محبت جو انجام ـ ڪھاڻي ـ سجاد شورو (تنھا)


 نرگس جي شاديءَ کي اڃان سال بہ پورو نہ ٿيو تہ ان جي مٿان ظالمن ظلم جي انتها ڪري ڇڏي، نرگس سرمد جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي ۽ هڪٻئي سان بي پناه محبت ڪندا هئا، نرگس  پنهنجو گهر مٽَ مائٽ سڀ، سرمد جي ڪري ڇڏيا.

سرمد پنهنجي ڳوٺ ۾ ڀاڄي وڪرو ڪندو هو، ڳوٺ جي در در تي وڃي ڀاڄي جا هوڪا ڏئي ڀاڄي وڪڻندو هو، هڪ ڏينهن جڏهن نرگس جي گهر آڏوُ پنهنجو ڀاڄي جو گاڏي بيهاري  وڪڻڻ جا هوڪا ڏيئي رهيو هو تہ نرگس پنهنجي در کان ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي جڏھن سرمد تي نظر پيس تہ آواز ڪري آوري اچڻ جو چيس، سرمد هڪدم پنهنجي ڀاڄي واري گاڏي کي ڇڪي نرگس جي سامھون چيو حڪم ڪيو ڇا گهرجي، نرگس پهريان سڀني ڀاڄين جا ريٽ معلوم ڪيان پوءِ واپس اندر وڃي گهر مان پئسا کڻي آئي، جڏهن سرمد نرگس کي ڀاڄي ڏيڻ لڳو تہ نرس هزار جو نوٽ ڪڍي ڏنس مگر مون وٽ تہ هزارکليا ناهن سرمد

اوووو ٺيڪ آهي مان گهر ڏسان ٿي من کليا پيل هجن پئسا نرگس

ڪا ڳالهـ ناهي اوھان مونکي سڀاڻي ڏئي ڇڏجو.. سرمد ائين ناهي اوھان تہ مونکي سڃاڻو ئي نہ ٿا پوءِ ايڏو ڀروسو ڪئين؟ نرگس

ڀروسي جي ڳالهـ ناهي ڪهڙا لک رپيا آهن، ڏيڍ سئو ئي تہ آهي مان اوھان جي ڳوٺ کان ٿوري فاصلي تي ڳوٺ حاجي ولو مري جو رهواسي آهيان هت ايندو رهندو آهيان مگر توهان کي مان اڄ ڏٺو آهي، سرمد

ٺيڪ آهي سڀاڻي پڪ سان اچي پنهنجا پئسا وٺجو، نرگس ايئن چئي گهر اندر هلي وئي، سرمد نرگس جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪو هو، جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو تہ سرمد وري گھٽين ۾ ڀاڄي وارو ڀاڄي وارو هوڪا ڏئي رهيو تہ نرگس سرمد جو آواز ٻڌي وري در کولي ٻاهر نڪتي سرمد بہ نرگس جي در منجھ اک هڻيو ويٺو هو تہ ڪڏھن ٿي نرگس نڪري، جڏھن نرگس جي نظر ڪالھ ڀاڄي واري تي پئي تہ ان کي سڏڻ لڳي سرمد بہ تيزيءَ سان نرگس جي گهر طرف وڌڻ لڳو. جڏهن نرگس ساڳي طرح ڀاڄي جا ريٽ پڇيا تہ سرمد چوڻ لڳو ساڳيا ڪالهـ وارا ريٽ آهن، صرف صوف جو ريٽ وڌيو آهي، سرمد پنهنجي هٿن کي هڪٻئي سان ملائي ۽ شرمائي نرگس کي چوڻ لڳو.

اڇا، پهريان هي پنهنجا بقايا وٺو، نرگس

جڏهن سرمد کي مليل بقايا رقم هٿ ۾ ملي ڄڻ ڪا دنيا جي ڪا قيمتي شيءَ ملي وئي هجي، نرگس جي سهڻن ھٿڙن سرمد کي گهايل ڪري وڌو، جڏھن نرگس ڀاڄيون چيڪ ڪرڻ ۾ مصروف هئي تہ سرمد جي هٿن ۾ جيڪا نرگس جي بقايا رقم مليل هئي ان کي بار بار چميون ڏيندو رهيو ۽ خوشي محسوس ڪندو رهندو.

