ٽرمپ هن وقت
جيڪو بيان ڏنو آهي اهو بلڪل سندس ۽ آمريڪي سامراج جي درست نموني نمائندگي ڪري ٿو تہ هو جتي چاهي جنهن ملڪ تي چاهي حملو ڪري سگهي
ٿو. جيڪڏهن
ڪير کيس روڪي سگھي ٿو ته اهو به هو خود پاڻ ۽ سندس اخلاق آهي. هي اھڙي
ڳالهه آهي جنهن جي ڪن ٻين لفظن ۾ ڪا
بهتر تشريح ڪري ٿي نٿي سگهجي ۽ اھائي درست تشريح به آهي.
آمريڪا اڳ جن
ملڪن تي حملا ڪندو رهيو آهي، ان لاءِ هو مختلف بهانا ۽ جواز گهڙيندو رهندو هو. هاڻ
نه
انساني حقن جو جواز آهي نه ايٽمي هٿيارن جو جواز آهي نه جمهوريت جي بقا جي هو ڳالهه
ڪري پيو.
آمريڪا جي حمايت
ڪندڙ دانشور، ليکڪ، صحافي به هاڻ خاموش آهن ته هن عمل ۽ هنن بيانن جي
ڪهڙي ريت اوگهڙ ڍڪجي، مطلب هاڻ ڪا
به لڪ ناھي. ايران ۾
جيتوڻيڪ معاشي بحران
وڌيو آهي. ڪرنسي
ڊي ويليو ٿي آھي پر آمريڪا پنهنجي
سامراجي مفادن لاءِ ڌمڪين وارا
بيان ڏئي رهيو آهي. هن وقت سموري دنيا ۾ آمريڪا جي ننگي جارحيت جاري آھي. اھو بيلنس تڏهن کان ٽٽل آهي جڏهن کان
1991ع م سويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ ختم ٿيو هو. سوشلسٽ
رياست سوشلسٽ بلاڪ جي ختم ٿيڻ تي تمام گهڻا ماڻهو خوش ٿيا هئا،
گهڻن اهو لکيو هو ته هان امن ۽ جمهوريت جو نئون دور شروع
ٿي ويندو. ان ۾ ڪافي اڳوڻا سرخا به هئا جيڪي همبوڇيون
ھڻي رهيا هئا ڪي وري اهو چئي رهيا هئا ته آمريڪي سامراج هاڻ مظلوم قومن کي آزادي وٺي ڏيندو. هاڻ
آمريڪا
جا جهنڊا کڻو بس اجھو ڪم ٿيو ڄڻ پڙهيل لکيل قومپرستن وڏا ليک لکيا ته سامراج جو اصطلاح
ئي ختم ٿي ويو آهي. هاڻ ڪنهن به
ملڪ کي سامراج چوڻ غلط آهي. ڪافي ماڻهن
انهن جي ڳالهين تي يقين ڪري ورتو. بس حيرت جو
مقام هو پر ڪجهه سالن ۾ ئي آمريڪا جي مسلسل ٻين ملڪن تي جارحيت سڀني حقيقتن کي مڪمل
طرح عيان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ ڪنهن قسم
جو ڪو ابهام نه هجڻ گهرجي پر ڪي ماڻهو شايد
اڃان به آمريڪا جي عمل جو دفاع ڪري سگهن ٿا.
هن وقت حقيقت اها
آهي ته عالمي سطح تي جيڪو به عالمي آرڊر موجود هو اهو ختم ٿي چڪو
آهي مڪمل بحران آهي.
بورجوا جمهوريت
ختم ٿي چڪي آھي، هڪ طرف سوشلزم جو رستو آهي ٻئي طرف بَربريت.

