Sunday, November 14, 2021

سنڌ جي ويڪسينيٽرن جا مسئلا آخر ڪير حل ڪندو؟ ـ ظفر ٻگهيو

سنڌ جي ويڪسينيٽرن جا مسئلا حل نہ ٿيا ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري ويڪسينيٽر سراپا احتجاج بڻيل آهن، ويڪسينيٽرن مرڻ گهڙي تائين احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي.سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتو سنڌ جي ويڪسينيٽرن کي اپگريڊ ڪرڻ، 2005 کان گاوي ويڪسينيٽرن کي سينارٽي ڏيڻ، ٽائيم اسڪيل، لينٿ آف سروس ڏيڻ ۽ جبري برطرف ڪيل اين ٽي ايس پاس 336 ويڪسينيٽرن کي بحال ڪرڻ وارن ڪيل واعدن تان ڦري ويا آهن.ويڪسينيٽرن پاران پنهنجن حقن جي حاصلات لاء شاهپورجهانيان، مورو، ڪراچي، روهڙي، سکر،نوابشاهہ، دادو سميت سڄي سنڌ ۾ ٽڪن جي سينٽر جي تالابندي ڪري ٽڪن هڻڻ جو ڪم بند ڪيو آهي، ويڪسينيٽرن پاران 15 نومبر سومر کان سنڌ ۾ هلندڙ ارڙي مهم جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو آهي،ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسئيشن سنڌ جي چيئرمين مولا بخش چانڊيو، خدا بخش قريشي، خدا بخش پيرزادو، غلام نبي عالماڻي، بلاول خاصخيلي، اسلم ميمڻ، دائود کوسو ۽ ٻين جو چوڻ آهي تہ سنڌ جي مظلوم ويڪسينيٽرن سان گذريل 6 سالن کان مسلسل سنڌ حڪومت جون ناجائزيون ختم نہ ٿيون آهن، سنڌ سرڪار پنهنجي مظلوم ويڪسينيٽرن سان ماٽيجي ماء وارو سلوڪ ختم نہ ڪيو آهي، هنن جو چوڻ آهي تہ ويڪسينيٽر 13 مختلف قسمن جي خطرناڪ بيمارين جهڙوڪ پوليو، ٽي بي، ڪاري سائي، جهٽڪن جي بيماري، نمونيا بخار،گردن ٽوڙ بخار، دستن،وڏي کنگھہ،ارڙي، ڪورونا ۽ روبيلا جهڙين خطرناڪ بيمارين کان بچائڻ لاء ڏورانهن علائقن،جهرجهنگ، ڪچي پڪي، دريائي، جابلو، ميداني، جابلو، ٿر، وستي واهڻ ۽ ٻين ڏکين علائقن ۾ جتي پوليس بہ نہ ٿي وڃي، اتي ويڪسينيٽر وڃي انهن هاء رسڪ ايريا ۾ گلن جهڙن معصوم ٻچن کي خطرناڪ بيمارين جي بچاء کان حفاظتي ٽڪا لڳائيندا آهن، انهن کي ڪوبہ ٽي اي ڊي اي ۽ نہ ئي گاڏيء جو تيل ڏنو وڃي ٿو، ويڪسينيٽر پنهنجون جانيون جوکي ۾ وجهي مستقبل جي معمار معصوم ٻچن ۽ ڳورهارين عورتن کي پڻ جهٽڪن جهڙن مهلڪ مرضن کان بچاء لاء حفاظتي ٽڪا لڳائن ٿا،  پنهنجا جائز حق گهريا آهن تہ ويڪسينيٽرن تي حڪومت پاران پوليس تشدد ڪري کين گرفتار ڪيو آهي،ڪراچي پوليس تشدد ۾ سلطان احمد کوسو جي ٻانهن ڀڄي پئي  آهي، ۽ ڪيئي ويڪسينيٽر مرد ۽ عورتون پڻ لاٺي چارج ۾ لهو لهان ڪيا ويا آهن، هنن جو چوڻ آهي تہ ويڪسينيٽر مرد ۽ عورتون بنگال، بهار، انڊيا، افغان ۽ ٻين ملڪن کان آيل پناهگير آهن ڇا؟!! جو سنڌ سرڪار انهن تي لاٺي چارج ۽ واٽرڪينن جا استعمال ڪري؟ سنڌ سرڪار ظلم ۽ جبر ڪري رهي آهي. ڀلا ويڪسينيٽرن جا مطالبا ڪنھن ملڪ جي سفير جي نيڪالي آھن ڇا؟!!!  انھيء ڳالھ ۾ ڪو شڪ ڪونھي  تہ سنڌ جي ويڪسينيٽر جي محنت، جفاڪشي ۽ سچائي سان اڄ سنڌ جا معمار مختلف بيمارين کان اڳواٽ حفاظت ۾ آھن. تتيء ٿڌيء ھر موسم ۾ پنھنجي فرضن جي ادائگي ڪندڙ ويڪسينيٽرن کي ھر دور ۾ حاڪمن ۽ ڪاموراشاھي نظر انداز ڪندي ٽائيم اسڪيل کان وٺي ھر حق کان محروم رکيو آھي. حقيقت ۾ اي پي آء باغ آھي، ويڪسينيٽر مالھي آھن، جيڪي ھر ڄمندڙ ٻار / گل جي اڳواٽ مختلف موذي مرضن کان بچاء لاء ٽڪا ھڻي تاحيات محفوظ ڪندڙ ملازم يعني ويڪسينيٽر ڪيترن ڏينھن کان پنھنجي بنيادي حقن حاصل ڪرڻ لاء احتجاج ڪري رھيا آھن، پر حڪمران ۽ ڪامورا شاھي تي ان جو ڪو اثر ئي نٿو ٿئي، تہ ھيٺين / ننڍن ملازمن جا بہ ڪي حق آھن؟ ۽ انھن وڏن کي اقتدار جي نشي ۾ اھو بہ احساس نٿو ٿئي تہ ٻن هفتن  کان ٽڪن جو ڪم بند آھي! ۽ پوء موذي مرض منھن ڪڍندا!! وڏي ڳالھ اھا آھي تہ ويڪسينيٽرن جا مسئلا ڪنھن ملڪ جي سفير جي نيڪالي جھڙا مطالبا ڪونھن پر پورهيت تحت آھن، پورھيتن کي حق نہ ڏيڻ انسان حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آھي، وي ڊبليو اي جي پنھنجي حقن لاء جدوجھد جائز آھي، سنڌ جي سماجي سياسي ڌرين کي بہ ويڪسينيٽرن جي جائز مسئلن جي حل لاء اخلاقي حمايت ڪرڻ کپي ڇو تہ حفاظتي ٽڪا اڳواٽ صحت جي سلامتي جي ضمانت آھي، ۽ اهي ويڪسينيٽرن کان سواء ٻئي عملي کان نہ لڳندا آهن.ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ سنڌ جي ويڪسينيٽرن جا جائز مسئلا حل ڪري انهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Sunday, September 5, 2021

