ڳوٺ جي ڪنڊ تي هڪ ننڍڙو گهر هو۔ جنهن ۾ زهرہ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندي هئي۔ پيءُ سال اڳ ئي وفات ٿي ويو هو ۽ گهر جي ذميواري ماءُ ۽ ڌيءَ جي ڪلهن تي اچي وئي هئي۔ روز جو صبح ٿيندي ئي زهرہ ڳوٺ جي اسڪول ويندي۔ پوءِ شام جو گهر اچي ماءُ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هئي۔
زهرہ جو خواب هو تہ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بڻجي ڳوٺ جي ماڻهن جو علاج ڪري، ڇو تہ ڳوٺ ۾ اسپتال نہ هئي۔ فقط هڪ ڪلينڪ هئي۔ جتي گهڻو ڪري دوائن بدران صبر جي صلاح ڏني ويندي هئي۔ جڏهن بہ ڪو بيمار ٿيندو هو تہ کين شهر وٺي وڃڻو پوندو هو۔ جيڪو غريبن لاءِ ڏکيو ڪم هو۔
هڪ شام جڏهن زهرہ جو پاڙيسري ڇوڪرو نادر سخت بيمار ٿي پيو۔ تڏهن سڄو ڳوٺ پريشان ٿي ويو۔ گاڏي لاءِ پئسا نہ هئا ۽ وقت بہ هٿن مان نڪري رهيو هو۔ زهرہ ڀڄي پنهنجي ماءُ وٽ وئي ۽ چيو:
”امڙ! جيڪڏهن اسان وٽ دوائون هجن ها تہ نادر ڀاءُ کي بچائي سگهجي ها۔“
ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ چوڻ لڳي ”ٻچڙي ان لاءِ ئي مان توکي پڙهائي رهي آهيان۔ هڪ ڏينهن تون ئي هن ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ اُميد جو ڏيئو بڻجندينءَ۔“
اهي لفظ زهرہ جي دل ۾ ايترا کوهجي ويا جو هن عزم ڪيو تہ هوءَ ڪابہ مشڪل هجي۔ پر پنهنجي تعليم مڪمل ڪري رهندي۔ هوءَ رات جو چراغ جي ڪمزور روشنيءَ ۾ پڙهندي رهي۔ ڪيترائي ڀيرا کاڌو گهٽ مليو۔ پر ڪتابن کان هٿ نہ ڪڍيائين۔
سال گذرندا ويا۔ آخرڪار زهرہ محنت سان ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي۔ جڏهن هوءَ ڊاڪٽر بڻجي ڳوٺ موٽي آئي۔ تڏهن ساڳيو ڳوٺ جيڪو ڪڏهن بيمارين جي خوف ۾ رهندو هو۔ اڄ اميد سان ڀرجي ويو۔
هڪ ڏينهن ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ زهرہ کي چيو: ”تون اسان لاءِ صرف علاج نہ آندو آهي۔ پر روشن مستقبل جو خواب بہ ڏنو آهي۔“
زهرہ مرڪندي چيو: ”اميد جو ڏيئو هميشہ جلندو رهي ۽ هر ڪو پنهنجي حصي جي ذميواري نڀائي۔“