اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين… موري جو عظيم سنڌي ـ خليق ٻگھيو


هڪ سينئر شاعر، بھترين ڪمپيئر، تعليم سڌارڪ، سماج سڌارڪ استاد محمد عظيم سولنگي عرف عظيم سنڌي ساھ جي تڪليف سبب لياقت اسپتال ڪراچي ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اها خبر ٻُڌي زمين پيرن هيٺيان ڄڻ نڪري وئي. استاد، جو لقب هن کي درزين ڏنو هو، جيڪي سندس شاگرد هئا، پر ادبي حلقن ۾ بہ سينئر هئڻ جي ناتي کيس استاد سڏيو ويندو هو. هُو محفلن جو مور هو. موري جي ادبي پروگرامن ۾ هُن پنھنجي بردبار، کِلمک، زنده دليءَ سان ڄڻ تہ نئون روح ڦوڪيو. جڏهن ادبي پروگرامن ۾اختلافن ۽ تضادن جي صورت ۾ ماحول انتھائي سنجيدہ ٿي ويندو هو تہ پنھنجي ذھانت ۽ لهجي جي قابليت سان سڀني کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو ۽ سڀني جا موڊ بھتر ٿي ويندا هئا. سنڌ جا وڏا وڏا اديب سندس ادبي اوطاق ۾ اچي راتيون رهندا هئا. استاد بخاري، خاڪي جويو، علي بابا تہ اڪثر سندس اوطاقي ٿيندا هئا. ادب ۾ اسان نوان نوان آيا هئاسين، پر اسان کي سڏ ڪري انهن سان ملائيندو هو. ڀوڳ چرچا ايترا ڪندو هو جو کلي کلي پنھنجا ڏک ئي وسري ويندا هئا. نوجوان لکندڙن جو وڏو قدر ڪندو هو، کيس سڏي دڪان تي پاڻ سان ويھاري کائن نہ صرف ادبي ڪرت، پر ذاتي زندگيءَ جي ڏکن سُکن بابت بہ پيو پڇندو هو ۽ سندن ڏک ۾ برابر شريڪ ٿي سندن هم صلاحي ٿي، کين اتساھ پيو ڏيندو هو. ادبي پروگرامن ۾ استاد عظيم جو راشد کان وٺي سڀ ننڍا وڏا، اديب غير اديب سندس شديد انتظار ڪندا هئا، ڇوتہ هُو هر اسٽيج جو مور هو. اسٽيج جي نفسيات جي جيتري استاد عظيم وٽ پرک هئي، مون ڪنهن ۾ ڪونہ ڏٺي. ادبي تعصب ۾ سندس مٿان ذاتي نڪتہ چينيءَ جا بہ تير بہ وسندا رهيا، پر هُو ڪڏهن بہ انهن کي دل تي نہ وٺندو هو. ڄڻ ڪجهـ ٿيو ئي ڪونهي، ڄڻ ڪنهن ڪجهـ چَيو ئي ڪونہ هو. ساڳيا ماڻهو، جيڪي سندس گلا ڪندا هئا، انهن کي سڏي دلين ۾ جايون ڏيندو هو. اڄڪلهـ اهڙيون خوبيون ماڻهن ۾ ڪٿي آھن؟ شل نہ ڪا دُونهي دُکي ممڻ مچائڻ ۾ ماڻهو دير ئي نٿا ڪن.

استاد عظيم جي وڏي خوبي تہ هُو ماڻهن کي سڏي، انهن کان ڏک سک معلوم ڪري، وري سندن نفسيات موجب کين نہ صرف اتساھ ڏيندو هو، پر ڀوڳ چرچا ڪري کيس خوش ڪري ڇڏيندو هو. ڪنهن نوجوان شاعر کي ٻين ادبي درگاھن تان دڙڪا بہ ملندا هئا، پر استاد عظيم جي شخصيت ئي لاجواب هئي، دڙڪن سھڻ وارن جي وري شاعر ادب ۾ هُو همت افزائي ايتري ڪندو هو، جو ڪو ادب کان مايوس نہ ٿئي. وري اڳ کان وڌيڪ تخليقي ۽ فڪري لکت آڻيندو هو. اهو سندس شخصيت جو ئي ڪمال هو. ساڃاھ رسالو، جيڪو خاڪي جويو شايع ڪندو هو، نوجوانن کان مواد وٺي ان ۾ شايع ڪرائيندو هو. رسالا وٺي ايندو هو. دوستن کي پڙھائيندو هو ۽ چوندو هو هنن ۾ بہ لکو. استاد بخاري تہ سندس تمام ويجهو دوست هو. بخاريءَ جو اڪثر ڪلام استاد عظيم کي ياد هوندو هو، محفلن توڙي ڪچھرين ۾ بخاريءَ جا شعر اهڙي تہ ڪمال سان موقعي جي مناسبت سان ياد پيو ٻڌائيندو هو، جو محفلون موج ۾ اچي وينديون هيون.. ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهـ، اچي بوءِ بهار جي“ واقعي استاد عظيم مان بھار جي بوءِ ايندي هئي. اڄ استاد عظيم اسان جي وچ ۾ ڪونهي، پر سندس سونھري يادون اسان ڪڏهن بہ وساري نہ سگهنداسين. هُو موري جو مانُ هو ۽ هاڻي موري جي تاريخ ۾ هميشہ لاءِ محفوظ ٿي ويو. سندس دڪان، اوطاق، ٽهڪڙا، پيار، اتساھ گهٽ ۾ گهٽ دادوءَ ۽ موري جا شاعر اديب ڪڏهن بہ وساري نٿا سگهن. سندس خال ڪير بہ شايد ڀري نہ سگهي!

Previous Post Next Post