ناميارو محقق، تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ پروفيسر شمشاد احمد سومرو ـ اسلم عباسي

مورو شهر علم ادب جي حوالي سان سنڌ توڙي هند ۾ اهم حيثيت والاريندڙ آهي. هن شهر جا ڪيترائي ناميارا، تاريخدان، محقق، اديب، شاعر، تعليمي ماهر، استاد ۽ سماجي درد رکندڙ مشهور آهن. جن ۾ سنڌي ادب جي اسلامي ناول “سندري” جو بنياد وجهندڙ عالم اديب، شاعر، صحافي، حڪيم قاضي عبدالخالق خليق مورائي پڻ آهي. جڏهن ته هند ۽ سنڌ جو ڪهاڻيڪار ناصر مورائي پڻ هن ئي شهر سان تعلق رکندڙ آهي. ان کان علاوه تعليم جي ميدان ۾ پروفيسر نظير احمد قاضي، سيد علي بخش شاهه، سائين رستم خان خميساڻي، سائين محمد ڇتل سرهيو، سيد جعفر علي شاهه، فيض محمد سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي ناميارا استاد ٿي گذريا آهن. هن وقت سنڌي علم، ادب، تحقيق ۽ تاريخ تعليمي ۽ سماجي خدمتون ڏيندڙ پروفيسر شمشاد احمد سومرو جنهن جو پڻ علمي، ادبي ۽ استاد گهراڻي سان تعلق آهي.

پروفيسر شمشاد احمد سومرو

سندس جنم 6 سپٽمبر 1963ع ڌاري موري شهر جي سومرا محلا ۾، موري جي جهوني اديب، ناول نگار ۽ 60 ڪتابن جي خالق فتح الدين سومرو “بيدار مورائي” جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم دل چنڊ ۽ احمد شاهه اسڪول مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته مئٽرڪ 1978ع ۾ هاءِ اسڪول موري مان ۽ انٽر پري ميڊيڪل مهراڻ ڪاليج مورو مان 1980ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪيائين. بي اي 1984ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ۽ ايم اي ايڪانامڪس ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس پڻ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿن، جڏهن ته ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1990ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيل اٿن. ان سان گڏوگڏ بي ايڊ پڻ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي اٿن، جڏهن ته ايم فل شاهه نصير نوشهرائي ۽ ان سلسلي جا شاعر جي عنوان تي سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿن.

پاڻ تعليم کاتي ۾ 1993ع کان هڪ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هن وقت گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ سنڌي ادب جي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيا آهن.

پاڻ تاريخ، تحقيق ۽ علم ادب سان بي پناهه لڳاءِ رکن ٿا، کيس ننڍپڻ کان وٺي گهر ۾ علمي ۽ ادبي ماحول مليو، 1982ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين، سندس لاڙو تحقيق ڏانهن رهيو آهي، سندس پهريون تحقيقي ڪم “مورو جي قاضي خاندان جي علمي، ادبي، سياسي ۽ ديني خدمتن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” آهي جيڪو “جوڳيئڙا جهان ۾” جي نالي سان مڪمل ڪيو اٿن . پروفيسر صاحب 1993ع کان ساهتي جي تاريخ ( ضلعي نوشهروفيروز) تي ڪم شروع ڪيو ۽ ڪيترن ئي موضوعن تي تحقيقي ڪتاب تيار ڪيا اٿن جن ۾ ساهتي جون وستيون ۽ واهڻ، ساهتي جا صوفي بزرگ ۽ شاعر، ساهتي جا ساهتڪار (ورهاڳي کان اڳ ساهتي جا هندستان لڏي ويل اديب ۽ شاعر)، ساهتي جا سرجڻهار، ساهتيءَ جا ماڳ ۽ مڪان، ڪافيءَ جو باڪمال صوفي شاعر شاهه نصير، سندس طالبي سلسو فن ۽ فڪر، مخدوم نجيب ۽ ريلائي بزرگ، موري جا مور ( 100 کان مٿي موري جي علمي، ادبي شخصيتن جا پروفائيل لکيا اٿس)، نيهه ڪيم نروار، جيد عالم، اديب ۽ شاعر قاضي مولوي محمد صادق مورائيءَ جي شاعري ۽ سوانح  ۽ سنڌ جي انمول صوفي ۽ ڪافيءَ جي باڪمال شاعر سائين سيد سليمان شاهه “بودلائي” جي شاعري ۽ سوانح اچي وڃن ٿا.

ان سان گڏوگڏ پروفيسر شمشاد احمد سومرو سنڌ جي مختلف تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي سيمينارن ۽ ميڙاڪان ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪندو رهيو آهي، جيڪي پڻ مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا آهن، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جو 1984 -85 ۾ سيڪريٽري رهيا آهن.

هن وقت پاڻ سنڌ جي قداور سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ مورو جا جنرل سيڪريٽري پڻ بنا مقابلي چونڊجي آيا آهن ۽ سگا موري جي طرفان صحت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن ۽ سگا مورو شاخ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي 1976 کان 2021 تائين تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ هڪ ڪتاب “سگا منهنجي ساهه ۾” جي نالي سان لکي رهيا آهن.

Saturday, July 31, 2021

ٻاٽ ۾ گم ٿي ويل بي گناھ ـ ڪھاڻي ـ سردار ٻرڙو


ھو ڪڻڪ جي لابارن ۾ آيو ھو، ڪنھن کي خبر نه ھئي ڪير آھي؟ ڪٿان آيو آھي؟ ڇو آيو آھي.....؟

سڄو ڏينھن وڏيري جي ھڙيءَ واري ديھ تي ڪڻڪ جو لاب ڪري شام جو ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي اوطاق تي ورندو ھو. ھميشه خاموش رھندو ھو ڪنھن ڏي اکيون کڻي ڏسڻ جي ھمت به نه ھوندي ھئس، ائين محسوس ٿيندو ھو ڪنھن ھن کان سڀ آواز کَسي ڇڏيا آھن، جھڙو زنده لاش ھجي...!!!

توڙي جي اوطاق ۾ ايندڙ ويندڙن وچ ۾ ٽھڪڙو متو پيو ھوندو ھو پر ھو ڪُنڊ واري کٽ تي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيو خاموش ويٺو ھوندو ھو، ھن جي چھري تي اداسي جا ڪڪر ڇانيل ھوندا ھئا.

اھا خبر صرف وڏيري ۽ ڪمدار کي ھئي ته ھو ڪير آھي ۽ ڪٿان آيو آھي،

وڏيري گلاب خان جي اوطاق تي چور، لوفر، غريب، شريف جي اچ وڃ ھوندي ھئي.

اوطاق تي ايندڙ ويندڙ مھمان جڏھن وڏيري يا نوڪرن کان ھن جي باري ۾ پڇندا ھيا ته کين ٻڌايو ويندو ھو ته: مسافر آھي.

