پئجي چڪي ھئي.ستت ئي کيس گرفتار ڪري بنگال جي مزاحمتي ۽ وڳوڙي تنظيمن سان رابطن جي الزام ھيٺ منڊالي (برما) جيل موڪليو ويو.

سڀاش چندر بوس برما جي منڊالي جيل ۾ 1925ع کان 1927ع تائين رھيو. جيل مان آزادي کان پوءِ وري سياسي سرگرمين ۾ لڳي ويو ۽ بنگال جي صوبائي ڪانگريس ڪاميٽي جو صدر پڻ چونڊجي ويو.

بابو سڀاش چندر بوس ، ڪانگريس جي اعتدال پسند ۽ وچٿري سياسي لائين ۽ طريقہ ڪار جو سخت مخالف ھو ۽ ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ مسلح جدوجھد جو حامي ھيو.سندس اھڙن خيالن سبب انگريز حڪومت جي مٿس ڪرڙي نظر ھوندي ھئي.1930ع ۾ مھاتما گانڌي جي "لوڻ واري ستيہ گرھہ" کان پوءِ ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان گڏ سڀاش چندر بوس کي بہ گرفتارڪيو ويو. پر بعد ۾ "گانڌي-اِرون ٺاھہ" ھيٺ ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان گڏ آزاد ٿيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ گانڌي-اِرون ٺاھہ جي سخت مخالفت ڪيائين جنھن ڪري کيس وري گرفتار ڪري ھڪ سال جيل ۾ رکي يورپ جلاوطن ڪيو ويو.جلاوطني دوران يورپ ۾ رھي مختلف سياسي نظرين ۽ يورپي سياسي مزاحمتي تحريڪن جو جائزو ورتائين.

1936ع ۾ جلاوطني واري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي يورپ مان وطن موٽي آيو ۽ جيل حوالي ٿيو.1937ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ ستن صوبن ۾ ڪانگريس جي ڪاميابي کان پوءِ حڪومت ٺھي تہ ھن کي بہ آزاد ڪيو ويو. 1938ع ۾ بابو سڀاش چندر بوس،ڪانگريس جي "تريپورہ" واري اجلاس ۾ مرڪزي صدر چونڊجي ويو.

1939ع ۾ مھاتماگانڌي جي مرضي خلاف ٻيھر ڪانگريس جي صدارت لاءِ بيٺو ۽ سخت مخالفت جي باوجود مھاتما گانڌي جي اميدوار کان کٽي ويو. پر ڪانگريس جي سينئر اڳواڻن ۽ مھاتما گانڌي سان حڪمت عملي ۽ پاليسين تي سخت اختلافن سبب 2 اپريل 1939ع تي ڪانگريس جي صدارت تان استعيفا ڏنائين.آگسٽ 1939ع تي ڪانگريس، مٿس ڪنھن بہ عھدي تي بيھڻ لاءِ ٽن ورھين لاءِ پابندي وجھي ڇڏي.اھڙي صورتحال کي ڏسندي "بابو سڀاش چندر بوس" ، ڪانگريس ۾ رھندي "آل انڊيا فارورڊ بلاڪ" نالي ھڪ انقلابي تنظيم جو بنياد وڌو.

سيپٽمبر 1939ع ۾ يورپ ۾ ٻي مھاڀاري جنگ لڳي وئي.ان موقعي تي ڪانگريس فيصلو ڪيو تہ جنگ دوران ڪابہ جدوجھد شروع ڪري نوآبادياتي حڪمرانن کي پريشان نہ ڪبو. بابا سڀاش چندر بوس، ڪانگريس جي ان پاليسي جي سخت مخالفت ڪندي 1940ع ڌاري رامڳڙھہ (بھار) ۾ ڪانگريس جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ھڪ "مصالحت مخالف ڪانفرنس" ڪرائي، جنھن ۾ 6 _اپريل 1940ع کان قومي ھفتو ملھائڻ ۽ عوام کي سامراجي جنگ جي حمايت کان پري رکڻ لاءِ تحريڪ ھلائڻ جو فيصلا ڪيو ويو.

