عورت عظمت جو اهڃاڻ ـ حڪيم پريم چاندواڻي


عورت کانسواءِ ساري ڪائنات اڌوري آ۔ عورت عظمت جو اهڃاڻ آ، عورت جنت جي سڃاڻ آ۔ عورت سراپا محبت آ، عورت حسن ۽ محبت جي ديوي آ۔ مطلب تہ عورت سراپا سونهن آهي۔ عورت مرد جو اڌ سرير آ اهو بہ کاٻو جنهن پاسي دل هوندي آهي۔ عورت سان ئي ساري ڪائنات ۾ رنگ، رونقون ۽ حسناڪيون آهن، عورت سواءِ جيڪر مرد بيچين ۽ بي سڪون ٿي اذيتناڪ جيون گهاري آ۔ عورت ئي هر مصيبت ۽ تڪليف جي وقت مرد سان ساٿ ڏيندي ۽ نباهيندي رهي آهي۔ الله پاڪ کان بعد عورت ئي حقيقي تخليقڪار آهي۔ اگر عورت جو وجود نہ هجي ها تہ هيءَ ساري ڪائنات رهڻ جي قابل ئي نہ هجي ها، بي رنگ رونق، ڇسي ۽ ٻسي لڳي ها۔ انهيء سبب زندگي پنهنجي مٿي تي کنيل بار وانگر تڪليف ڏيندڙ محسوس ٿئي ها ۽ بسر ڪرڻ ڏاڍي مشڪل ٿي پوي ها۔ دنيا جهان ۾ جيڪي خوشگوار رنگينيون رونقون ۽ دلڪشيون موجود آهن، انهن سڀني جو ڪارڻ عورت ئي آهي۔

مرد لاءِ عورت کان سواءِ جيون قيد ڪٽڻ جي برابر هجي ها۔ ان کانسواءِ بس ڄمي ها ۽ مري وڃي ها۔ پويان ڪو بہ والي وارث يا پيڙهي پٽڻ وارو نہ هجيس ها ۽ نہ ئي ايتري محنت مشقت جستجو يا جاکوڙ يا جيئڻ لاءِ جتن ڪري ها۔ سندس جيئڻ مرڻ بي مقصد ۽ بي معنيٰ گذري ها۔

عورت هر روپ ۾ هڪ عظيم ۽ بهترين رشتو آهي۔ عورت ئي مرد جي ڏک سک جي ساٿياڻي آهي۔ عورت مرد جي لاءِ عزت غيرت ۽ قوت هجي ٿي۔ دؤر جديد ۾ حقيقت جي نگاھ سان ڏٺو وڃي تہ عورتن جو تعداد مردن کان وڌيڪ آهي۔ تنهن ڪري ساري دنيا تي حڪومت عورتن جي هجڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ تہ عددي تعداد ۾ عورتون مردن کان وڌيڪ آهي۔ پر نازڪ صنف هجڻ سبب عورت کي حقيقي يا گهربل حق نہ ملي سگهيا آهن۔ عورت اڪثر ڪري مظلوميت جو شڪار رهي آهي۔ اها بہ ڪڙي حقيقت آهي تہ عورت ئي عورت جي دشمن رهي آهي، جنهن ڪري عورت هن وقت تائين صحيح معنيٰ ۾ حڪمراني ڪري نہ سگهي آهي۔ عورت فطرتن رحم دل ۽ محبت جي ديوي هجي ٿي۔ عورت جو مان ۽ مرتبو مرد کان ٽي دفعا وڌيڪ آهي۔ ٻيو وڏو خاص سبب جيڪو عورت جي حڪمرانيءَ جي راھ جي رڪاوٽ آهي اهو آهي عورت جو صنف نازڪ هجڻ، انکانسواءِ عورت جڏهن حاملا ٿئي ٿي تہ هوءَ دنياداري يا دنياوي عمل ۽ فعل بجاءِ آڻي نٿي سگهي يا اها حالت سندس فرضن جي راھ ۾ رڪاوٽ ثابت ٿئي ٿي۔ جڏهن تہ مرد سدائين اهڙن خفن ۽ ڏچن کان آزاد رهي ٿو ۽ ٻارنهن ئي مهينا دنياداري ڪري سگهي ٿو، دنياوي ۽ منصبي فرض پورا ڪرڻ جي قابل رهي ٿو۔