ڳوٺ جا ماڻھو ھن کي مسافر جي نالي سان سڏڻ لڳا ھئا. ھو جڏھن ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي ديھ واري ٻنيءَ تي ويندو ھو ته روڊ تي راند ڪندڙ ٻار ھن کي ڏسي ڀڄي ويندا ھئا.

وڏيري جي گھران ھڪ ننڍڙو ماني کڻي ايندو ھو، جڏھن ھن اڳيان ماني رکندو ھو ته ٻار مسڪرائيندو ھو، جڏھن سندس زندگي مان سڀ تنگ ھجن ھر ماڻھو ھن سان ڪرڀ ڪري انھن وچ ۾ ننڍي عمر جو ھڪ ٻار جڏھن ھن ڏانھن ڏسي مسڪرائيندو ھو ته ھن اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي تہ ٻار ھن کي ڏسي ڇو مسڪرائيندو آھي؟ موٽ ۾ ھو به مسڪرائيندو ھو.

ھن ڄاڻي ورتو ته ٻار ڪمدار نبن جي پھرين مرحيات زال مان اڪيلو اولاد آھي، زال جي مئي کان پوء ھن ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ پنھنجي معصوم پٽ کي وڏيري جي اوطاق بلي ڪري ڇڏيو.

چيٽ اُڪرڻ کانپوء ڪَتيءَ جي پوکي لاء وڏيري ھن کي وونئڻن جي کِرَن ٺاھڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو آھي، ھو سڄو ڏينھن کِرا کيڙي شام ٿيندي ئي ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي اوطاق تي ايندو آھي، پھرين جيان خاموش ھوندو آھي. ھاڻ ڳوٺ جي ٻارن ھن کان ڀئو ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي ھن کي پري کان ايندو ڏسي ڌُوڙ جا ٻُڪ ڀري ھوا ۾ اڏرائيندي رڙيون ڪري چوندا آھن، چاچو مسافر...چاچو مسافر..

 

             ھاڻ ھن بابت سڄي ڳوٺ ۾ ھُل آھي ته ھو ڏوھاري آھي، ڳالھ ڪنھن ڪئي؟ ڇو ڪئي؟ ڏوھ ڪھڙو ڪيو اٿس؟ چون ٿا ته ھو اُتر جو شيخ آھي، ھن نون سالن جي ٻار سان جنسي ڏاڍائي (زنا) ڪئي آھي.. جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل اٿس وڏيري گلاب خان ھن کي پناھ ڏني آھي، جيترا وات اوتريون ڳالھيون. ڳوٺاڻا ڪرڀ ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳا اٿس.

ڪالھ شام جڏھن ھو ڳوٺ جو وچون دڳ ڏئي اوطاق تي واپس اچي رھيو ھيو ته ھڪ ڳوٺاڻو ٻارن کي ڀوائتا دڙڪا ڏيندو گھر وٺي ويو، ھو سڀن جي نظرن ۾ وحشي درندو ۽ ڪِريل انسان آھي.

جڏھن اھا ڳالھ پکڙجي وئي ته ھو ھڪ وحشي درندو آھي ته ان ڏينھن کان ڪمدار جو پٽ به ھن کان ڀئو کائڻ لڳو، ھن اڳيان ماني رکي ڏڪندو ڏڪندو موٽي ويندو آھي.

ھاڻ جڏھن ھو ڳوٺ جو وچون دڳ وٺي ويندو آھي ته ٻار ھن کي ڏسي گھرن ڏانھن ڀڄي ويندا آھن.

 

اڄ صبح ڪمدار جو پٽ جيئن صبح جي چانھ کڻي آيو ته ھن ٻار ڏانھن ڏسي مسڪرايو ته ٻار ھن کي ڏسي ھيسجي ويو ۽ نظرون جھڪائي ڇڏيس.

ڇا تون به مون کي اھڙو ٿو سمجھين؟

ٻار ماٺ ڪري پٺيرو بيھي رھيو.

مون تي الزام آھي، مان بي ڏوھي آھيان، اڪيلي سِر دنيا وارن سان وڙھي به ته نٿو سگھان! ان لاء خاموشي اختيار ڪئي اٿم.

چاچا مسافر تون بي گناھ آھين ته ڇا پوء اھو داغ سڄي عمر کنيو وتندين؟

ٻار جي ھڪ سوال ھن کي وري خاموش ڪري ڇڏيو، ھن ڪو به جواب نه ڏنو ۽ ٻار تڪڙين وکن سان ويندو رھيو.

سڄو ڏينھن ھن جي ذھن ۾ اھو سوال پڙاڏو بڻجي گونجندو رھيو!

"چاچا مسافر تون بي گناھ آھين ته ڇا پوء اھو داغ سڄي عمر کنيو وتندين؟"

سانجھي ويلي ھو ماني کڻي آيو ته بي پرواھ، بي خوف لڳي رھيو ھو، پر اکين ۾ ڪروڌ جي وھ جا وٽا ڀريل ھئس.

ھن ماني اڳيان رکندي کيس چيو ته: چاچا مسافر جيڪڏھن ماڻھون بيگناھ ھجي ته جيئري ئي ثابت ڪري ڏيکاري، نت ان جو ڪيتو پوئينر لوڙيندا آھن.

ھُنَ تجسس منجھان اکيون پٽي ٻار ڏانھن سواليه نظرن سان ڏٺو.

مان به تو وانگر ڪنھن جي بي گناھي جي سزا پيو ڪاٽيان.

ھُنَ کي ڳالھ سمجھ ڪونه آئي ٻيھر سواليه نظرن سان ٻار ڏانھن ڏٺائين.

منھنجي ماءُ!

منھنجي پيءُ گھر جي پويان اوپرا پيرا ڏسي منھنجي ماءُ کي ڪاري جو الزام ھڻي ماري ڇڏيو، ھو آخر تائين ٻاڏائيندي رھي ته مان بي گناھ آھيان، پر ھن جي ڪنھن نه ٻڌي، امان بيگناھ ھئي. امان ساک ڏيڻ لاء تيار ھئي پر منھنجي پيءُ شڪ جي بنياد تي امان جي مٿان ڪھاڙي جا وار ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ماري ڇڏيو، امان ته مري وئي پر اوپرن پيرن وارو اڄ ڪنھن کي بہ ياد ناھي.

ھو ٻانھين کي ٽيڪ ڏيو ٻڌائي رھيو ھو مسافر ان کي غور سان ٻڌي رھيو ھو.

منھنجي ماءُ بيگناھ ماري وئي ۽ مون کي سڀ "ڪاريءَ جو ڦر" سڏيندا آھن. منھنجو پيءُ مون سان به نفرت ٿو ڪري ۽ ٻي شادي کانپوء مون کي ماءُ جي بي گناھي جي سزا ڏئي رھيو آھي. پر چاچا مسافر مان وڏو ٿي ثابت ڪندس ته منھنجي ماءُ بيگناھ ھئي!

