موري جو کاهوڙي، قومي، ادبي ۽ سماجي ڪارڪن محترم عظيم سنڌي ـ پروفيسر شمشاد احمد سومرو


موري جي علمي، ادبي سياسي ۽ سماجي شخصيت عبدالعظيم سولنگي المعروف عظيم سنڌي، پھرين مارچ 1952ع ۾ موري ۾ ابراهيم شاه جي درگاه، گچيرو روڊ مورو ويجهو حاجي محمد يوسف سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. عظيم سنڌي، موري جي ادبي، سماجي ۽ علمي ادارن جھڙوڪ سنڌي ادبي سنگت مورو، سگا شاخ مورو، شھيد عبدالرزاق ادبي سنگت، مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي ۽ مھراڻ ڪلچر سوسائٽيءَ جو بنيادي ميمبر ۽ بنياد وجهندڙن مان هڪ رهيو آهي. عظيم سنڌي، پرائمري تعليم احمد شاه پرائمري اسڪول ۽ مين پرائمري اسڪول موري مان حاصل ڪئي، جتي سندن استاد سائين محمد سومرو، سائين محمد اسماعيل، حاجي خان ڪمالاڻيءَ ۽ سائين خدا بخش سيھڙ رهيا. مئٽرڪ جو امتحان 1968ع ۾ ڊي سي هاءِ اسڪول موري مان ۽ انٽر آرٽس ڪاليج موري (هن وقت گورنمينٽ مھراڻ ڪاليج مورو) مان 1972ع ۾ ڏنائين. بيچلر آف آرٽس (B.A) جي ڊگري 1974ع ۾ ۽ ماسٽر ”سنڌي ادب“ ۾ 1988ع ڪئي اٿائين.

عظيم سنڌي، پنھنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان ڪئي ۽ 1972ع ۾ مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي اسٽوڊنٽس يونين (شاگرد يونين) جو ”لٽرري سيڪريٽري“ ۽ 74-1973ع ۾ شاگرد يونين جو ”صدر“ چونڊيو ويو. ”عظيم سنڌي“، شاگرد يونين ۾ گهڻو سرگرم رهيو ۽ يونين پاران ڪاليج اندر ڪيترائي فنڪشن ڪرايائين، جنھن ۾ ان وقت جي قوم پرست ليڊر شپ ۽ نالي وارن اديبن سميت مشھور عالم ۽ اسڪالر شريڪ ٿيا. شھيد عبدالرزاق سومري جي شھادت کان پوءِ هن ”شهيد عبدالرزاق ادبي سنگت“ جو بنياد وڌو ۽ ان جي پليٽ فارم تان شھيد جي چاليھي تي ڀرپور سياسي پروگرام ڪرايو. هن سنگت پاران شھيد جون 1973ع کان 1976ع تائين ورسيون، قومي ڪارڪنن سان گڏ ڀرپور ۽ شاندار نموني سان ملهايون، جنھن ۾ سڄي سنڌ مان قومي ڪارڪن ۽ اڳواڻ بسون ڀري شرڪت ڪئي. شھيد عبدالرزاق جي ورسين ۾ سائين امداد محمد شاه، قاضي محمد بخش ڌامراه، چاچو عبدالحفيظ قرييشي، سيد ظفر علي شاه ۽ ٻيا اڳوان ڀرپور شرڪت ڪندا هئا. شهيد عبدالرزاق ادبي سنگت پاران سنڌ جي اديبن سان رهاڻيون ۽ ادبي پروگرام ڪيا ويا، جن ۾ عبدالحڪيم ”ارشد“، تاج جويو، خاڪي جويو، حافظ محمد بخش خاصخيلي، اختر مورائي، پروفيسر نذير قاضي اچي وڃن ٿا. ان کان علاوہ 4 مارچ ۽ ٻيا قومي ڏهاڙا پڻ ملهايا ويندا هئا. هن سنگت جا سيڪريٽري عظيم سنڌي (بنياد وجهندڙ سيڪريٽري) ڪامريڊ عبدالخالق سومرو، غلام الله سومرو، پروفيسر شمشاد سومرو ۽ ٻيا رهيا آهن.