جون1940ع ۾ "آل انڊيا فارورڊ بلاڪ" پنھنجي "ناگپور" واري اجلاس ۾ ھندوستان ۾ فوري طور تي عبوري قومي حڪومت جي جوڙجڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. "نيتاجي سڀاش چندر بوس" جي لڳاتار جنگ مخالف سرگرمين سبب انگریز حڪومت کيس ڪلڪتي جيل موڪلي ڇڏيو جتي ھن بک ھڙتال ڪري ڇڏي ۽ سخت بيمار ٿي پيو جنھنڪري ڪجھہ وقت کان پوءِ کيس جيل مان ڪڍي سندس گھر ۾ نظربند ڪيو ويو.

17جنوري 1941ع تي سڀاش چندر بوس ھڪ مسلمان انشورنس ايجنٽ "ضياءُالدين" جو روپ اختيار ڪري پشاور نڪري ويو جتان جلال آباد ۽ ہوءِ ڪابل وڃي پھتو ڪابل واري جرمن سفارتخاني جي مدد سان ھڪ اٽالين سفارتڪار "اورلينڊو مازوتا" جي پاسپورٽ تي سندس فوٽو لڳائي کيس سمرقند جي رستي ماسڪو موڪليو ويو.

ماسڪو مان سڀاش چندر بوس سڌو برلن ويو جتي ھٽلر سان ملاقات ڪيائين ۽ پوءِ ريڊيو برلن تان ھندوستاني عوام کي بغاوت لاءِ اڀارڻ جي لاءِ انگريز مخالف تقريرون ۽ خطاب شروع ڪيائين.

سندس پويان "مھاڪوي رابندر ناٿ ٽيگور" کيس ڀيٽا طور "بدنام" جي عنوان سان ھڪ ڪھاڻي پڻ لکي جيڪا ٽيگور جي آخري ڪھاڻي ھئي.

ان ڪھاڻي ۾ مھاڪوي ٽيگور "ھڪ اڪيلو نوجوان ڏيکاريو آھي جيڪو افغانستان جي اڙانگن جابلو رستن ۾ ھلندي آزادي جي ڳولھا ۾ آھي."

جپان پاران سنگاپور فتح ڪرڻ کان پوءِ "بابو سڀاش چندر بوس" ، جرمن آبدوز تي چڙھي 2جولاءِ 1943ع تي سنگاپور پھتو. سنگاپور پھچڻ کان پوءِ کيس "راس بھاري بوس" جي قائم/منظم ڪيل "انڊين نيشنل آرمي" جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو. جنوري 1944ع ۾ جپان برما فتح ڪئي تہ انڊين نيشنل آرمي جو ھيڊڪوارٽر بہ رنگون منتقل ڪيو ويو. انڊين نيشنل آرمي 19اپريل 1944ع تي جپاني فوج سان گڏجي ھندوستان جي اوڀارين سرحد تي پيشقدمي شروع ڪئي ۽ ڪجھہ علائقا پڻ فتح ڪري ورتا.پر ھڪ سال کان ہوءِ آگسٽ 1945ع ۾ آمريڪا جي ايٽمي حملن سبب جپان جا ٻہ شھر ھيروشيما ۽ ناگا ساڪي تباھہ ٿي ويا ۽ جپان ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا تہ انڊين نيشنل آرمي ۽ آزاد ھند حڪومت بہ ختم ٿي ويون ۽ سندن کوڙ سارا ميمبر انگريز حڪومت گرفتار ڪري ورتا.

جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ بابو سڀاش چندر بوس اوچتو گم ٿي ويو ۽ ڪجھہ وقت تائين ڪٿي بہ سندس موجودگي ظاھر نہ پئي ٿئي.

اوچتو ڪجھہ مھينن کان پوءِ خبر پکڙي تہ تائيوان ويجھو ٿيل جھاز حادثي ۾ "بابو سڀاش چندر بوس" بہ مارجي ويو آھي

سندس موت کان پوءِ مختلف حلقن پاران سندس موت جي تحقيقات جا مطالبا ٿيندا رھيا.نيٺ ڀارتي حڪومت جولاءِ 1970 ۾ پنجاب ھاءِ ڪورٽ جي ھڪ اڳوڻي چيف جسٽس "جسٽس گوپال داس کوسلہ" جي سربراھي ۾ تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪيو.ڪميشن جپان ء تائيوان جو دورو پڻ ڪيو، ھزارين انٽرويو ڪيا ۽ چئن ورھين جي عرصي کان پوءِ رپورٽ جاري ڪري "بابو سڀاش چندر بوس" جي تائيوان ۾ 18آگسٽ 1945ع تي جھاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