ھن جي وھ ڀريل نيڻن مان لڙڪ ڳڙي معصوم ڳلن کي پسائي رھيا ھئا.

مسافر ھن کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پاڻ به روئيندو رھيو.

مان به وحشي درندو آھيان!

اسان ٻه ڀائر آھيون، منھنجي پيءُ جي مرڻ کان پوء منھنجي وڏي ڀاءُ بابا جي سڄي ملڪيت ڦٻائڻ لاء مون تي الزام ھنيو ته مون ھن جي پٽ سان جنسي ڏاڍائي (زنا) ڪئي آھي. ھو منھنجو وڏو ڀاءُ آھي جيڪڏھن مون کان قرب ۾ ملڪيت گھري ھا ته آءٌ کيس ڏئي ڇڏيان ھا.

ٻار ويندي ويندي ھن کي ڪجھ چئي ھليو ويو.

مسافر کان ماني کاڌي نه ٿي.

اھا اوڻٽيھ جي اماس رات ھئي، ڪتا سڄي رات ڀونڪندي ڪنھن الميي جو پيغام ڏيندا رھيا.

رات جي پونئين پَھر اوطاق جي اڳڻ ۾ پدمڙن پيرن جو آواز ٿيو، جيڪي ھلندا مسافر جي کٽ تائين آيا. ٻار مسافر کي ننڊ مان اٿاريو ان اماس رات ۾ ھو ٻئي ڳوٺ مان گم ٿي ويا. اڄ ڏينھن تائين انھن جو پتو ناھي پيو.

Thursday, July 29, 2021

سُڪون جي تلاش ـ ڪھاڻي ـ سردار ٻرڙو

ھن سگريٽ جو دونهون اندر جي پيڙاء منجھان تيز رفتار ۾ ڪڍيو ۽ ڏور آڪاس ۾ نھاريندو رھيو، اڀ تي شفق جا چپر ڇانئجي ويا ھئا، پکي پنھنجا گھر تلاش ڪري رھيا ھئا ۽ ھو سڪون! سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان! سوچي رھيو آھي!

جڏھن کان ھو يونيورسٽي مان پاس آئوٽ ڪري آيو ھو ته ڀٽڪندو رھي ٿي، ڪنھن ماء کان وڇڙي ويل ٻچي جھڙي تڙپ اٿس, سارو ڏينھن رولاڪيون ڪندو ھيئر ھو گھر پھتو آھي، رات پنھنجا پَرَ ڌرتي تي پکيڙي ڇڏيا آھن. آڪاس جي چولي تي ستارا شيشن جيان چمڪي رھيا آھن، ۽ چنڊ اسٽيل جي گلاسن جي وچ ۾ پيل شيشي جي گلاس جيان ٻھڪي رھيو آھي! پر ھو اداس آھي، بستري تي ليٽي رھيو آھي، لڇي رھيو آھي ۽ سوچي ٿو، سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان.

ساري رات سوچ جي لوچ ۾ تڙپندي، لڇندي، ڦٿڪندي گذري وڃيس ٿي، نيٺ ڪڪڙ ٻانگ ڏئي ٿو، آفق تي لالڙي جھڙيون ريکائون سج جي آجيان ڪن ٿيون، ھاري جوڙو جوٽي ٿو ڏاندن جا چڙا وڃن ٿا، ولر چراگاهه ڏانھن ڪاھن ٿا، گھنڊڙين مان صدين جي سازن جا ٿڪيل آواز اچن ٿا ولر جي کرن مان ڌرتي جي ڌوڙ اٿي ٿي، ماحول ۾ ميرانجھڙي سُڳند ڇانئجي وڃي ٿي، ڏور ڪنھن وڻ مان ڪوئل جي ڪو-ڪو جا ٻول ٻڌجن ٿا، ھو اٿي ٿو....

پسار جي خيال سان گھر کان ٽلھندو واھ جي ڪنڌي وٺي ٿو. پاڻي جي وھڪري جا سرڙاٽ سندس اندر جي اڌم جيان لڳي رھيا آھن. اندر ۾ ڪا ولوڙ اٿس جھڙي پاڻي ۾، ماحول ۾، ڪوئل جي آواز ۾.....!

ھو ھلندو ھلندو ڍوري ۾ پھچي ٿو، ھر طرف لئين جا ٻروٽا آھن. ننڍا وڏا ٻروٽا، ٿڙ، پکي، ٻوليون، مينھن جي پيرن جا نشان.....

ھو سوچي ٿو آخر سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان!

سندس ذھن تي ماضي جو ھڪ ان وڻندڙ لمحو تري اچيس ٿو جڏهن آخري سيميسٽر جي ڏينھن ۾ مرڪ ھن کي ويٺي ويٺي چيو ھو، سائل! مون کي ڪجھ چوڻو آھي. ۽ ھن چيو ھيس جي چئہ، ھن پنھنجو مٿو سائل جي ڪلھي تان ھٽائي کيس چيو ھو تہ سائل تو لاء منھنجون فيلنگس ختم ٿي ويون آھن مان ڪجھ ڏينھن کان زبردستي پاڻ کي توسان گڏ ھلي رھي آھيان، ان وقت ھن سموري ڪائنات اٿل پٿل ٿيندي محسوس ڪئي، سندس اکين جي بندن پويان اڏيل خوابن جي دنيا کي وڇوڙي جي باھ وڪوڙي وئي، اچانڪ سان اھو ٻڌي ھن چيو شايد مرڪ مذاق ڪري رھي آھي پر جڏھن ھو گھر ھلي وئي ۽ ھو بار بار ڪال ته چوندو ھيو مرڪ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي اسان جو ھڪٻئي گڏ جيئڻ جا خواب ڏٺا آھن، تو واعدو ڪيو ھو، مون کي اڪيلو نه ڇڏي وينديئن، پر ھر ڀيري مرڪ جو ھڪ ئي جواب ھيو ته پليززز سائل مون کي مجبور نه ڪر! تولاءِ منھنجون فيلنگس ختم ٿي چڪيون آھن، نيٺ مرڪ ھن کي ھميشه لاء ڇڏي ھلي وئي ۽ ھن پاڻ کي ڪيترو وقت ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، ۽ جڏھن آخري سال جا ڪجھ مھينا اچي بچيا ته يونيورسٽي وڃڻ لڳو انھن ڏينھن ۾ ھن کي خبر پئي ته مرڪ جي مڱڻي ٿي وئي آھي، ۽ اھا بي خبر پئي ته اھو پيار جو رشتو آھي، ھن سڀني سامھون پاڻ سنڀالي ھيڊي مرڪ مرڪي وراڻيو ھيو ته: منھنجي دعا آھي جنھن سان به ھجي خوش ھجي.