جيسين نرگس ڀاڄي پسند ڪري ورتي تہ سرمد ڪجهـ اضافي ڀاڄي ڏيڻ لڳو تہ ان تي نرگس سوال ڪيو تہ هي ڪهڙي خوشي ۾ فري ڏني اٿئي؟

جي ھي ان ڪري پيو وڌيڪ ڏيان تہ اوهان ايمان ۽ زبان تي پختائي نڪتي آهيو ان ڪري، سرمد 

نرگس کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو تہ ڪيڏو نہ سادو شخص آهي جو هيڏڙي ڳالهـ تي پنھنجو نقصان پيو ڪري.

سرمد جڏھن نرگس کي کلندي ڏٺو تہ ويتري نرگس جي محبت ۾ گم ٿي ويواو مسٽر ڪاٿي گم ٿي ويا، هن ڀاڄي جا گهڻا پئسا ٿيانرگس سرمد جي منهن ڏانهن پنهنجي ھٿڙن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪري خيالن جي دنيا مان جاڳايو.

او سوري.... ٻہ ٻہ سئو روپيا ٿيا، سرمد پنهنجي ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڪري چيو.. ٻہ ٻہ يعني چار سئو او مسٽر هي تہ گهڻا پئسا پيا وٺو ايتري تہ ڀاڄي ناهي جيترا توهان پئسا ٻڌايا آهن، نرگس هلڪي گرم ٿي سرمد ڏانهن چوڻ لڳي، نہ نہ منهنجو مطلب آهي تہ صرف ٻہ سئو روپيا.. سرمد شرمائيندڙ لهجي ۾ نرگس کي چوڻ لڳو.

نرگساڄ پئسا کليا کڻي آئي آهيان جڏهن ٻہ سئو سرمد کي ڏيئي واپس دروازو بند ڪري ڇڏيائين تہ سرمد پنهنجي مٿي کي هلڪو هٿ هڻي، وات مان زبان ڪڍي شرمائيندو گاڏي کي ڌڪو ڏئي هلڻ لڳو.

ڪافي ڏينهن کان پوءِ سرمد نرگس جي ڳوٺ ويو تہ ڇا ڏسي تہ نرگس جي گهر اندر دهلن شرنائن جو آواز ٻڌندي پريشان ٿي ويو گهٽيءَ ۾ هڪ ٻارڙي کان سرمد پهڇا ڪئي تہ هن گهر ۾ ڪنهن جي شادي آهي ننڍڙي ٻار چيو تہ چاچا عنايت جي ڌيءَ جي مڱـڻي ٿي پئي ان لاءِ اڄ خوشي اٿن. واٽ ويندڙ ٻار چيو

سرمد جي پيرن هيٺان ڄڻ زمين ئي نڪري وئي ڏاڍو غمزدہ ٿي وڃڻ لڳو، ٻئي ڏينهن جڏهن وري نرگس جي سڪ لڳيس سندس ڳوٺ طرف ڀاڄي وارو گاڏو ڪاهي نڪري پيو ھلندي هلندي وڃي نرگس جي ڳوٺ پهتو تہ هوڪا ڏيڻ لڳو وري بہ نرگس هن ڀاڄي واري جا هوڪا ٻڌي در تي بيهي ڏسڻ لڳي، جڏهن نرگس جي در وٽ پهتو تہ نرگس اڳئي ئي در تي بيٺل ڏسي پريشان ٿي ويو ڇا ڏسي تہ نرگس جي بدن تي ڀرت ڀريل گلابي رنگ جا ڪپڙا پاتل ڏسي، جڏهن نرگس جي ويجهو پهچي سرمد سلام ڪيو تہ نرگس سلام جو جواب ڏئي مسڪرائي رهي هئي. جناب اڄ تہ مان ڪجهـ وڌيڪ ڀاڄيون خريد ڪندس، نرگس