عظيم سنڌي، سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي بنياد وجهندڙ ساٿين مان هڪ آهي ۽ ان جو پھريون سيڪريٽري پڻ رهيو آهي، جنھن جو بنياد 1976ع ۾ سائين راشد مورائي جي اوطاق تي وڌو ويو. سندس دؤر ۾ ڪيترن شاعرن، اديبن سان شامون ۽ رهاڻيون رچايون ويون جن مان سرفھرست فتاح ملڪ، خاڪي جويو، استاد بخاري، راشد مورائي، خان محمد پنھور اچي وڃن ٿا. عظيم سنڌي ادبيءَ جي سنگت سان 1976ع کان اڄ تائين گھرو تعلق رهيو آهي.

عظيم سنڌيءَ جي اوطاق/ ماڙيءَ تي سدائين سنڌ جي اديبن جا ميڙا متل هوندا هئا، اڪثر سنڌي اديب، قومي ۽ سماجي ڪارڪن هن وٽ ايندا هئا. سنڌ جي عوامي ۽ انقلابي شاعر استاد بخاريءَ ۽ عظيم سنڌيءَ جي دوستي پڻ مثالي هئي. استاد اڪثر موري ايندو هو ۽ عظيم وٽ اچي روح رهاڻ ڪندو هو. ”عظيم“ کي استاد بخاري جي تمام گهڻي شاعري ياد آهي جيڪو هر تقرير دوران موقعي ۽ مناسبت سان پڙهندو آهي ۽ محفل کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن. عظيم وٽ اسٽيج هلائڻ جو فن پڻ اتم آهي. ”روشن تارا ڪي جي اسڪول“ (مھراڻ ڪي جي اسڪول جي نالي سان شروع ٿيو اڳتي هلي روشن تارا جي نالي سان سڏيو ويو) مورو جيڪو 1977ع ۾ ”مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي“ پاران قائم ڪيو ويو، ان سوسائٽيءَ جو عظيم سنڌي بنيادي ميمبر ۽ روشن تارا جو بنياد وجهندڙ ميمبر ۽ ”فنانس سيڪريٽري“ پڻ رهيو آهي. پاڻ ان سوسائٽيءَ جو بعد ۾ ”انفارميشن سيڪريٽري“ ۽ ”جنرل سيڪريٽري“پڻ اٺ سال رهيو ۽ اڄ ڏينھن تائين سوسائٽي جو سرگرم ميمبر آهي.

عظيم سنڌي، سگا موري جي بنياد وجهندڙ ميمبرن مان هڪ آهي، سندس سگا ۾ ميمبرشپ نمبر 10 آهي ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 02 جنوري 1976ع آهي. عظيم، سگا موري جي بنيادي باڊي 1976ع جو ”اطلاعات سيڪريٽري“ رهيو آهي. عظيم سنڌي 1977ع ۾ سگا موري جو ”اطلاعات سيڪريٽري“ چونڊجي آيو ۽ 1987ع کان 1980ع تائين ٽي سال ”جنرل سيڪريٽري“ پڻ رهيو آهي. هن پيرڊ ۾ موري شاخ جو صدر، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ هو. هنن سالن ۾ صحت ۽ ايجوڪيشن تي پڻ خاص ڪري وڏو ڪم ٿيو. عظيم صاحب 82-1981ع ۾ ”ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي“، 84-1983ع ۾ ”اطلاعات سيڪريٽري“، 87-1986، 89-1988، 93-1992ع ۾ ”ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي“، 97-1996ع ۾ ”صدر“ ۽ 1998-99ع ۾ بہ ”ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي“ رهيو آهي. ”عظيم صاحب“ ان کان علاوہ سگا مرڪز جو سکر ڊويزن مان 99-1998ع، ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. 06-2004، 09-2006، ۽ 18-2015 ۾ موري شاخ جي ”ڪاروباري ڪاميٽي“ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. عظيم پنھنجي زندگي جون سونھري بھارون ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن“ جي نانءُ ڪري ڇڏيون ۽ نيڪ نيتي سان خدمت جي جذبي تحت پنھنجن ماروئڙن جي سيوا ڪئي. سندن دؤر جو وڏو ڪارنامو روشن تارا ڪي جي اسڪول مورو آهي.

