پيپلزپارٽ جي گذريل مسلسل پنڌرنهن سالن جي تاريخي حڪمراني جاري آھي، هنن ٻيو تہ ڇڏيو سماج جو جيڪو جمهوري روح اهي اهو ئي ختم ڪري ڇڏيو آھي. جيڪو اختلاف ڪري ٿو ان جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪيو ويندو آھي.
پيپلزپارٽي ڪي بہ اهم ڳاڻيٽي وارا ڪم ناهن ڪيا ان ڪري بيان باري ڪرڻ ۾ پورا آھن، ماڻھو بنيادي مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رهيا آھن پر ڪير پڇڻ وارو ناهي صحت، روزگار، تعليم ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل جي لاءِ ھنن ڪجهہ بہ ناهي ڪيو پر اسٽيجن تي دعويٰ ايتري ڪندا جو ماڻھو لڏي وڃي پر هاڻ سندن ڪوڙ جتي ڪٿي وائکا ٿي رهيا آھن، ان جو نتيجو آھي جو ماڻھن تي تشدد ڪرڻ تي لهي آيا آھن. هي عام معنيٰ ۾ سادي جمهوريت اظھار راءِ جي آزادي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هڪ طرف صحافي وڪرو ڪيا پيا وڃن ٻيا ڪيترائي صحافي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايا ويا، قتل ڪيا ويا. قومي ڪارڪنن جون جبري گم شدگيون، رڪارڊ ٿيون ڪيترن ئي ڪارڪنن تي ملڪ دشمني دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا.
هنن صحافي، دانشور، ليکڪ، سماجي ورڪر، مختلف سياسي ڪارڪن جتي جتي ممڪن آھي خريد ڪري ڇڏيا آھن. خريداري جي مارڪيٽ لڳي پئي آھي اهي سڀ جيڪي هن حڪومت کان مراعتون مفاد حاصل ڪري رهيا آھن اهي هر ناانصافي تي چپ ۽ خاموش آھن، انهن جو ڪردار مشڪوڪ آھي، هن پندرنهن سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو ڪجي تہ هنن جي بيان ڪرڻ لاءِ ڪو بہ بنيادي ڪم ناهي هي انهي ڳالهہ جي ڪري ڪاوڙجي پوندا آھن، هنن اهڙي غير جمهوري معاشري کي جنم ڏنو آھي جتي اختلاف رکڻ کي سخت دشمني قرار ڏنو ويندو آھي ان تي وڏيون جلهون پڻ ڪيون وينديون آھن، ماڻھو هاڻ خوف ۾ پيپلزپارٽي جي شاندار حڪمراني واري هن پندرنهن سالا دور تي ڳالهائيندي بہ ڏپ ڪن ٿا متان ڪٿي سخت انتقام جو نشانو نہ بنايو وڃي. هنن جي حڪومت ۾ چاليهہ ماڻھو ڌاڙيلن وٽ اغوا ٿيل آھن، نمرتا ڪماري جي قتل کان ويندي نائلا رند، ناظم جوکيو پوءِ اجمل ساوند جا قتل ۽ انهن ڪيسن کي بي ستو ڪري انصاف جو قتل ڪرائڻ سردارن ڀوتارن جي سرپرستي ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت رڪارڊ قائم ڪيا آھن.
دنيا جو ڪرپٽ ترين ملڪ پاڪستان آھي پر سنڌ کي دنيا جو ڪرپٽ ترين صوبو بنائڻ ۾ اسان جي هن سرڪار جو اهم ترين هٿ آھي، پر مجال آھي جو ڪير ٻڙڪ بہ ٻاهر ڪڍي، ھي پنهنجي ڪنهن قسم جي ڪا بنيادي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي پوزيشن ۾ ناهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حالت ڇا آھي، ڪنهن کان لڪل ناهي عورتن جي تذليل ٿئي ٿي عزت نفس کي مڪمل طرح مجروح ڪيو ويندو آھي پر ڪير ڪڇڻ لاءِ تيار ناهي، ڪرپشن ۾ ڪو شعبو نہ ڇڏيو اٿن.