ڇو اوهان جي گهر اڄ مهمان اچڻا آهن ڇا؟ سرمد

جي ها اچڻا ناهين ويٺا آهن، گهر ان لاءِ، نرگس،،، اها ڳالهـ ٻڌي سرمد نرگس کان ڪالهـ واري دهلن شرنائن جو سبب پڇيو تہ نرگس شرمائيندڙ لهجي ۾ چيو تہ ڪالهـ منهنجي مڱڻي هئي. اها ڳالهـ ٻڌندي سرمد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جڏهن نرگس سرمد طرح ڏٺو تہ ان کان اکين ۾ ڳوڙهن جو سبب پڇيو تہ سرمد ڳالهـ کي مٽائڻ لڳو چوڻ لڳو تہ بس ائين ئي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا، بهرحال نرگس سرمد تان ڌيان هٽائي ڀاڄيون وٺڻ لڳي. ڀاڄيون خريد ڪري پئسا ڏيئي نرگس گهر اندر هلي وئي.

سرمد بہ پنهنجي گاڏي کي ڪاهي ٻئي طرف هلڻ لڳو ڪجهـ ڏينهن گذريا سرمد جي نرگس جي ڳوٺ طرف دل نہ چوندي هئي ان طرف وڃڻ ٿئي، مگر ڇا ڪجي روزي جو سوال آهي وري بہ سرمد دل تي پٿر رکي نرگس جي ڳوٺ وڃڻ لڳو پر ان گهٽي طرف نہ لنگھيو، جنهن طرف نرگس جو گهر هوندو هو ٻين گهٽين ۾ هوڪا ڏيندو رهيو پر نرگس جي گهر طرف نہ لڙيو... هڪ ڏينهن نرگس پنهنجي مامي جي گهر طرف وڃي رهي هئي تہ اتي ئي رستي ۾ سرمد پنهنجو ڀاڄي وارو گاڏو جھليو بيٺو هو جئين ئي نرگس تي نظر پئيس تہ سرمد پنهنجو چهرو هيٺ ڪري گاڏي کي ڪاهڻ لڳو تہ نرگس جي نظر پئجي وئي پويان هڪل ڪري سرمد کي سڏڻ لڳي سرمد مجبورن نرگس ڏانهن وڃڻ لڳو.. ڇو ايترا ڏينهن ٿيا آهن اوھان اسان جي گهٽي ڏانهن اچڻ ڇڏي ڏنو آهي.

ڇا؟ اسان توهان کان ڀاڄي نٿا وٺون يا وري ڪا اوڌر ٿا ڪيون. نرگس

نہ اھڙي ڳالهـ ناهي مان بس ھوڏانھن ئي اچي رهيو هئس تہ اوهان سڏ ڪيو هو. سرمد ڳالهـ کي مٽائڻ لڳو.

او مسٽر اسان جو گهر هن طرف آهي اوھان ٻئي پاسي وڃو پيا. نرگس محبت ڀري لهجي ۾ چئي سرمد جي اندر جي جذباتن کي ويتر چاھتن جي گرفت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. چلو ٺيڪ آهي مان هلان ٿي سڀاڻي اسان جي گهٽي طرف ضرور اچجو. نرگس. جي ها، سرمد ائين چئي ڳوٺ جي ٻاهران پنهنجي ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳو. جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو تہ سرمد پنهنجي ڀاڄي جي گاڌي کي ڇڪي نرگس جي ڳوٺ طرف وڃڻ لڳو، ويندي ويندي نيٺ نرگس جي ڳوٺ پهچي نرگس جي در تي هوڪا ڏيڻ لڳو اڄ سرمد پڪو ارادو ڪيو تہ مان پنهنجي دل جي ڳالھ نرگس سان ضرور ڪندس نيٺ نرگس بہ گهر کان ٻاهر نڪتي ۽ سرمد جي ڀاڄي واري گاڏي پهتي سلام چئي ڀاڄين جا ريٽ معلوم ڪرڻ لڳي تہ سرمد ڪجهـ چوڻ ٿي چاهيو، جي ها توهان مونسان مخاطب آهيو ڇا ڪجهـ چوڻ ٿا چاهيو.. نرگس سرمد کي مخاطب ٿيندي چيو.. جي ها.. جي نہ نہ سرمد گهٻرائجي نرگس کي چوڻ لڳو.. هاها ها صفا سادا آهيو نرگس وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي پئي. پڇو ڇا؟ ٿا پڇن چاهيو، نرگس، جي مان پڇيو پئي تہ هڪ گلاس پاڻي جو ملي سگهي ٿو؟ سرمد