Saturday, March 30, 2024

چندر شيکر آزاد ـ استاد خالد چانڊيو


چندر شيکر آزاد، ننڍي کنڊ جو ھڪ ناميارو انقلابي ۽ ديش ڀڳت ھو. "ھندوستان ريپبلڪن ايسوسيئيشن" جو باني ميمبر ۽ "ڪاڪوري" واقعي ۾ "رام پرساد بسمل" جو ڀروسي جوڳو ساٿي ھو

چندر شيکر آزاد

جڏھن تہ ڊي.ايس.پي لاھور، "جان.سانڊرس" کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ پڻ ڀڳت سنگھہ سان گڏ ھيو ۽ واقعي کان پوءِ سندن پويان لڳندڙ سپاھي چانن سنگھہ کي گولي ھڻي ڀڳت سنگھہ کي پڻ گرفتاري کان بچايو ھيائين.

چندر شيکر آزاد، ھندوستان ريپبلڪن ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ۽ ھندوستان ريپبلڪن آرمي جو ڪمانڊر پڻ ھيو..

چندر شيکر آزاد 23_جولاءِ 1906ع تي ڦلورا ڳوٺ،ضلعہ ڇابوا،مڌيہ پرديش ۾ پيدا ٿيو اول "بنارس سنسڪرت ڪاليج" بعد ۾ "ڪاشي وديا پيٺ" ۾ پڙھيو.

چندر شيکر آزاد ھندو مذھبي تعليمات جو وڏو ڄاڻو ھيو جنھن سبب پنڊت جي روپ ۾ مندرن ۾ بہ وڃي ترسندو ھيو.1921ع جي نان ڪوآپريشن تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو، جنھنڪري ننڍي عمر ۾ جيل جو منھن ڏٺائين جتي کيس نابالغ ھجڻ سبب قيد ۾ رکڻ جي بدران 15 ڦٽڪا لڳائي آزاد ڪيو ويو.

1922ع ۾ رام پرساد بسمل، اشفاق اللہ ۽ ٻين سان گڏجي پرتشدد ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ جي شروعات ڪيائين. ڪاڪوري ڪيس سبب سرڪار پاران مٿس ويھہ ھزار روپيا انعام رکي کيس نھايت خطرناڪ انقلابي ڪوٺيو ويو.

چندر شيکر آزاد سڄي حياتي خطرناڪ روپوشي ۾ گذاري.

8۽9_سيپٽمبر 1928ع تي جڏھن "ھندوستان ريپبلڪن ايسوسيئيشن" جي رھيل کھيل ميمبرن کي گڏ ڪري نئين سر تنظيم سازي لاءِ دھلي ويجھو فيروزشاھہ ڪوٽلا جي پراڻي قلعي ۾ اجلاس ڪوٺائي پارٽي جو نالو تبديل ڪري "ھندوستان سوشلسٽ ريپبلڪن ايسوسيئيشن" رکيو ويو تہ چندر شيکر آزاد کي پارٽي جي مليٽري ونگ "ھندوستان سوشلسٽ ريپبلڪن آرمي" جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.

لالا لجپت راءِ جي موت جو بدلو وٺڻ لاءِ چندر شيکر آزاد، ڀڳت سنگھہ، سکديو، راجگرو ۽ ڀڳوتي چرن ووھرہ لاھور جي ايس.پي جي.اي.اسڪاٽ تي حملي جو منصوبو جوڙيو.

جڏھن ڀڳت سنگھہ،راجگرو، سکديو ۽ چندر شيکر آزاد حملو ڪرڻ ويا تہ ٽارگيٽ جي سڃاڻپ ڪندڙ دوست جي جي غلطي سان ايس.پي بدران ڊي.ايس.پي جان سانڊرس مارجي ويو.

چندر شيکر آزاد 18_اپريل 1929ع تي دھلي ۾ مرڪزي قانونساز اسيمبلي تي بم حملي ڪرڻ ۽ پوءِ پمفليٽ اڇلائڻ جي پلاننگ ۾ پڻ ڀڳت سنگھہ سان گڏ ھيو.

چندر شيکر آزاد ڪاڪوري ڪيس کان پوءِ لڳاتار ڇھہ ورھيہ رووش رھڻ کان پوءِ 27 فبروري 1930ع تي الھہ آباد جي الفريڊ پارڪ ۾ پوليس جي گھيري ۾ اچي ويو، گھيري ۾ اچن کان پوءِ گرفتاري پيش ڪرڻ بدران مقابلو ڪيائين. مقابلي ۾ ھڪ انگريز پوليس آفيسر ، ھڪ ھندوستاني پوليس آفيسر ۽ ٽن سپاھين کي ماري سخت زخمي ٿيو ۽ اسپتال نيڻ کان اڳ ۾ شھيد ٿي ويو. ھندوستان جي آزادي کان پوءِ الفريڊ پارڪ جو نالو شھيد چندر شيکر آزاد پارڪ رکيو ويو.