هن وقت عوام جي لاءِ معاشي سماجي حالتون ايتريون خراب ٿي چڪيون آھن جو هاڻ ٻہ ويلا ماني کائڻ ڪجهہ بهتر زندگي گذارڻ مشڪل کان مشڪل ترين ٿيندو پيو وڃي، جن سفيد پوش لوئر مڊل ڪلاس جي ماڻھن کي آسرو هو تہ هاڻ ڪا بهتري ايندي انهن کي مسلسل مايوسي پلئہ پئجي رهي آھي. جن سادن ماڻھن کي حڪمران جماعتن خاص طرح پي ٽي آءِ مان آسرو هو تہ اهي ڪا بهتري آڻينديون اها بہ هاڻ ختم ٿيندي نظر اچي رهي آھي. انڪري لوئر مڊل ڪلاس خاص طرح پورهيت طبقو تيزي سان مايوس ٿي رهيو آھي. هاڻ ان کي هن نظام جي هوندي جيڪي بہ اميدون هيون اهي ختم ٿيندي نظر اچي رهيون آھن. انڪري ئي سماجي بيچيني وڌي رهي آھي اها شيديد ٿيندي ويندي مڊل ڪلاس جا ڪجهہ حصا جيڪي نوڪري مراعتن ڪجهہ ٻين آسرن تي حڪمران جماعتن سان هلي رهيا آھن انهن جي مايوسي بہ وڌي رهي آھي، اهي پڻ عوامي سياست ڪندڙ ڌرين طرف واجهائي رهيا آھن.
مڊل ڪلاس جي موقعي پرستي کلي سڀني جي اڳيان واضح ٿي چڪي آھي. انڪري هنن وقتن تي انقلابي عوامي قوتن لاءِ بہ وڏو ماحول موجود آھي، انهي موقعي کي پنهنجي حق ۾ ڪجي هن وقت خاص طرح نوجوانن ۾ ھر طرف بيچيني آھي، جنهن کي مختلف گروه پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آھن انهن کي وڌيڪ سجاڳ ڪرڻ فڪري طرح اڳتي وڌائڻ قيادت ۾ آڻڻ جي ضرورت آھي، هن وقت گهڻيون ڪوششون انهي حوالي سان ڪرڻ گهرجن.
سنڌ ۾ قومي جبر شدت اختيار ڪندو پيو وڃي سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪيو پيو وڃي ان حوالي سان سگهاري جدوجهد جي ضرورت آھي، جيڪا اتساه پيدا ڪندڙ ھجي ٿڪائيندڙ نہ پر اتساه پيدا ڪندڙ ھجي، هن وقت انهي حوالي سان بہ وڏي ڪاوڙ آھي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ڪراچي اسٽيل مل جو وڪرو ان جو ثبوت آھي. هتي فقط هڪ نشي جي مسئلي تي ڳالهہ رکجي تہ هي بلڪل حقييت آھي تہ ٽنڊوڄام، ٽنڊوحيدر، بهاول زئونر، هوسڙي، چکي، واڻڪي وسي مسوڀرڳڙي جهڻ موري، موري منگر، مکڻ موري، گهوٽاڻا، ٽنڊوقيصر، ناريجاڻي، سانوڻ خان گوپانگ، مطلب تعلقي حيدرآباد جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ يا شهر ۾ منشيات يا سماجي براين جي اڏن جا پيرا کڻبا تہ اُهي ڪنهن نہ ڪنهن سياسي ڀوتار ڏانهن ويندا، ڪنهن نہ ڪنهن اڳوڻي بلدياتي نمائندي جو ڀاءَ، ڀائيٽيو، ڀاڻيجو، چاچو يا مامو، مين پڙي، چرس ۽ جوا خانہ جا اڏا هلائي پيو، ۽ اُن جي پٺڀرائي وري حڪمران جماعت جا ماڻهو يا چونڊيل نمائندہ ڪن ٿا. مطلب تہ اسان جي نسلن کي بهتر تعليم يا بهتر مستقبل ڏيڻ بدران انهن کي منشيات ۽ جوا جو عادي بڻائي تباه ڪيو پيو وڃي. اهو حال سموري سنڌ جو آھي. ڪجهہ خبرون جيڪي هن حڪومت جي ڪارڪردگي جي نشاندهي ڪنديون سنڌ ورڪس کاتي ۾ ڏيڍ سوءَ غيرقانوني ڀرتيون، ايگزيڪٽو انجنيئر معطل، صحت کاتي ۾ ڪينسر علاج منصوبي جي 20 ارب رپين جو رڪارڊ ئي گم، غير معياري دوائون خريدڻ جو انڪشاف. سنڌ ۾ ھڪ ڏينھن ۾ حملن، بک، بيرزگاري، آپگھات، ٻڏڻ، بيمارين، مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ 26 انسانن جون زندگيون ختم.