ھن ٿڌو شوڪارو ڀري ماضي کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي.

ھاڻ ھو  ڊگري مڪمل ڪري ڳوٺ واپس آيو آھي. ھن جو مزاج اڻ وڻندڙ ٿي ويو آھي گھر وارن کي ته سمجھ ئي نٿو ڏئي، دوستن يارن کي جواب ڏيڻ ڇڏي ڏنو اٿائين، نه ننڊ پوري اٿس نه پنڌ کٽيس ٿو، نه ھنڌ تي آرام ٿو اچيس، ھو سوچي ٿو؛ آخر سڪون ڪٿي آھي؟ مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان..!

سج نرواڻ اچي ٿيو آھي، ھاري جوڙو ھڪلي پگھرجي ويو آھي ۽ جوڙي پويان کڙن تي ڊوڙي ڊوڙي سھڪي پيو آھي، پير ٿڪجي پيا اٿس.

 ھو سوچي ٿو آخر سڪون ڪٿي آھي،

سوچيندو سوچيندو گھر واپس اچڻ ساڻ ئي ڪتابن جي ڪٻٽ جا پڙ کولي ٿو، ڪتاب ڌوڙ جي ھولي کيڏي رھيا آھن، ھن ڊائري کنئي ۽ واپس کٽ تي ويھي لکڻ شروع ڪيائين:

 "جڏھن کان سانڀر آئي ته تو مون کي حسين خواب ڏيکاريا، افق تي سَجيل انڊلٺ جي رنگن جھڙا رنگين خواب، اُماس راتين ۾ تو محبت جي ڌاڳن مان شاھي پَرَ اُڻي مون کي پرواز ڏني، منھنجي من جي جھوپڙي مان تو مون کي ليئو پارائي اڀ  جي چولي تي چنڊ ڏسيو. ۽ پوء مون کي ڪارين اونداھ راتين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي، مون کي پاپن جي دنيا ۾ اڪيلو ڪري ھلي وئينَٔ! آخر ڪنھن جي سھاري؟ منھنجي من جي شانت کي اکيڙي منھنجي خوابن جي  روپا ماڙيءَ کي باھ ڏئي وئي آھين، جنھن کان پوء مون کي سڪون ناھي، مان سڪون جي تلاش ۾ جھر جھنگ ڀٽڪندو ٿو وتان مون کي ڏَس سڪون ڪٿي آھي؟ تو ئي ته چيو ھو وڇوڙو انسان کي مضبوط بڻائيندو آھي محبوبائن کان وڇڙيل عاشق دنيا کي ڀاڪر پائي پنھنجون ننڍيون ننڍيون ڪائناتون تخليق ڪندا آھن. پوء ڇو؟ ڇو تو منھنجي تخليق ٿيندڙ ڪائنات کي وڇوڙي جي ھوا جي جھوٽي سان پل ۾ ڍاھي ڇڏيو؟ منھنجي ننڍڙي حسين دنيا منھنجي ڪائنات ھئي، جنھن ۾ مان خوش رھندو ھيس، مون کي سڪون ميسر ھيو مون کي ڪو دڳ تي ڏسي وڃي ھان جتي سڪون ھجي ھان! مون کي سڪون گھرجي! مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان! مان تڙپان ٿو، لڇان ٿو،  جيئان  ٿو مران ٿو وري مران ٿو، وري جيئان ٿو، تلاشيان ٿو ....!!! "

ھن جي اکين مان اشڪ ڳڙي ڊائري تي ڪرن ٿا، ھو اشڪ اُگھي ٿو ۽ گھرو ٿڌو ساھ کڻي ٿو، ۽ ڊائري واپس ڪٻٽ ۾ رکي موبائل کڻي گھر کان ٻاھر وڃي رھيو آھي.

دڳ جي ٽي-واٽي  تي رکي کجيءَ جي  ٿڙ تي ويھي سگريٽ دکائي آزاد فضا جي چولي تي تيز رفتار سان نڪ مان  دونھون ڪڍي ميرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ھوا جي چولي جا لھرائيندڙ پاند دونھين کي جذب ڪري وڃن ٿا.

ھن موبائل کولي ته ٿوري دير ۾ ھڪ ميسيج آيو. ھن سگريٽ جي اونھي ڪش سان دونھون پنھنجي اندر ۾ اوتي من جي ڀڃ ڍاھ کي واس ڏيندي ھڪ نظر ميسيج تي وڌي.

ھن جي فرانس جي ڪنھن يونيورسٽي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاء اسڪالرشپ منظور ٿي وئي آھي، ھن جي چھري تي ڪو خوشي جو تاثر نہ ھيو. ھو واپس گھر ڏانهن ڳرا قدم کڻندو اچي ٿو، ۽ گھر اچي پنھنجي گھر وارن کي ٻڌائي ٿو، ماء پڙ ڪڍي بيھي ٿي ته آء توکي ٻاھرين ملڪ ڪونه ڇڏينديس پيءُ ھن جي حمايت ۾ آھي نيٺ سڀ راضي ٿي وڃن ٿا.

ھو ٻئي ڏينھن سامان سھيڙي ٿيلھي ۾ وجھي ٿو ۽ ڪٻٽ مان ڊائري کڻي ٿيلھي ۾ وجھي ٿو. ۽ ٽئين ڏينھن صبح جو سوير  پئُ سان گڏ ايئرپورٽ لاء روانو ٿئي ٿو ته ڌرتي اکيون پٽيون آھن ۽ افق تي لالاڻ جا رنگ پکڙيل آھن، ھاري جوڙو جوٽيو آھي، ولر صدين کان ٿڪيل گھنڊڙين جا ساز وڃائيندو چراگاهه ڏانھن ڌوڙ اڏرائيندو پيو وڃي، ڏور ڪنھن وڻ تي ڪوئل سڏڪي رھي آھي ۽ ھي پکين سان گڏ دڳ وٺيو ديس جا دڳ لتاڙي ولاديت وڃي رھيو آھي.

پيءُ ايئرپورٽ تي ڳراٽي پائي موڪلائيس ٿو، ھاڻ ھو جھاز ۾ وڃي ويٺو آھي، دري کان آخري ڀيرو ديس جي ڌرتي تي ھڪ نگاھ وجھي فون کولي مرڪ ڏانھن آخري ميسيج ڪري ٿو:

"ھن آڪاس جي ھيٺان راڪاس رھن ٿا منھنجي دنيا اجڙي وئي آھي ھن ديس ۾ مون کي سڪون نٿو اچي اڄ اپسراء جي ڏسيل خوابن جي دنيا  مان جان آجي ڪرايو وڌيڪ پڙھڻ لاء فرانس وڃي رھيو آھيان. ڇو ته مون کي سڪون جي تلاش آھي مون کان ڪنھن سڪون کسي ڇڏيو آھي مان سڪون جي تلاش ۾ آھيان".