Saturday, March 9, 2024

پنھنجي حُسن جھڙو حَسين شاعر ”عزيز سولنگي“ ـ بالا بلوچ

 

غزل شاعريءَ جي ڳل تي موھِيڙي جيان آھي، جنھن جي خوبصورتي سان شاعريءَ جا ڳَل، اکيون، چَپَ وڌيڪ خوبصورت لڳن ٿا نہ صرف شاعريءَ جا ڳل، اکيون، چپ پر شاعريءَ جو سمورو جسم خوبصورت لڳي ٿو. شاعري اُن حَسين ڪُنواري ڇوڪريءَ جيان آھي، جنھن جي جاءِ ھر ڳَڀرو جي اکين ۾ ھوندي آھي. جڏھن ڪو ڪوي ڪنھن حُسن  پريءَ جي ثنا ڪندو آھي تہ چنڊ پنھنجي ڪَنن ۾ ڪپھ وجھي ڇڏيندو آھي ڇو تہ چنڊ جا ڪَن ٻي جي ثنا قبُول نہ ڪندا آھن. چنڊ حُسندار ضرور آھي پر سرتي جو حُسن چنڊ جي حُسن کان مَٿاھون آھي، جنھن جي ثنا صرف شاعر ئي سُھڻي نموني سان ڪري سگھن ٿا. اھڙن ثنا ڪندڙن ۾ اسم عزيز بہ اچي وڃي ٿو. عزيز جو ٿوري عرصي ۾ غزل جھڙي ڏُکي صنف کي سمجھي وڃڻ، سندس ذھني وڏو ڪمال آھي. مُون اھو ڪڏھن بہ نہ سوچيو ھيو تہ اڳتي ھلي ھي حسين ڇوڪرو پنھنجي حُسن جھڙي حَسين شاعري ڪندو. پر سندس تازي شاعريءَ ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندڙ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آھيان.

بالا بلوچ ۽ عزيز سولنگي

عزيز ھُونءَ تہ ڪافي، وائي، بيت، گيت، نظم نہ لکيا آھن پر منھنجي قلم جي نگاھ کي سندس غزل وڌيڪ وڻن ٿا. سُونھن جي سوجھري ۾ سفر ڪندڙ عزيز سکيءَ جي سونھري وارن ۾ ساھيون کڻندو آھي.

تنھنجي وارن جي وڻن ھيٺان،

روزٿڪجي ٿو کڻان ساھيون.

محبوبا جي چيلھ تي چميون ڏيندڙ وار شاعر کان ثنا ضرور ڪرائيندا آھن، پر وارن جي وڻن ھيٺان ساھيون کڻڻ بلڪل نئون خيال آھي. عزيز جي شاعريءَ ۾ وِصال سان گڏ وڇوڙي جو وجود بہ آھي. جڏھن واءُ مُکڙين جي اڳيان گُلابن جا ڪنڌ ٿو ڪَٽي تہ خود موسم بہ ماتم ٿي ڪري، جنھن سان گڏ عزيز جي دل بہ نوحاگري ڪري ٿي.

موسمون ٿيون ماتمي ۽،

دل ڪئي نوحاگري آ.

عزيز جديد دور ۾ شاعريءَ کي جديد ويس پارائي ٿو. لفظن جا چمڪندڙ موتي آرسيءَ جي انا کي شرم سارڪن ٿا، جيڪا عزيز جي ڪاريگري آھي پر عزيز پاڻ کان مٿي سونھن کي ڪاريگر سمجھي ٿو، جنھن جي ڪاريگريءَ سان خزان ۾ گُل ٽڙن ٿا.

گُل ٽِڙيا آھن خزان ۾،

سونھن جي ڪاريگري آ،

عزيز ڀلي پاڻ کان وڌيڪ سونھن کي ڪاريگر سمجھي پر عزيز سُونھن کان وڌيڪ ڪاريگر آھي ڇو تہ عزيز سونھن کي وڌيڪ سونھن بخشي ٿو. محبوبا جي چپن جي مٽيءَ تي ڪاشيگيري ڪرڻ عزيز جي وڏي ڪاريگري آھي.

