شاھ لطيف جي مارئي ۽ اڄ جو سماج ـ امجد سيد

ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَھي، جنھن ۾ اَڇِي اُنَ،

تَہ پُڻِ ويٺِي وِنڌِيان، توڙي پُونِس تُنّ،

غافِلِ رَکُ غَرِيبَ کي، عُمَرَ! مَنجهِہ اَمُنَ،

سَرَتِيَنِ ساڻِ سَمُن، آھِمِ اُٺي مِينھَڙي.

شاه لطيف جي ”ڀاروڙي ونڌڻ“ واري جماليات ۽ اڄوڪي دور ۾ BISP (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) جي قطارن ۾ بيٺل عورت جي حالت ۾ هڪ وڏو فڪري ۽ اخلاقي تضاد آهي.

اچو تہ هن کي لطيف جي فڪر ۽ موجودہ صورتحال جي تناظر ۾ پرکيون:

پورهئي جي عظمت بمقابلہ محتاجي:

شاه صاحب جي مارئي ”ونڌڻ“ ۽ ”تنڻ“ ذريعي پنهنجي خودمختاري ۽ وقار جو اعلان ڪري ٿي. هوءَ پنهنجي هٿ جي پورهئي سان پراڻي لوئيءَ کي ڳنڍي (ونڌي) هڪ اهڙو سماج اڏڻ چاهي ٿي، جتي ڪير بہ ڪنهن جو محتاج نہ هجي. اهو ”پورهئي جو حسن“ آهي.

موجودہ صورتحال روڊن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اُس ۾ بيهي خيراتي رقم جو انتظار ڪرڻ پورهيو ناهي، پر بيوسي آهي. هتي ”ونڌڻ“ (تخليق) جي جاءِ تي ”هٿ ڦهلائڻ“ (محتاجي) اچي وئي آهي، جيڪا لطيف جي غيرتمند سماج جي بلڪل ابتڙ آهي.

 ”ڀرم“ جو تصور ۽ عورت جي تذليل:

سائين لطيف چوي ٿو ”ڀرم ڀاروڙيءَ رهي“. يعني غربت ۾ بہ عورت جو پردو، عزت ۽ وقار محفوظ هجڻ گهرجي. ڀاروڙي غربت جي باوجود ”ڀرم“ جو نشان هئي.

موجودہ صورتحال BISP جي پيسن لاءِ عورتن جو سڄو ڏينهن روڊن تي ذليل ٿيڻ، مردن جي  "dominated" معاشري ۾ رهڻ ۽ انتظاميا جي بدسلوڪي برداشت ڪرڻ، ان ”ڀرم“ کي لتاڙڻ برابر آهي. جڏهن رياست عورت کي پورهئي جي وسيلن بدران خيرات جي قطار ۾ بيهاري ٿي، تہ اها جماليات مري وڃي ٿي.

لطيف جو آئيڊيل مارئيءَ جي اها دعا تہ غافل رک غريب کي مطلب تہ کيس دنياوي حرص کان غافل رکيو وڃي، اصل ۾ هڪ روحاني آزادي جي تمنا هئي.

اڄوڪي دور ۾ غريب عورت کي ”غافل“ ناهي رکيو ويو، پر کيس پيسن جو محتاج بڻائي سندس ووٽ ۽ شعور کي يرغمال بڻايو ويو آهي. اها ”غفلت“ ناهي، پر هڪ شعوري معاشي قيد آهي. اجتماعي حسن جو ڪمال ۽ مارئيءَ جي جماليات ”سرتين سان سمن“ (گڏجي ويهڻ) هئي، اڳ اسان وٽ هر گهر جون عورتون پنهنجي گهر جي ڪمن مان فارغ ٿي پنهنجي ئي گهر ۾ ڪنهن وڻ جي ڇانو يا ڀت جي پاڇي ۾ گڏ ويهي رلي يا ڀرت جو ڪم ڪنديون ڳيچ جهونگارينديون هيون. جيڪا سماجي برابري ۽ گڏيل خوشيءَ جو نالو هئي.

اڄوڪي سماج ۾ عورتون ”سرتين“ سان گڏ ملير جي برسات پسڻ لاءِ نہ، پر پنهنجي سماج جي عمر سومري واري آڇيل پٽ پٽولن وارو اسٽيٽس حاصل ڪرڻ واري جنگ وڙهڻ لاءِ تپندڙ اس ۾ گڏ ٿين ٿيون. هي گڏ ٿيڻ ڪنهن ثقافتي ميلي يا روحاني مجلس جو حصو ناهي، پر معاشي برتري جو هڪ ڪوجھو منظر آهي.

شاه سائينءَ جو آئيڊيل اهو سماج آهي جتي ڀاروڙي (ليڙون ٿيل لوئي) هجي پر ڀرم (عزت) نہ وڃي. جتي عورت پنهنجي پورهئي سان پنهنجي لوئي تن تني يا ڳنڍي پر ڪنهن عمر (طاقتور) جي آڏو پنهنجي انا جو سودو نہ ڪري.

اڄوڪي سماج جي اها ”جماليات“ جنهن ۾ عورت BISP جي پيسن لاءِ ڌڪا کائي ٿي، اها لطيف جي آئيڊيل سماج جي شڪست آهي. اها تصوير اسان کي ٻڌائي ٿي تہ اسان پنهنجي عورت کي تخليقي پورهيت (پنهنجو لباس ونڌيندڙ) بڻائڻ بدران کيس لاچار سوالي بڻائي ڇڏيو آهي.


Previous Post Next Post