عمل کان اڳ انجام تي سوچجي ـ حڪيم پريم چاندواڻي۔

ڪامياب سڦل، خوشگوار، بهترين ۽ پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ صبر شڪر، برداشت، سهپ، درگذر، سادگي، ڪفايت شعاري، عدم تشدد، خيرخواهي ۽ رواداريءَ جي اصولن ۽ قائدن موجب زندگي بسر ڪرڻ گهرجي۔ الله پاڪ هر هڪ جو جوڙ خلقيو آهي، سو جلدبازيءَ ۾ خواهشن جي ور چڙهي ڪا ڇوڪري ڀڄائي شادي ڪرڻ وارن جي زندگي زهر ٿي ويندي آهي۔ ڪافي پريمي جوڙا تہ ماريا بہ ويندا آهن۔ تنهن ڪري خواهشن کي پري رکي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ئي دانشمندي آهي۔ پرائي ماڙي ڏسي، پنهنجي ڀونگي ڊاهڻ سراسر ناداني ۽ بيوقوفي آهي ۽ اهڙي جلدبازي ڪرڻ واري کي تمام گهڻو ڀوڳڻو پوندو آهي۔ تنهن ڪري هر هڪ قدم سوچي سمجهي کڻڻ گهرجي۔ ڪو بہ ڪم اٻهرائي يا تڪڙ ۾ نہ ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ تڪڙ ۽ جلدبازيءَ ۾ اڪثر ڪم يا فيصلا غلط ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ انهن نتيجن کي ڀوڳڻ ۾ ساري زندگي مشڪل بنجي ويندي آهي۔ تنهن ڪري هر قدم تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ ۽ صحيح رخ ۾ کڻڻ گهرجي۔    

 چوڻي آهي تہ:

تڪڙ  ڪم، شيطان جو،

نادان ڪنهن انسان جو۔

ٻي چوڻي آهي تہ تڪڙ جا تيرنهن، صبر جا سورنهن۔

تنهن ڪري تڪڙ يا اٻهرائيءَ کان هر صورت بچڻ گهرجي۔ ڇاڪاڻ تہ تڪڙ ڪرڻ سان، اڪثر ڪري فائدو گهٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿيندو آهي۔ چوڻي آهي تہ جيڪڏهن تڪڙ ۾ گرم ڀت کائبو تہ پنهنجو وات ساڙبو۔ تنهن ڪري صبر شڪر سان ۽ مزي ماٺ سان ٿوري گهرئين گهڻو کائي سگهبو آهي ۽ پيٽ تي ڀرٿي بہ نہ ٿيندي آهي۔ الله پاڪ کي صابرين ۽ شاڪرين ٻانها وڌيڪ پسند آهن۔ صبر ۽ شڪر وڏيون نعمتون آهن۔ صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارو سدائين مطمئن ۽ پرسڪون زندگي گذاريندو آهي۔

 جيڪڏهن ڪنهن بہ ڪم کي ڪرڻ کان اڳ ۾ انجي انجام ۽ نتيجي تي سوچجي تہ جيڪر ڪافي گناهن براين ۽ غلطين کان بچي پئجي۔ جڏهن ڪا غلطي يا گناھ سردز ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ ان تي سوچڻ ۽ ويچارڻ ائين آهي جيئن لٿل سج کي ٻيهر اڀارڻ جا جتن ڪرڻ، يا ڏڌو کير واپس ٿڻن ۾ وجهڻ لاءِ سوچڻ۔