تنھنجي چپڙن جي مٽيءَ تي،

مون ڪئي ڪاشيگري آ.

عزيز جي خوشين جا سمورا پل پيار جي پاند ۾ ٻڌل آھن. سندس من جو مينڌرو مومل جي ميلاپ لئہ ماندو رھي ٿو. عزيز جنھن بنا پريم نگر ۾ پاڳل ٿو لڳي پر کيس پرينءَ جو وصل حوصلو بخشي ٿو.

وصل آ ڏنو حوصلو،

رھي بيخودي پيار تي.

ٽُٽو تِرون جو گھمنڊ،

ٽُٽي آرسِي پيار تي.

عزيز کي وصل حوصلو تہ بخشي ٿو پر وڇوڙي جو وجود ختم نٿو ڪري، جنھن جي ڪري وڇوڙو واريءَ جا ٻوڪ وري عزيز جي وارن ۾ وجھي ٿو ۽ وري ڪاري رات عزيز جي اڳيان ڪر کڻي بيھي رھي ٿي. عزيز ڪاري رات ۾ ٻلٽنڊڻيءَ کي ٻُڪ ۾ آڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ھُن جي اُڏام عزيز جي قد کان مٿاھين آھي، جنھن جي ڪري عزيز جي ٻُڪ جي اھا خواھش پُوري نٿي ٿئي پر عزيز مات جھڙي مايوسي کي بہ قبُول نٿو ڪري. چنڊ جي روشنيءَ کي ٻُڪ ۾ بند نٿو ڪري سگھجي پر عزيز جي اھا ڪوشش ھڪ ڏينھن ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ عزيز چنڊ کي روشني سُوڌو پنھنجي ٻُڪ ۾ بند ڪندو. عزيز جيڪا چاھت جي چمني ٻاري آھي اُن جي وَٽ تمام وسيع آھي، جنھن جي ڪري عزيز جي شاعريءَ ۾ مُسلسل سوجھرو رھي ٿو، جيڪو کيس آبرو بخشي ٿو.

آبرو ڪيڏي ٿي بخشي شاعري،

شعر منھنجا سوجھرا سمجھين نٿو.

عزيز جي شاعري انڌيرن ۾ مشعل جيان آھي، جنھن جي ضرورت رات جي ھر راھي کي پوي ٿي. سندس شاعري پيار جي پانڌيئڙن کي پيغام ٿي پھچائي تہ ھُو ھاڻي پرھ جي قريب آھن. ماڪ ۾ پُسيل گُلاب سندس آجيان جي تياري ڪن ٿا ۽ مکڙيون بہ پريت جي پاٽ ۾ ميندي مَلِن ٿيون. عزيز اُھو شاعر آھي جيڪو شاعريءَ جي لال لوئيءَ تي شھر جي سونھري ستارن سان گڏ ٻھراڙيءَ جا ٻرندڙ موتي بہ جَڙي ٿو. ٿڌڙي ھوا جو ھيراڪ جوڀن جُون ۾ جھنگلي جاني سان ڪِرڙ جي ڇڊي ڇانوَ ھيٺان قرب جي ڪچھري نٿو ڪري سگھي. جنھن ڪري عزيز جھنگلي جاني کي سمجھائيندي چوي ٿو:

آ لکيل ھڪ ھڪ ڄَڻيءَ تي بيوَفا،

جھنگ جا تون ڇوڪرا سمجھين نٿو.

اھا جھنگلي ڇوڪري جي محبت آھي، جنھن جي ڪري شھر جي ڪومل ڇوڪري جھنگ جا ڪانھن، ٻُوڙا ٻک ۾ آڻي ٿي، جنھن جي ڪري گواھي عزيز پاڻ ھِن ريت ڏئي ٿو.

جھنگلي جاني سان ڦاٿي،

شھر جي ڪا ڇوڪري آ.

جڏھن ڪڻڪ رنگي ڇوڪري ڪڻڪ جا آڀُون مَروڙي پنھنجي ساجن کي ڏئي ٿي تہ ٻنھيءَ جي سِڪ سمپورن راڳڻي ڳائي ٿي ۽ کيت بہ جھومن ٿا پر عزيز جي سرتي عزيز کي سيءَ ارپي آڙاھ کڻي وڃي ٿي.

افسوس سيءَ ارپي،

آڙاھ آ کڻي وئي.