بس. ان ۾ گهٻرائڻ جي ڪهڙي ڳالهـ آهي مان ھينئري ئي پاڻي ڀري ٿي اچان نرگس گهر اندر وڃي فرج مان ٿڌي پاڻيءَ جي بوتل گلاس کڻي آئي. اچي پاڻي پيو، نرگس، جڏهن نرگس پاڻيءَ جو گلاس ڀري سرمد کي ڏنو تہ سرمد پاڻي پئندي نظرون نرگس جي چهري طرف هڻيو بيٺو، نرگس محسوس ڪيو تہ هي ڇوڪرو منهنجي پويان آهي، يعني مون ۾ بريون نظرون اٿس هاڻي نرگس سرمد تي ڪڙي نظري رکڻ لڳي ۽ نوٽ ڪرڻ لڳي تہ ان ڏينهن مونکي ڪجهـ ڀاڄي ۽ فروٽ اضافي ڇو پئي ڏنئي ۽ ٻئي ڏينهن منهنجي مڱڻي جو ٻڌي اکين ۾ ڳوڙها ڇو تري آيس وري منهنجي گهر جي گهٽي طرف بہ نہ پئي آيو ڪو نہ هن سان مسئلو آهي بهرحال نرگس هاڻي سمجهي وئي تہ هن ڀاڄي واري جي دل ۾ ڇا آهي نرگس ڀاڄي وٺي گهر طرف وڃڻ لڳي تہ پويان وري ڏٺو تہ اهو ڀاڄي واري هن طرف ڏسي رهيو هو هوُ هاڻي پڪ سمجهي وئي.

ڪجھ ڏينهن مس گذريا تہ سرمد ٻيهر نرگس جي گهر طرف وڃي ڀاڄي کپائڻ جا هوڪا ڏيئي رهيو.

هاڻ نرگس جي در تي پهچي ويو ۽ بار بار وڏي آواز ۾ ڀاڄي وٺو ڀاڄي وٺو جا هوڪا ڏيئي رهيو هو تہ در مان هڪ ڪراڙي عورت نڪتي ۽ سرمد کان ڀاڄي جا ريٽ معلوم ڪري ڀاڄي وٺڻ لڳي سرمد پريشان ٿي ويو تہ جيڪا پهرين ڇوڪري ايندي هئي اڄ اها نظر نہ پئي اچي هي شايد انجي ماءُ اٿيس يا ڪا رشتيدار هاڻي ان ڪراڙي کان هي پڇي بہ نٿو سگهي تہ هو ڇوڪري ڪٿي آهي؟ جيڪا مون کان روزانو ڀاڄي وٺندي هئي نيٺ ڪراڙي ڀاڄي وٺي پئسا ڏيئي گهر اندر داخلا ٿي وئي هئي، هي تمام گهڻو پريشان حال بيهي در طرف ڏسندو رهيو ۽ واپس ٻئي طرف وڃڻ لڳواهو سڄو منظر نرگس در جي پويان لڪي پئي ڏٺو، هاڻي پڪ ٿي ويس تہ هي ڀاڄي فروخت منهنجي پويان آهي ٻئي ڏينهن وري بہ سرمد نرگس جي در تي بيهي هوڪا ڏيڻ لڳو تہ نرگس در کان ٻاهر اچي ساڳي ريت ڀاڄين جا ريٽ معلوم ڪري ٿي ۽ سرمد ڏانهن ڏسي ٿي تہ اڄ هو ڪجھ خوش نظر پيو اچي، نرگس کان رهيو نہ ٿيو تہ هڪدم ان ڀاڄي فروخت کان پڇيو تہ مسٽر ڪالھ اوهان ڏاڍا پريشان حال ھيڻا اڄ ڏاڍا خوش آهيو، ان جو مان اوھان کان سبب پڇي ٿي سـگهان؟ سرمد تمام گهڻو پريشان ٿي ويو، جي جي ها پڇي ٿا سگهو سرمد... ڇا سبب آهي جو توهان منهنجي طرف گهڻو ٿا ڏسو؟ نرگس.... 