ميسيج سينڊ ڪرڻ جي دير لڳي ۽ جھاز اڏام ڀري ھوائن کي چيريندو اٺن ڪلاڪن ۾ جھاز فرانس جي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو والٽيئر ۽ روسو جي ڌرتي ھن جي آجيان ڪئي ھو ايئرپوٽ کان ھيٺ آيو ته اداري جي بس ھن جو انتظار ڪري رھي ھئي بس وڏيون وڏيون آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ عمارتون، پلون ۽ پلازه جھاڳيندي قسمن قسمن جي وڻن ھيٺيان گذرندي منزل تي پھتي سڀئي مسافر بس مان  ھيٺ لٿا سامان بس جي ٽول مان لاٿو ويو. ھڪ سفيد رنگ جي ڇوڪري مٿي تي انگريزي ڪيپ پاتل سڀني کي ڪجھ چيو  سڀ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳا ھن ڏٺو ھر چھري تي سڪون آھي، ماڻھو پنھنجن مصروفيتن ۾ رڌل آھن فٽ پاٿ تي موسيقڪار ڳائي وڄائي مداحن کي نچائي انعام وصول ڪري رھيو آھي.

صاف سٿري گھٽيءَ مان ڇوٽن ڪڇن سان ڇوڪريون گذري رھيون ھيون سڀن جي چھرن تي خوشي ٻھڪي رھي ھئي، ڪنھن کي ڪنھن مان خوف نه ھيو سڀئي پراعتماد نظر اچي رھيا ھئا.

ھن کي ھاسٽل تي 30 نمبر روم مليو، رات جا 8 ٿي رھيا ھئا ھو فريش ٿي ماني لاء ڪمري مان نڪتو ھن جي ڀر واري ڪمري مان ھڪ ڇوڪري نڪتي، ھن ڇوڪري ڏانھن ڏٺو ۽ ڇوڪري ھن کي ڏسندي ھيلو ھاء ڪئي، موٽ ۾ ھن به کيڪاريو، ھو ھلندو وڃي ڪينٽين تي ويٺو، اڃا سوچي رھيو ھو ته:

 سڪون ڪٿي آھي؟ مون کي ھتي سڪون ملندو الائي نه؟

 اتي ئي ھن جي ڀر ۾ ساڳي ڇوڪري مسڪرائيندي اچي ويٺي ھن پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو ته: منھنجو نالو ميري آھي، مان  فلپائني آھيان ھت تاريخ جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاء آئي آھيان.

ھن تعارف ڪرائيندي چيو ته؛ منھنجو نالو سائل آھي، مان ادب جي شعبي ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاء پاڪستان کان  آيو آھيان، ٻنھي جي سٺي عليڪ سليڪ ٿي وئي ھو ماني کائي گڏ اُٿيا ۽ گڏ رومن تائين ويا.

ھو روم کولي بيڊ تي ليٽي پيو  

ھن کي اھو سوچيندي سوچيندي ننڊ اچي وئي ته الائي ھتي سڪون ھوندو الائي نه..

صبح جو ڪمري جي گھنٽي وڳي اداري جو ماڻھو آيو جنھن ھن کي يونيورسٽي جو ٽائيم ٽيبل ڏيندي چيو ته اٺ ڏينھن کان پوء توھان جا ڪلاس شروع ٿيندا ھي اٺ ڏينھن توھان کي ڏنا ويا آھن ته توھان گھمو ماحول ڏسو ته جيئن فرانس جي قانون ۽ رھڻي ڪھڻي کان واقف ٿي سگھو ھو اڃا ٽائيم ٽيبل ئي ڏسي رھيو ھو ته ٻيھر ڊور بيل وڳي ھن ھائوڪار ڪئي فلپائني ڇوڪري اندر آئي ھن کي چيائين ته اڄ آء سمنڊ تي وڃي رھي آھيان توھان ڪمپني ڏئي سگھو ٿا؟ ھن ھائو ڪئي ٿوري دير ۾ بس پڪڙي سمنڊ تي لٿا ھر طرف مختصر ڪپڙن ۾ ننڍا وڏا پڪيون پوڙھيون چانديءَ جھڙي واريءَ تي ليٽي رھيون ھيون، ھو بينچ تي ويھي سمونڊ جي لھرن ڏانھن گھرائي سان ڏسي رھيو ھو

ھن جي ڀر ۾ ويٺل فلپائني ڇوڪري ھن کان پڇيو: ڇا پيو سوچين؟

ھو سوچن جي پاتال مان پاڻ بچائيندو ھيڊي مرڪ مرڪي جواب ڏنائين: ڪجھ به ته نه!

سائل ھڪ ڳالھ چوان؟

ميري ھن ڏانھن ڏسي چيو؟

ھون-جي چئو..

مون کي تنھنجي اکين ۾ صدين جو ٿڪ، ۽ قديم ماڳن جھڙي جھونائپ ٿي نظر اچي ان جي پويان ڪو سبب؟؟

ھن ٿڌو شوڪارو ڀري چيو: ھا! منھنجي من جي محل کي ڪو مسمار ڪري ويو ان کان پوء مون کي سڪون ناھي مان سڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رھان ٿو.

ائين ھو ڪجھ وقت خاموش رھيا!

ميري ھن ڏانھن نھاري چيو: سائل ڇا پاڻ ٻئي دوست ٿي سگھون ٿا؟ ھڪ ٻئي جو ھڪٻئي جو سھارو؟

ھن کي اھو ڏينھن ياد اچي ويو جڏھن مرڪ کيس سڀني جي سامھون پيار جو اظھار ڪيو ھيو.

ھو چپن ۾ ڀڻڪيو: "تو نھیں تو اور سھی اور نھیں تو کوئی اور سھی"

ھن ميري ڏانھن مسڪرائي ڏٺو ۽ ميري ھن جي ھٿ کي پنھنجي ھٿ ۾ پڪڙيو.

 ٻئي بينچ تان اٿي ھلڻ لڳا ميري فلپ ٻولي ۾ گانو چوندي ٿي وئي ھن محسوس ڪيو ته ولر جي گھنڊڙين مان من کي شانتي بخشيندڙ آواز اچي رھيو آھي ڏور ڪوئل جي گونج ۾ خوشي سمايل آھي اڏامندڙ واريءَ مان ھن کي سڪون بخشيندڙ سڳند اچي رھي ھئي.

ميري جا ھوا ۾ اڏرندڙ وار  ھر ھر ھن جي چھري  کي چمي رھيا ھئا، ھن پنھنجي نئين دنيا جا گونچ ڪر کڻندي محسوس ڪيا.

ھن ٿڌو شوڪارو ڀري چيو سڪون.. سڪون.. منھنجي نئين دنيا منھنجو سڪون...