عزيز سِيءَ ۾ سرتيءَ جا گرم ڀاڪر ياد ڪري ٿو ۽ سندس چَپ سڪن ٿا چاھت جي گرم سُوپ لاءِ جنھن جي حاصلات سندس سرتيءَ جي ھَٿن ۾ آھي پر سندس سرتيءَ جي دل ڪنھن سنگتراش جي تخليق آھي، جنھن عزيز جي اُميدن جا سمُورا گِلاس ٽوڙي ڇڏيا آھن. اڄ سندس اندر جي الماڙي خالي نظر اچي ٿي پر سندس جسماني منظر اھو محسوس ٿو ڪرائي تہ عزيز مايُوس ناھي ٿيو، عزيز پنھنجي وک وڌائيندي نظر اچي ٿو. راھن ۾ وڇايل ڪنڊا گُلاب بڻجي کيس سلام پيش ڪن ٿا، جيڪا عزيز جي وڏي ڪاميابي آھي. عزيز پيار ۽ امن جو شاعر آھي. جنھن جي ڪري عزيز شاعريءَ جي ڌرتيءَ تي صرف رابيل ئي پوکيا آھن، جيڪي سدائين امن جو سَرگم ڳائن ٿا.

ھر ڪو ڇيڙي ٿو پيو سُرتار ۾،

ھڪ حقيقت راڳ بڻجي آ وئي.

پيار جُئر جو پچايو آ ڊڳڙ،

مُند جھڙي ساڳ بڻجي آ وئي.

عزيز نيري آسمان جا سڀئي ستارا تہ نٿو ڳڻي سگھي پر پوءِ بہ عزيز شاعريءَ جي بحر ۾ ٽُٻيون ھڻي ڪجھ موتي مُٺين ۾ ضرور کنيا آھن، جنھن جي ڪري سندس شاعريءَ جو ڳچ حصو عَرُوِضي کُنجيءَ سان ماپي سگھجي ٿو.

ڏِنو عشق آھي ھُنر شاعريءَ جو،

بدن سُونھن جو ۽ جگر شاعريءَ جو.

رديفن جا رستا ۽ قافين جاگھرڙا،

حسين آھي ڪيڏو شھر شاعريءَ جو.

عزيز شاعريءَ جو ڳانو عشق کان ٻَڌرايو آھي، جنھن کيس شاعريءَ جي سُٺي سِکيا ڏني آھي. سالم وزن جيان ٽُٽل وَزن جي سفيد ڪاڳر تي سندس خيالن جي مُصوَري اھو محسوس ٿِي ڪرائي تہ عزيز ڪنھن سخي استاد جي در تي صدا ھنئي آھي، جتان کيس ڪشڪول ۾ عَرُضي سِڪا مليا آھن.

گھُگھ رات ستارا ۽ مان،

درياھ ڪِنارا ۽ مان،

ھي رنگ اڪيلائي جو،

خاموش نظارا ۽ مان.

ننڍي وزن ۾ عزيز جا وڏا خيال عزيز جو ادبي قد وڌائن ٿا.

 توريءَ عذاب ۾،

ڪنڊا گُلاب ۾.

ٿي شاد زندگي،

تنھنجي دلاب ۾.

ھڪڙي چُمي ڏنم،

ساڀي تہ خواب ۾.

خواب ۾ چپن جي چودڳيءَ تي چاھتون ماڻيندڙ عزيز ساڀيان جي پويان آھي، جيڪا گس ۾ خوشبو ڇڏيندي ٿي وڃي. سندس ڪوِتا ۾ جتي خيالن جا ڪنول ٽڙيل آھن، اُتي قافيہ رديف بہ جماليات سان ٽُٻُ نظر اچن ٿا. سندس ڪوِتا جي خواھش آھي تہ مھورت ڪنھن مَلڪہ کان ڪرائي وڃي.

ٻَري ٿِي سڄي رات خوابن جي چمني،

ٽنگيل آ وري ۾ عذابن جي چمني.

*

ڌرتتيءَ جو سفر سِم ۽ ڪَلر،

ٻيو اُڃن جو اَثر سِم ۽ ڪَلر

عزيز جو رُوح ڀٽائي جيان سيلاني آھي، جيڪو سدائين سفر ڪندو رھي ٿو، جنھن ۾ عزيز جو حقيقي مقصد سمايل آھي، جيڪو عزيز حاصل ڪرڻ چاھي ٿو.