هر اهو شخص جيڪو اميد جو دامن پڪڙي هلي ٿو تہ ان جو ڪاميابين جو سفر آسان ٿي وڃي ٿو۔ مسلسل محنتن مشقتن ۽ جدوجهد سان پنهن جي منزل ماڻي ڪامياب زندگي بسر ڪري ٿو۔ ان جي ابتڙ مايوس بي همت ۽ وهمي شخص اهو سوچي همت هاري ويهندو آهي تہ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت کان پوءِ بہ اگر ناڪامي ملي تہ ساري محنت مشقت اڪارت هلي ويندي۔ نتيجي ۾ بي همت بندو هميشہ ناڪامين سان منهن ڏيندو رهندو آهي۔
اميد جو دامن، ڇڏبو ناهي،
ماڳ تي جيتر، پڄبو ناهي۔
جنهن بہ شخص جو ايمان ڪامل ۽ يقين محڪم هوندو آهي، اهو وهمن وسوسن کان ڪوهين ڏور رهندو آهي۔ الله پاڪ تي ڪامل يقين کيس اميد جو دامن ڇڏڻ نہ ڏيندو آهي۔ چوڻي آهي تہ مايوسي ڪفر آهي۔ پوءِ جنهن جو ايمان ڪامل هوندو آهي اهو ڪڏهن بہ مالڪ مان آس ناهي لاهيندو ۽ مسلسل پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکندو آهي ۽ نيٺ ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي منزل تي پهچي ويندو آهي۔ جڏهن تہ مايوسيءَ جو شڪار ماڻهو آس نراس جي چؤواٽي تي اچي ساڪن ٿي بيهي رهندو آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي طاقت يا قوت ساري ناهي سگهندو۔ منزل تي اهي ئي پهچندا آهن جن جي همت سدائين جوان رهندي آهي ۽ هو مايوسيءَ جو شڪار ناهن ٿيندا۔ الله پاڪ فرمائي ٿو تہ الله جي رحمت مان ڪڏهن بہ نااميد نہ ٿيڻ گهرجي نہ ئي هٿ هٿ تي ڌري ويهي رهجي۔ روزانو نئين اميد سان جستجو ۽ جاکوڙ جاري رکڻ گهرجي۔ جيستائين توهان پنهن جي گهربل منزل ماڻي نٿا وٺو۔ وهم ۽ وسوسا اميدن کي ڪمزور ڪري وڌيڪ پريشان ۽ مايوسيءَ جو شڪار ڪري ڇڏيندا آهن۔ جيئن تہ هو ماڻهن کي منهن ڏيڻ/ فيس ڪرڻ جي پاڻ کي قابل ناهن سمجهندا تنهن ڪري مجموعي يا ميلي ۾ وڃڻ کان ڪيٻائيندا ۽ ڪترائيندا آهن۔ هو هر جوابداري کڻڻ کان پري ڀڄندا آهن۔ ڇاڪاڻ تہ انهن ۾ سيلف ڪانفيڊنس/ خود اعتمادي نہ هوندي آهي، تنهن ڪري نہ مان نہ مان ڪندا رهندا آهن، يعني هر دفعي سان انهن جي موٽ ناڪاري هوندي آهي ۽ فقط نصيب تي ڀاڙي، پنهنجو دامن آجو ڪرائيندا رهندا آهن۔
چوڻ جو مقصد آهي تہ جن شخصن ۾ ايمان ڪامل هوندو آهي، اهي اميد جي دامن کي ڪڏهن بہ ناهن ڇڏيندا ۽ پنهنجون ڪوششون هميشہ جاري و ساري رکندا ايندا آهن۔ ۽ اها همت ۽ بلند حوصلو ئي سندن ڪاميابيءَ جو وڏو راز سبب يا ضامن هوندو آهي۔ بندي کي ڪڏهن بہ نااميد ٿيڻ نہ گهرجي ۽ نہ ئي مسئلن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن۔ هر حال ۾ همت ۽ حوصلو برقرار رکڻ ئي ڪاميابيءَ جو مکيہ ۽ اهم سبب هوندو آهي۔