محترم عظيم سنڌي، بھترين سماج سڌارڪ سان گڏوگڏ هڪ بھترين ليکڪ ۽ خوبصورت شاعر آهي. سندس هڪ آزاد نظمن تي مشتمل ڪتاب ”مٽيءَ جي مھڪ“ شايع ٿيل آهي. جڏهن تہ هيٺيان ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس. ”رچي نڪتا رنگ“ (بيتن تي مشتمل ڪتاب)، ”عظيم جا غزل“ (غزلن جو ڪتاب)، آزد نظمن تي آڌاريل ڪتاب ”تنهن عشق کي شاباش“ (موري جي شخيصتن تي ڪتاب)، ”دل جو دفتر“ (ڪالمن تي مشتمل جيڪي خادم وطن، عوامي آواز ۾ ڇپيل اٿس) ”سنڌ جا مشھور ملهـ پهلوان“، (ملهن تي)، ”استاد بخاري جون يادگيريون“. ان کان علاوہ عظيم سنڌي سڄي سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندڙ آهي. عظيم صاحب ”ساڃاه ڪلچر فورم“ ۽ ”سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جو سرگرم ميمبر پڻ رهيو آهي. عظيم سنڌي، ”وليج ڪميونٽي اسڪولس“ جو 1996ع ۾ ”نواب شاه ضلعي جو ڪو آرڊينيٽر“ ۽ 1997ع ۾ ”ڪوآرڊينيٽر ضلعي رابطہ ڪاميٽي وليج ڪميونٽي اسڪولس“ نوشھرو فيروز ۽ نواب شاه پڻ رهيو آهي.

محترم عظيم سنڌي صاحب، سرڪاري نوڪر ٿيڻ بجاءِ پورهيو ڪري هر فيلڊ ۾ ويندي اولاد ۽ گهرتائين پاڻ عزت ۽ فضلت سان پاڻ ملهايو اٿس. ٻين تي ڀاڙي ويهڻ بجاءِ هميشہ پاڻ سڃاڻي ڪنھن آڏو هٿ ڪين ٽنگيو اٿائين. سندس تاريخ، علم ادب، سُر سنگيت، ڪوڏي ڪوڏي، ملهـ ايسوسيئيشن ۽ ملهہ پهلوانن خاص طور تي غلام سرور جتوئي سان سندس دوستي جو گھرو تعلق رهيو آهي. هن ايم اي هوندي ۾ سرڪاري نوڪري ڪونہ ڪئي.

عظيم سنڌي ءَ جي لکيل مضمونن جو چڱو خاصو تعداد مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ٽڙيل پکڙيل نظر اچي ٿو. عظيم جا ڪجهـ مضمون مختلف سووينئرن ۽ ڪتابن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. جيڪي هن سيمينارن ۾ پڙهيا آهن، جيئن ”سانگهڙ ضلعي جا ملهـ ميلا ۽ درگاهون“، جيڪو سانگهڙ ثقافتي ميلي ۾ منعقد ٿيندڙ سيمينار ۾ هن پڙهيو ۽ سووينيئر ۾ شايع ٿيو. ان موقعي تي کيس ڏه هزار رپيا انعام ۽ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. جيڪب آباد هارس ۽ ڪيٽل شو جي موقعي تي جيڪب آباد ضلعي تي سيمينار ڪوٺايو ويو، جنھن جي صدارت سائين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار ”شام“ ڪئي هئي، ان ۾ عظيم سنڌي، ”جيڪب آباد ضلعي جا ملهـ“ جي عنوان تي پيپر پڙهيو، جيڪو بہ سيمينار ڪاميٽي پاران ڇپيل ڪتاب ۾ شايع ٿيو. بلاول انسٽيٽوٽ پاران شايع ٿيندڙ جنرل ”بلاول“ ۾ سندس هڪ آرٽيڪل ”نواب شاه ضلعي جا ملهہ ۽ ملاکڙا“ ڇپيل اٿس. جڏهن تہ ”ضلعو نوشھرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾“، ڪتاب اندر عظيم جو هڪ مضمون ”ضلعي نوشھرو فيروز جا مشھور ملهہ پهلوان“ پڻ شايع ٿيل آهي. ان کان علاوہ شڪارپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل طرفان ٿيل سيمينار ۾ ”ملهہ ۽ ملاکڙا“ جي عنوان هيٺ پيپر پڙهيائين.

سگا خدا آباد شاخ پاران سائين نظير احمد ڀنڊ صاحب ۽ سندس ساٿين طرفان خدا آباد هاءِ اسڪول ۾ منڇر ڍنڍ تي هڪ سيمينار ڪرايو هو جنھن ۾ عظيم سنڌيءَ ”منڇر ڍنڍ“ تي مقالو پڻ پڙهيو هيو.

محترم عظيم سنڌي ڪجھ وقت بيمار رھڻ کانپوءِ 26 سيپٽمبر 2025ع تي اسان کان جدا ٿي ويو.

Previous Post Next Post