هرڪو سوچي ۽ سمجهي سگهي ٿو تہ ائين ڪرڻ ناممڪن آهي، ان ڪري ئي سالڪ چئي ويا آهن تہ اٺ واري ڊگهي نظر ڌارجي۔ اگر ڪنهن منزل تي پهچڻو آهي، تڏهن بہ اها ڊگهي نظر ۽ منزل تي پهچڻ جي جستجو اسان کي ٿڪ ٿيڻ جي احساس کان بچائيندي ۽ دلي لڳن سان انسان ماڳ طرف روان دوان رهندو ۽ همت نہ هاريندو۔ جيئن راند ۾ ڪا ٿوري غلطي ٿي ويندي آهي تہ ماڻهون راند هارائي ويندو آهي، اهڙي طرح زندگيءَ جي سفر ۾ ٿوري بہ غلطي ان سفر کي آخري سفر بہ بنائي سگهي ٿي۔ تنهن ڪري ڪنهن بہ ڪم ۾ اٻهرائي يا تڪڙ ساري بازيءَ کي الٽو بنائي ڇڏيندي آهي، تنهن ڪري صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ اجائي تڪڙ کان بچڻ گهرجي۔ ائين ڪرڻ سان اسان ڪيترين ئي مصيبتن، اذيتن، پريشانين ۽ بدناميءَ کان بچي سگهون ٿا۔ هر ڪم جي انجام کي اگر سوچجي تہ جيڪر غلطيءَ جي ڪا گنجائش ئي باقي نہ رهي۔ هتي هڪ قصو بيان ڪجي ٿو، جنهن سان اسان جو موضوع گهڻو واضع ۽ عام فهم ٿي پوندو۔ ڳالھ ڪندا آهن تہ هڪ پريميءَ پنهنجي پريميڪا کي رات جي اونداهيءَ ۾ گهر کان ڀڄائي آيو۔ گهر وارن کي جڏهن جاڳ ٿي تہ اهي بہ هنن جي پويان لڳا۔ هنن هڪ ڳوٺ ۾ وڃي ڪنهن واقف ڪارجي گهر ۾ پناھ ورتي۔ صبح ٿيڻ تي پريميءَ دوست کي گذارش ڪئي تہ مون کي منهنجي ڳوٺ تائين پهچائي اچو۔ دوست هنن کي هڪ اٺ تي سوار ڪيو ۽ پاڻ واڳ وٺي کين ڳوٺ تائين ڇڏڻ ٿي ويو تہ رستي ۾ پاڻيءَ جو دٻو نظر آيو تہ اٺ اتي ويهي رهيو ۽ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيٺو۔ پريميءَ پنهنجي دوست کان اٺ جي ويهي رهڻ جو ۽ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهي رهڻ جو سبب معلوم ڪيو، جنهن تي انهيءَ دوست پريمي دوست کي ٻڌايو تہ اٺ کي اهو خانداني اثر آهي، هن جي ماءُ ۽ ناني بہ ائين پاڻيءَ جو دٻو ڏسي ويهي رهنديون هيون۔ سو هن تي بہ اهو خانداني اثر آهي۔ ان تي پريميءَ سوچيو تہ مار مون کان تہ وڏي غلطي ٿي وئي آهي، سڀاڻي جيڪڏهن منهنجي اولاد تي بہ اهو سندن ماء وارو خانداني اثر پيو تہ مان ڪيئن ايڏي بدنامي ۽ پريشاني برداشت ڪري سگهندس ۽ پوءَ تہ مان جيئري ئي مري ويندس۔ اهو سوچي دوست کي چيائين تہ بس ادا اسان واپس پوئتي موٽي ٿا هلئون۔ اھڙي طرح انهن پوئتي واپسي شروع ڪئي ڪجھ پنڌ هلڻ کان پوءِ اهي پريميڪا جي مائٽن سان آمهون سامهون ٿي ويا۔ پريمي پنهنجي پريميڪا کي مائٽن جي حوالي ڪندي سارو قصو بيان ڪيو ۽ سندن پيرن تي ڪري معافي گهرڻ لڳو ۽ کين چوڻ لڳو تہ مون کان وڏي خطا ٿي وئي آهي، اوهان انجي جيڪا سزا مون کي ڏيڻ چاهيو ڏئي سگهو ٿا۔ ڇوڪريءَ جي مائٽن هن جي آھ زاريء، ايلازن، ٻانهن ٻڌڻ ۽ معافي طلبڻ تي هن کي معاف ڪري ڇڏيو۔ جيڪڏهن هرهڪ شخص اهڙي ڪيل گناھ جي سزا  تڪليفن ۽ اذيتن تي غور ويچار ڪري ۽ سنجيدگيءَ سان سوچي تہ جيڪر گناھ ڪرڻ کان ئي بچي پوي۔ اهڙي غلط عمل يا برائيءَ سان معاشري ۾ ڪيتري بدنامي ۽ پريشاني ڀوڳڻي پوي ٿي يا ڪيتري دشمني وڌي وڃي ٿي ۽ ڪيڏي معاشرتي بگاڙ جو سبب بنجي ٿي۔ ڪافي قبائلي جهيڙا سڱاوتيء جي تڪرار سبب سالن جا سال هلندا رهندا آهن۔ انهن غلطين جي نتيجن تي اگر اڳ ئي سوچجي ۽ سوچي سمجهي قدم کڻجي تہ جيڪر نہ ئي پاڻ ڏچي ۾ پئجي نہ ئي ٻين کي ڏچي ۾ وجهي ساري عمر جي بدناميءَ جو داغ ڏجي تنهن ڪري هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ گهرجي ۽ هر لفظ تڪي توري سوچي سمجهي پوءِ ڳالهائڻ گهرجي۔ اهڙيءَ ريت ڪنهن تي حملي ڪرڻ ۾ جلدبازيء کان ڪم نہ وٺڻ گهرجي۔ وري صلح ۽ ٺاھ ڪرڻ ۾ دير نہ ڪرڻ گهرجي۔

ٿورين ٿورين رنجشن يا دشمنين سبب خونريزي ڪرڻ ۽ سالن جا سال قيد ۾ اذيتون ڀوڳڻ بابت اگر اڳ ۾ سوچيو وڃي تہ جيڪر اهي قبائلي جهيڙا يا قتل و غارت جي نوبت ئي نہ اچي۔

عمل کان اڳ، انجام سوچجي،

سوچي سمجهي اڳتي وڌجي۔

جي  سر  جو،  خير  گهرجي،

غلط فعل کان، پاسي رهجي۔

Previous Post Next Post