چوڻي آهي تہ هر ڪامياب مرد جي پويان هڪ عورت جو هٿ هوندو آهي۔

عورت هن ڪائنات جي حسين ترين مخلوق آهي۔ عورت لفظ جو اگر مخفف ڪجي تہ منهنجي سوچ مطابق ڪجھ هن ريت ٿئي ٿو۔

ع سان عجيب حسناڪ مخلوق۔

و سان وڻندڙ شخصيت جنهن جو قرب مرد کي سدائين مطلوب هجي۔

ر سان رازدان مرد جي رازداري رکڻ واري۔

ت سان ترقي ۽ ترويج گهر جي اولاد جي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ۔

مرد جي صحبت مرد کي بيزار ڪري سگهي ٿي پر عورت جي صحبت مان مرد ڪڏهن بہ نٿو ڍاپي سگهي۔ يعني عورت جي صحبت سدائين دلڪش ۽ وڻندڙ هجي ٿي۔ ماءُ جي صورت ۾ سندس قدمن هيٺان جنت هجي ٿي ايترو رتبو ۽ مرتبو مرد کي حاصل ناهي۔ عورت حمل هجڻ جي حالت ۾ يا ٻار کي جنم ڏيڻ وقت جيتري تڪليف ۽ اذيت سهي ٿي يا ٻار جي پالنا جي وقت اوجاڳا ڪري ٿي ۽ تڪليفون برداشت ڪري ٿي، انهيءَ ڪري ئي الله پاڪ وٽ سندس دعا قبوليت جو درجو رکي ٿي تڏهن ئي چوندا آهن تہ ماءُ جي دعا، جنت جي هوا۔ جنهن بہ ماءُ پيءُ کي، خاص ڪري ماءُ کي تڪليفون يا اذيتون ڏنيون ان لاءِ جنت حرام ٿي وڃي ٿي وڃي ٿي۔

منهنجي خيال ۽ سوچ مطابق ساري سنسار ۾ عورت کان وڌيڪ خوبصورت مخلوق ٻي ڪا بہ نہ آهي۔ هن سنسار کي وڌائڻ ۽ خوبصورتي بخشڻ ۾ عورت جو تمام وڏو رول آهي۔ عورت جي عزت ڪرڻ هر انسان لاءِ بيحد ضروري آهي۔ عورت تي هٿ کڻڻ وارو شخص نامرد آهي۔ غيرت جي نالي تي عورت کي مارڻ جاهلاڻي دؤر جي جاهلاڻي حرڪت ۽ دراصل بي غيرتيءَ ۾ شامل آهي۔ قتل جو گناھ رب پاڪ ڪڏهن بہ معاف نٿو ڪري۔ هڪ قتل دراصل ساري انسانيت جو قتل آهي تنهن ڪري اهڙي ڪڌي ڪم ۽ ڪاروبار کان باز رهڻ گهرجي۔

عورت  ممتا  جي، مورت  آهي،

عورت انتهائي خوبصورت آهي۔

عورت ڇاهي، ممتا ڇاهي،

عورت جي آرزو تمنا ڇاهي۔

عورت جي آخر گهرج ئي ڇاهي،

عزت آبرو، سٺو ورتاءُ ٿي عورت چاهي۔ عورت  آخر، ڇاٿي چاهي، عورت دل ۾ جاءِ ٿي چاهي۔ عورت حسناڪ سونهن سراپا آهي۔ جنت جو ٿي، سير ڪرائي۔ عورت اونهون اسرار آهي۔ ڪائنات ۾ جي رنگ ڏسو ٿا، سي سڀ عورت جي دم سان آهن، روشن رنگين دلنشين سنسار جي خدا کان پوءِ عظيم تخليقار آهي۔ قومن جي معمار آهي۔ عزت احترام جي حقدار آهي۔ رحم دل نازڪ مزاج، نفيس همدرد ۽ گهر جي نگهبان آهي۔ عورت هر روپ رشتي ۾ عظيم آهي۔ ماءُ جي رشتي ۾ دل جي مڪين آهي۔

ماءُ جي دعا ۽ بد دعا رد ناهي ٿيندي تنهن ڪري باادب با مراد ٿي رهڻ گهرجي۔ حد کان وڌيڪ احتياط ۽ احترام ڪرڻ بيحد ضروري ۽ لازم آهي۔

Previous Post Next Post