ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ اهڙا نالا وقت جي وهڪري
سان امر ٿي ويندا آهن، جيڪي پنهنجي لفظن سان ماڻهن جي دلين ۾ اميد، محبت ۽ حق جو
جذبو پيدا ڪندا آهن. ڪنري جي ڌرتيءَ مان جنم وٺندڙ فقير اصغر علي ڪپري بہ اهڙو ئي هڪ روشن نالو آهي، جيڪو نہ رڳو ڪنري پر سڄي سنڌ لاءِ فخر جو سبب آهي. سندس
سالگرہ هڪ اهڙو
ڏينهن آهي، جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو تہ شاعر رڳو لفظن جو خالق نہ پر قومن لاءِ فڪر ۽ شعور جو سج بہ هوندو آهي.
فقير اصغر علي ڪپري جو ڪلام پڙهندي محسوس ٿئي ٿو
تہ هو صرف
شاعر نہ، پر انسانيت جو ترجمان آهي. سندس شعرن ۾ مزدور جي پسيني جي خوشبو، ماستر
جي جدوجهد، ڌرتيءَ جي سونهن ۽ هر عام ماڻهوءَ جا خواب سمايل آهن. هو محبت کي سج
وانگر ڦهلائڻ وارو شاعر آهي، جيڪو ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکي ٿو ۽ هر دل ۾ نئين
اُميد جا ڏيئا ٻاري ٿو.
ڪنري ۽ عمرڪوٽ لاءِ وڏي ڳالهـ آهي تہ هي ڌرتي اهڙو شاعر پيدا ڪيو، جنهن جا لفظ هاڻي شهرن
کان نڪري سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ پڙهيا ۽ ٻڌا پيا وڃن. فقير اصغر جو ڪلام صرف ڪتابن تائين
محدود ناهي، پر ماڻهن جي دلين ۾ زنده آهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو سچ سمايل آهي، جيڪو
ڪنهن بہ دور
۾ پراڻو نٿو ٿئي.
هن سالگرہ جي موقعي تي منهنجي دل جي گهراين مان دعا آهي تہ الله پاڪ فقير اصغر علي ڪپري کي ڊگهي حياتي، تندرستي
۽ پنهنجي قلم جي طاقت سان هميشہ حق ۽ سچ لاءِ اٿڻ جو حوصلو عطا ڪري. سندس لفظ ايندڙ
نسلن لاءِ الهام بڻجن ۽ سنڌي ادب ۾ سندس نالو سدائين روشن رهي.
ڀيٽا نظم
اصغر جي لفظن ۾ خوشبوءَ جو احساس،
سچ جو ساٿي، محبت جو پيغام خاص
ڪنريءَ جو فخر، سنڌ جو روشن نالو،
هر دل ۾ وسندڙ شاعر جو اجالو
مزدورن جي محنت، ماسترن جو آواز،
سندس ڪلام ۾ ملن ٿا اميد جا راز
سالگرہ تي دعائون، خوشيون هزار،
فقير اصغر رهي، سنڌ جو سينگار