Wednesday, May 19, 2021

ون يونٽ تحريڪ جو گمنام سپاهي سڪندر اعظم عباسي ـ اسلم عباسي

سڪندر اعظم عباسي جو جنم گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ٿيو، سندس والد محترم جو نالو قاضي ڪريم بخش عباسي هو، جنهن کي اولاد اٺ پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. جن ۾ پاڻ سڀني کان وڏو هو، سندن وڏڙا اصل سيوهڻ شريف جا هئا، جيڪي ڪافي عرصو اڳ حيدرآباد اچي رهائش پذير ٿا، سندس وڏڙن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جنهن ڪراچيءَ جي کڏا مارڪيٽ ۾ حڪمت خانو کوليو، ان جو وڏو پٽ حڪيم محمد احسن عباسي ڪراچيءَ جو پهريون مسلمان ميئر ٿي گذريو، جڏهن ته قاضي عبدالقيوم ، مخدوم محمد زمان عباسي حيدرآباد ۾ رهڻ لڳا.

سڪندر اعظم عباسي

سڪندر اعظم عباسي ۽ ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي جو ڏاڏو قاضي خليل الله عباسي پنهنجي وقت جو وڏو اسڪالر ۽ سماجي حيثيت رکندڙ شخصيت ٿي گذري آهي، جنهن مستونگ جي شهواني قبيلي جي چيف ميرداد خان بروهي جي نياڻي سان شادي ڪئي، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ ۽ ڪتاب جنت السنڌ جي ليکڪ رحيمداد مولائي شيدائي جو تعلق پڻ انهيءَ بروهي شهواني قبيلي سان رهيو آهي.

قاضي خليل الله عباسي کي چار پٽ هئا سندس وڏو پٽ قاضي رحيم بخش عباسي 1901ع ڌاري ڪراچيءَ لڏي ويو ۽ انگريزن جي دور حڪومت ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽ آخر ۾ ايس. پي. ڪي “ڪماني” ڪري سڏيو ويندو هو. جڏهن ته سندس ٻن پٽن قاضي قادر بخش عباسي ۽ قاضي ڪريم بخش عباسي حيدرآباد ۾ اچي رهيا، اهي پڻ پوليس کاتي ۾ ملازمت ۾ رهيا ۽ اهڙيءَ طرح هي خاندان مستقل طور حيدرآباد ۾ منتقل ٿي ويو ۽ گاڏي کاتي رهڻ لڳا. هن خاندان جا ڪيترائي فرد رشيدار هن وقت آمريڪا جي شهر انڊيانا پولس ۾ منتقل رهائش پذير آهن.

سڪندر اعظم عباسي جي شادي پنهنجي چاچي قادر بخش عباسي جي نياڻيءَ سان ٿي گذري. قاضي عباسي خاندان جا فرد قاضي عبدالقوم ، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي محمد اڪبر حيدرآباد شهر ۾ سياسي سماجي حيثيت پڻ والار ۽ مشهور اخبار عبرت پڻ جاري ڪئي.

جڏهن ته آپا شمس النساءِ عباسي نيانڻي کي تعليم ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

سڪندر اعظم عباسي تمام ذهين، هوشيار، هڪ محنتي ۽ باصلاحيت انسان هو ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، خدا تعلي کيس لاتعداد صلاحيتون عطا ڪيون، پنهنجي گهر ڀاتين ڀائرن ۽ ڀينرن جو ڇپر ۽ ڇانو رهيو، انهن کي تعليم ڏيارڻ ۽ تربيت ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيائين، ڏينهن رات محنت ۽ جدوجهد ڪري پنهنجي خاندان کي اعلي منزل ۽ مقام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين.

ڀٽائي جي هنن سٽن جيان؛

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه پسين پرينءَ جو.

کيس علم پرائڻ سان بيحد دلچسپي هئي، اهوئي سبب آهي پاڻ ٽي عدد ماسٽرس (ايم اي) سنڌي، سوشيالاجي، انٽرينشنل رليشن، 2 عدد ڊپلوما ۽ ايل ايل بي جي ڊگري پڻ سٺن نمبرن ۾ حاصل ڪئي، حيدرآباد گاڏي کاتو، سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس حيدر چونڪ، کوکر محلا۽ آس پاس ۾ ڪيترائي ناميارا تعليمي ماهر، سياسي سماجي اڳواڻ، سماج سڌارڪ عزيز، مٽ مائٽ، دوست يار ۽ پاڙيسيري رهندا هئا، جن سان سندن تمام گهرو تعلق ۽ واسطيداري پڻ هوندي، جن ۾ صديقي خاندان جا فرد قاضي امداد صديقي، ڊاڪٽر قمر صديقي، مظهر الحق صديقي، آپا سلطانه صديقي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مهتاب اڪبر راشدي، بيگم گلزار انڙ، جيسٽر حماد علي مرزا، ذوالفقار مرزا جو ولاد، عبرت پريس سامهون سندس رشتيدار ماسات مير راجا ٽالپر، مير جاويد ٽالپر، سراج الحق ميمڻ، نياز همايوني، ناميارو تعليمي ماهر الله بخش نظاماڻي، ٽنڊي محمد خان جا سرهندي پير، سيد سعيد محم دشاهه ٽکڙائي، لالا قادر، احمد يوسف، غازي صلاح الدين جو والد دستگير ڀٽي جو خاندا مطلب ته هي علائقو ۽ آس پاس ۾ رهندڙن ملازمت ڪندڙ سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي ادبي ۽ ناليوارن خاندانن جي رهائش جو مرڪز هو، جن سان ڪندر اعظم عباسي ۽ سندن خاندان جو تمام گهرو تعلق رهندو هو.

سڪندر اعظم عباسي لوڪر گورنمينٽ کاتي ۾ ملازمت حاصل ڪئي، گڏوگڏ شام جو شاليمار سئنيما جامئنيجر پڻ هوندا هئا ۽ فلم ڊسٽريبيوشن جو ڪاروبار ڪندا هئا، ان سان گڏو گڏ ٻه چار ڪارون گاڏيون ٽيڪسي طور رهديون هيون، مطلب ته محنت ڪري پاڻ سکيو ستابو رهندو آيو.

ايوبي آمريت خلاف ون يونٽ تحريڪ سنڌ ۾ زور پڪڙيو جنهن جو مرڪز حيدر چونڪ گاڏي کاتو حيدرآباد هوندو هو، جتي ننڍا وڏا جلسا جلوس اچي اختمام تي پهچندا هئا ۽ شاگرد سياسي ليڊر خطاب ڪندا هئا، آس پاس جا رهواسي پڻ وڏي جذبي سان انهن سياسي اڳواڻن جون شعلا بيان تقريرون ٻڌندا هئا، خطاب ڪندڙن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، حفيظ قريشي، رسول بخش، ڄام ساقي، ڪامريڊ يوسف لغاري، يوسڦ ٽالپر، اقبال ترين، مسعود نوراني، نياز همايوني، رفيق سفي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هوندا هئا.