ڪمزور ذهن وارا، گهٽ پڙهيل لکيل طبقو ئي وهمن ۾ وڌيڪ وٺجي ويندو آهي۔ پوءِ عاملن ۽ ٻاون جي ڪڍ ڊڪندي پنهن جو تمام گهڻو نقصان ڪري ويهندا آهن۔ انهن پويان ڊڪڻ سان قيمتي وقت ۽ مالي تمام گهڻي ضايع ٿي ويندي آهي پر هڙ حاصل ڪجھ بہ ناهي ٿيندو۔ تنهن ڪري اهڙين غلطين ۽ حماقتن کان بچڻ گهرجي۔ ايمان ڪامل، سچي نيت ۽ اٽل ارادي سان روز بروز اڳتي اڃا اڳتي وڌڻ کي پنهنجو نصب العين يا دستورالعمل بنائڻ گهرجي، ۽ نت نئين ڪاميابين سان همڪنار ٿي پرسڪون ۽ پرمسرت زندگي گهارجي ۽ ٻين جي پڻ انهيءَ سلسلي ۾ رهنمائي ڪندي کين منزل ڀيڙو ڪجي۔ اهو ياد رکڻ گهرجي تہ وهم ۽ وسوسا ايمان جي ڪمزوريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ بہ ناهن ۽ اهي وهم وسوسا ئي ڪاميابيء جي راھ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿين ٿا ۽ اڳتي وڌڻ نٿا ڏين۔
همت - مردان، مدد- خدا،
بي همت بندو، بيزار- خدا۔
تنهن ڪري همت ۽ حوصلي کي ڪڏهن بہ ڪمزور ٿيڻ نہ ڏجي۔
انسان کي الله پاڪ انهن عظيم نعمتن سان نوازيو آهي جو جيڪڏهن همت حوصلي ۽ پختي قوت اراديء سان وڌڻ چاهي تہ هو برن ۾ بازارون قائم ڪري سگهي ٿو۔ پٿرن کي پاڻيءَ مٿان تاري سگهي ٿو مڻين وزني هوائي جهاز کي هوا ۾ اڏائي سگهي ٿو، سيڪنڊن ۾ ساري دنيا سان رابطا قائم ڪري سگهي ٿو۔ ۽ نت نيون ايجادون ڪري دنيا کي حيرت زدہ ڪري سگهي ٿو۔ تنهن ڪري الله پاڪ جي رحمت مان ڪڏهن بہ نااميد ٿيڻ نہ گهرجي ۽ سدائين ڊگهي نظر منزل تي ئي رکجي ۽ مسلسل جدوجهد سان ان کي ماڻي وٺجي۔
الله پاڪ پهريون در بند ٿيڻ کان اڳ ٻيو در کولي ڇڏيندو آهي۔ پکي پکڻن کي ڏسو ڪيئن اهي بي سرو سامانيء ۾ بہ گذر بسر ڪن ٿا۔ تنهن ڪري هميشہ پراميد رهجي ۽ مايوس ٿي همت هاري نہ ويهجي۔ پراميد رهڻ ڪاميابيءَ طرف وڌڻ جي برابر آهي۔ تنهن ڪري ڪاميابيون ماڻڻ لاءِ سدائين پر اميد رهجي ۽ توڪل بر خدا ڪري اڳتي وڌندو رهجي تہ ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون اچي اسان جا قدم چمنديون ۽ ماڳ سان همڪنار ڪنديون۔ گهڻا انسان اهو سوچيندا آهن تہ نصيب ۾ هوندو ته ملندو پر ڪوشش بلڪل به نه ڪندا آهن۔ تنهن ڪري پر اميد رهي پنهنجو سعيو ۽ ڪوششون جاري رکجن ۽ ڪاميابيءَ لاءِ الله پاڪ جي در تي دست بدعا ٿيڻ گهرجي۔
اميد رسائي ماڳ تي،
ڀاڙي ويھ نہ ڀاڳ تي۔
محنت سان، ملندي منزل،
ماڳ سڦلتا، ٿيندي حاصل۔