اهڙي ڪا ڳالهـ ناهي بس ائين ئي، سرمد

نہ سچ ٻڌاءِ ڇا مسئلو آهي نہ تہ مان پنهنجي ڀاء کي سڏ ٿي ڪيان تہ اهو سڀ سچيون ڪرائيندي، نرگس

سچ ۾ اهڙي ڪا ڳالھ ناهي، سرمد

اڄ توکي ٻڌائڻو پوندو، نرگس

نيٺ سرمد خاموشيءَ ٽوڙي سڄي حقيقت نرگس کي ٻڌائي ڇڏي پوءِ نرگس پهريان تہ سرمد تي چڙهت ڪئي مگر بعد ۾ اهيو ٻڌي مسڪرائي هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳي ٻنهي جي پاڻ ۾ دل لڳي جون بلبليون ٻولڻ لڳيون، يعني سرمد نرگس کي دل ڏني ۽ نرگس سرمد کي دل ڏيڻ لڳي هڪ ٻئي کان نالا پڇڻ لڳا، تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ڪٿي ٿو رهي؟ ڪهڙي ذات اٿي؟ جو سلسلو شروع ٿي ويو بعد ۾ وري ايندڙ ڏينهن ملاقات جو پروگرام ٺاهيو.. واقعي چوندا آهن تہ عشق نہ پڇي ذات نہ ڏات.... ٻئي ڏينهن ساڳي طرح ڀاڄي وارو سلسلو جاري هو نيٺ ڳالهـ ٿي گهر ڇڏي ڀڄي وڃڻ تائين پهتي، هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ جا قول قرار ٿي نيٺ نرگس پنهنجو گهر بار ڇڏي سرمد سان ڀڄي وڃي ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيائين ايئن بہ نہ سوچ  رکيئي تہ اڳتي هن محبت جو انجام ڇا نڪرندو؟ ھوڏانھن نرگس جي مائٽن کي خبر پئي تہ نرگس هڪ ڀاڄي فروخت سان ڀڄي وڃين ڪورٽ ۾ شادي ڪئي... نرگس جي تازي مڱڻي پنهنجي سڳي سئوٽ سان ٿيل هئي سرمد بہ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي نرگس کي وٺي شهر ۾ رهڻ لڳا، هاڻي نرگس ۽ سرمد محبت جي شروعات ٿي چڪي آهي، هلندي هلندي سرمد ۽ نرگس جي شاديءَ کي سال ويجھو پهچڻ وارو هو تہ نرگس جو مڱيندو ڳولا ڪري ڪري، نيٽ سرمد ۽ نرگس شهر جي گهر جي معلومات ملي ويس، سرمد جڏهن ٻاهر نڪتو تہ نرگس جي مڱيندي تاڻي ورتس سرمد ۽ نرگس هڪ ڪرايئي جي گهر ۾ رهندا هئا رات دير سان نرگس جو مڱيندو ان ڪرائي واري جاءِ ۾ داخل ٿي انهن ٻنهي کي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ طرف فرار ٿي ويو.

Previous Post Next Post