ڪامريڊ يوسف ٽالپر سڪندر عباسيءَ جو گهرو دوست پڻ هوندو هو. ون يونٽ خلاف سنڌ جي پڙهيل لکيل، هارين، مزدورن، پورهيتن ڀرپور حصو ورتو، 4 مارچ 1967ع تي ڪمشنر مسرور احسن خلاف هڪ وڏو جلوس نڪتو ۽ ڪافي شاگرد گرفتار ٿيا، ٻئي ڏينهن ڏينهن صبح سوير پوليس وڏي تعداد ۾ سڪندر عباسي جي گهر تي ڇاپو گهڻي گهر جو سامان ضبط ڪيو ۽ سندس والد کي ٻڌايو ته سڪندر ون يونٽ خلاف تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن آهي، پوليس کي گهربل آهي، جيسيتائين گرفتاري نه ڏيندو ايسيتائين جيل ۾ گرفتار شاگردن جو مسئلو حل نه ٿيندو، آخرڪار پندرنهن ڏينهن جي روپوشيءَ بعد پاڻ پوليس وٽ گرفتاري پيش ڪيائين، ان تي الزام هو ته هن پنهنجي سرڪاري ملازمت آفيس مان ون يونٽ خلاف هڪ پمفليٽ سائيڪلو اسٽائل ڪري ورهايو آهي جيڪا بغاوت آهي، الزام درست هو، سنڌ ڌرتيءَ خاطر هن اهو سڀ ڪجھ ڪيو جنهن جي قيمت تمام ڳري کيس چڪائڻي پئي، سندس ملازمت واري نوڪري ختم ٿي وئي، ڪاروبار ڌنڌو، روزگار ختم ٿي ويو.

ون يونٽ تحريڪ جي اڳواڻ مسعود نوراني پنهنجي ساروڻين ۾ اعتراف ڪندي لکيو آهي ته جيتوڻيڪ ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ گهڻن ماڻهن حصو ورتو  پر حقيقت ۾ سڀ کان وڌيڪ مالي توڙي جاني نقصان سڪندر اعظم عباسيءَ کي پهتو.

پاڻ هڪ خاموش خدتمگار هو ۽ گمنام سپاهي جيان هن ديس جي مٽيءَ جو مان رکندي سڀ تڪليفون برداشت ڪيائين، پر نه جهڪيو نه وڪيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪڏهن کيس پچتاءَ نه يو نه وري ارمان ۽ افسوس، جاکوڙي انسان هو، همت نه هاريائين،

شيخ اياز جي انهن سٽن جيان؛

ڇو گهٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اونچي اونچي اوٽ ڏسي،

زندان اوڏائي ويساسين، زنجير پگهاري وينداسين،

ڇو پير پساري ويٺون آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين،

جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين.

پاڻ همٿ نه هاري ۽ وري محنت ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، 1975ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت حاصل ڪري ۽ پروفيسر پڻ ٻڻيا. ڪجھ عرصو رهڻ بعد سعودي عرب منتقل ٿي ويا ۽ مختلف ڪمپنين ۾ ملازمت ڪئي جنهن دوران آمريڪن ٽيليفون ٽيليگراف سعودي ڪنگ ڊم ۾ پڻ رهيا. سندن رهائشي گهر تي ديني مذهبي  درس و تدريس پڻ رهندي هئي، جنهن ۾ خاص طرح محمد اقبال ڪيلاني قرآن مجيد ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ درس ڏيندو هو، اتي ڪافي سنڌي فيمليز پڻ شريڪ ٿينديون هيون. پاڻ لڳ ڀڳ اٺاويهه سال سعودي عرب ۾ رهيا ۽ اندازن 35  ڪتاب عربيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائي ۽ مفت ۾ ورهايا ته جيئن عام ماڻهن ۾ ڄاڻ پيدا ٿئي جن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن، جيڪي حديث پبليڪيشنز حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا .

1.       آخر توحيد ڇا آهي. ليکڪ محمد اقبال ڪيلاني اسلاميه پروفيسر جامع ملڪ سعود الرياض (مترجم: سڪندر اعظم عباسي)

2.       زڪوات جا مسئلا

3.       درود شريف جا مسئلا

4.       شفاعت جو بيان

5.       قرآن مجيد ۽ صحيح حديثن جي روشنيءَ ۾ دوزخ جو بيان

6.       نماز جا مسئلا

7.       نڪاح جا مسئلا

8.       دعا جا مسئلا

9.       حقوق رحمت العالمين

10.    روزن جا مسئلا

11.    سنت نبويءَ جي پيروي جا مسئلا

12.    لعنت ۽ رحمت جا مستحق ماڻهو

13.    جنازي جا مسئلا

14.    جنازي کي غسل، ڪفن ۽ دفن ڪرڻ جو طريقو

15.    فضائل قرآن مجيد

16.    دوستي ۽ دشمني

17.    فضائل رحمت العالمين

18.    قيامت جو بيان

19.    لباس جو بيان

20.    قبر جو بيان

21.    جنت جو بيان

22.    دوزخ جو بيان

23.    دعا جا مسئلا

24.    نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ ۽ گناهن کان روڪڻ جو بيان

25.    شفاعت جو بيان

26.    حج ۽ عمري جا مسئلا

27.    قرآن ڪريم جي تعليم

سال 2006ع ڌاري سعودي مان واپس سنڌ آيا حياتيءَ جا آخري سال پنهنجي ديس ۾ گذاريا، ڪجھ عرصو اسري يونيورسٽي ۾ پڻ رهيا، کيس اولاد ۾ ٻه فرزند عطا ٿيا، جن ۾ سندس وڏو پٽ احمد علي عباسي جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر هو جيڪو ڪجھ سال اڳ ۾ انتقال ڪري ويو، جڏهن ته سندس ٻيو فرزند نجيب عباسي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري ۾ وائس چانسلر جو پبلڪ رلشينز آفيسر آهي، جنهن کي ٻه پٽ ۽ پنج نياڻين جو اولاد آهي.

جڏهن ته کيس .... نياڻيون آهن جن ۾ وڏي نياڻي ڊاڪٽر آهي جنهن کي هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، سندس وچين ڌيءَ جي شادي سهيل انصاري سان ٿيل آهي، ان کي هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن،جڏهن ته سندس آخري نياڻي جي شادي محمد نواز سان ٿيل آهي، جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي.

سندس ڄمار 87 سال رهي. آخرڪار پاڻ 15 مئي 2021ع رات جو يارنهن وڳي وفات ڪيائين ۽ سندس جنازي نماز 16 مئي 2021ع آچر ڏينهن ايل ايم ڪالوني گرائونڊ تي ٿي گذري، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، سندس تدفين ريلوي اسٽيشل ڄامشورو ڀرسان سنڌ يونيورسٽي قبرستان ۾ ڪئي وئي جتي سندس آخري آرام گاهه آهي.