روپلي ڪولهي جي وارث، سنڌ جي نياڻي، سوڍي ڪولهي ـ ارشاد علي پنھور

مون ڏات انوکي آنڌي آ,

ٿي تند وڙهي تلوارن سان,

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن,

تون هيڻون آ هٿيارن سان.

سنڌ جي ڌرتي,صوفين ۽ درويشن جي سرزمين ھئڻ سان گڏ، اھڙي پاڪ مٽي آهي جنهن جي هنج ۾ ڪيترائي ڪنڌ ڪپائيندڙ سورما پيدا ٿيا آهن. جن ظلم ۽ جبر آڏو پاڻ مھاڏو اٽڪائيندي، پنهنجا ڪنڌ ته ڪپائي ڇڏيا، پر ڪڏهن ڪنهن اڳيان جهڪيا ڪونه، جڏهن اسان سنڌ جي جدوجهد سان ڀرپور تاريخ جا ورق ورجائينداسين، ته اسانکي روپلي ڪولهي جهڙن بهادرن جو نالو سڀ کان اڳڀرو ۽ چمڪندي نظر اچي ٿو. جنهن پڻ انگريزن جي آڏو پنهنجو سر نمائڻ نه ڏنو. اڄ جڏهن اسين، سندس ئي وارث، سنڌ جي نياڻيءَ کي هن روپ ۾ ڏسون ٿا. سندس تصوير سامھون اچي وڃي ٿي. جيڪا سندس خاندان جي، بهادريءَ جو تسلسل پڻ ظاهر ڪري ٿي.

سندس هٿن منجھ پاتل اڇڙين چوڙين ۽ چهري تي موجود مرڪ اسانکي ٿر جي ان تاريخي بهادريءَ جي ياد ڏياري ٿي. سوڍي ڪولهي، روپلي ڪولهي جي بهادريءَ جو ئي جيئرو تسلسل آهي. جيڪو اسانکي ياد ڏياري ٿو ته سنڌ جي ھي نياڻي ان نسل مان آهي جنهن ڪڏهن به غلامي قبول نه ڪئي. پوءِ ڳالھ چاهي علم جي ميدان جي هجي، لاچار ماڻهن جي حقن جي جنگ يا پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت جي سنڌ جي ھي عورت هميشه ئي اڳڀري رهي آهي. جنهن جي رڳن ۾ روپلي ڪولهي جهڙن شهيدن جو رت ڊوڙي رهيو آهي. ھڪ عورت ھوندي اسانجي اڄوڪي بي حس سماج ۾ سندس جي جدوجهد اھو ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جي نياڻي تعليم حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ سان گڏ سياست جي ميدان سميت مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃائڻ کانسواءِ پنهنجي قديم روايتن ۽ ماروئڙن جي مان کي برقرار رکڻ ۾ به خوب نڀايو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ جتي به اھڙين بهادر نياڻين جو ذڪر ايندو_اتي سوڍي ڪولهي جو نالو هڪ اهڙي اٽل ڪردار طور اڀرندو، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي ۽ قوم جي وقار لاءِ قربانيءَ جو هڪ نئون معيار قائم ڪيو. جنهن جي جدوجهد رڳو هڪ فرد جي جنگ نه، پر پنهنجي نسل، ڌرتي ۽ ڌرتي جي وسيلن تي حق مڃائڻ جي لاءِ پڻ هڪ عظيم جدوجهد آهي. سنڌ جي ھن نياڻي، جي جدوجهد سان ڀرپور زندگي اسان کي سبق سيکاري ٿي ته جڏهن قومون پنهنجي وجود جي جنگ وڙهنديون آهن. تڏهن کين پنهنجي جان جي پرواه ناهي ڪرڻي ھوندي. هن بھادر نياڻي پڻ سخت حالتن ۾ به پنهنجي لوڙهن ۽ لڏن جي حفاظت ڪئي ۽ ڪڏهن به دشمن آڏو سر ناھي نمايو. اڄ به هن نياڻي هميشه جيان پنهنجي مقامي ماڻهن جي حقن جي ڳالھ ڪئي آهي. جنهن سان گڏوگڏ يڪجهتي جو بھترين مثال قائم ڪندي، هن پنهنجي قبيلي کي گڏ ڪري هڪ مضبوط ديوار وانگر ظالم جي اڳيان بيهاريو آهي. اڄ جي دور ۾ به ظالم خلاف سندس ائين بيھڻ، اھو ٻڌائي ٿو ته اسان وٽ اڃان به ڪا باقي قومي سڄاڳي زنده آهي. اسانجي ثقافت زنده آهي ۽ اسانجي جدوجهد اڃان به جاري آهي. سنڌ جي نياڻي سدائين سنڌ جو فخر رھي آهي. سندس غيرت ۽ بھادري جي ھڪ شاندار تاريخ رھي آهي. اسان کي پڻ گهرجي ته سنڌ جي هن نياڻيءَ سان گڏ بيھون. سندس بهادريءَ ۽ صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪريون. سندس ساٿ ڏئي کيس مسڪينن جي تقدير بدلائڻ جي سگھ وارو بڻايون.


Previous Post Next Post