دنيا ۾ پائدار امن ڪيئن بحال ڪجي ۔ حڪيم پريم چاندواڻي

جنگن جي نقصانن کان هر فرد واقف آهي. جنگن سبب خوبصورت ۽ آباد شهر بہ ملبي جو ڍير بڻجي وڃن ٿا، انسان پکي پکڻ، جانور مطلب تہ سڀ چرند پرند ۽ ساهوارا جيؤ مري وڃن ٿا۔ آلودگي تعفن بک افلاس ۽ بدحالي وڌي وڃي ٿي ڪيترائي انسان پنهنجا عضوا وڃائي اپاهج ۽ محتاج بڻجي وڃن ٿا۔ جيئن تہ دنيا هاڻي سڪڙجي گلوبل وليج ۾ بدلجي چڪي آهي. تنهنڪري ٻن ملڪن وچ ۾ هلندڙ جنگ کي ساري دنيا محسوس ڪري بيچينيءَ ۽ اضطرابي ڪيفيت ۾ مبتلا رهي ٿي۔ کاڌ خوراڪ جي ڪمي ٿي وڃي ٿي، تنهنڪري مهانگائي تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي۔ کاڌ خوراڪ جي ڪميءَ سبب ڪيتريون انساني جانيون بک سبب موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿيون۔ هن ترقي يافتہ ۽ مهذب دنيا ۾ هر هڪ کي جنگن جي نقصانن کان آگاهي ڏيڻ گهرجي ۽ جنگن ۾ الجهڻ کان بچڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي۔ دنيا ۾ امن و امان انساني زندگيءَ جي سڀ کان وڏي ۽ اشد ضرورت آهي۔ جنگ، نفرت، دهشتگردي، ظلم ۽ طاقت جو غلط استعمال دنيا کي تباھيءَ ۽ برباديءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔ پائدار امن تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان انصاف، برابري، رواداري ۽ باهمي احترام کي زندگيءَ جو حصو بڻائي۔ تنهنڪري تعصب ۽ فرقا پرستيءَ کان بچڻ گهرجي۔ ڪيتريون ئي جنگيون مذهب جي بنياد تي لڳي چڪيون آهن. تنهنڪري مذهبي ڪٽرپڻي کان بچڻ گهرجي۔ امن و امان لاءِ سڀ کان پهرين ضرورت آهي تہ انسان پنهنجي سوچ بدلائي۔ جتي خود غرضي، لالچ ۽ نفرت هوندي، اتي امن قائم نٿو رهي سگهي۔ هر ملڪ کي پنهنجي طاقت ٻين ملڪن تي آزمائڻ جي بدران، انسانيت جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي۔ تعليم، روزگار، صحت ۽ بنيادي سهولتن ۾ برابري هجڻ سان امن جو بنياد مضبوط ٿي سگهي ٿو۔ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو مهذب دنيا جو اهم اصول آهي۔ تنهنڪري هر هڪ کي پنهنجي مرضيءَ ۽ شخصي آزاديءَ سان جيئڻ جو پورو پورو حق آهي۔ 

مذهبي، نسلي ۽ لساني اختلافن کي نفرت جو سبب نہ بنائڻ گهرجي۔ جڏهن قومون هڪ ٻئي جي عقيدن ۽ ثقافتن جو احترام ڪن ٿيون، تڏهن ئي جنگ بدران گڏيل ترقي جو رستو کلي ٿو۔ سياستدانن ۽ حڪمرانن کي بہ ذميواريءَ سان فيصلا ڪرڻ گهرجن۔ جنگ هميشہ نقصان ڏيندڙ رهي آهي، جڏهن تہ ڳالهين، سمجهوتن ۽ اعتماد سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا۔ گڏيل قومن جي عالمي تنظيمن کي بہ غير جانبدار ۽ منصفاڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ننڍا ملڪ بہ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندي امن کي قائم رکن ۽ جنگ کان نفرت ڪن۔

جنگ کان نفرت، امن سان محبت،

ڪنهن سان نہ رکجي دل ۾ عداوت۔

دنيا ۾ امن، جي قائم رهندو،

خوشحال سارو سنسار هوندو۔

امن پنهنجي گھر کان شروع ٿئي ٿو۔ جيڪڏهن هر فرد پنهنجي گهر، پاڙي، ۽ سماج ۾ صبر، سچائي، محبت ۽ انصاف کي اختيار ڪري، تہ عالمي سطح تي بہ امن ممڪن ٿي سگهي ٿو۔

جنگ جنوني، جذبو آهي،

وحشت دهشت پٽڪو آهي۔

آخر ۾ اهو ئي سمجهڻ گهرجي تہ دنيا ۾ پائدار امن تڏهن بحال ٿيندو جڏهن انسانيت مذهب، نسل ۽ سرحدن کان مٿانهين سوچ رکجي۔ انسان انسان سان محبت ڪندو، تہ دنيا پاڻمرادو امن جو گھوارو بڻجي ويندي۔

امن عالم آ، خواب اسان جو،

ڪو بهتر لکجي، باب اسان جو۔

جهنگل جو بہ، قانون ٿئي ٿو،

ڇا انسان حيوان ۾ فرق بچي ٿو۔

جي عدل دنيا ۾، ڪون رهندو،

ڪيئن امن دنيا ۾، ٿي سگهندو۔



Previous Post Next Post