اسان جي سماج ۾ چوري هڪ وڏو ڏوه سمجهيو ويندو آهي. چور اُهو شخص هوندو آهي جيڪو ٻين جي محنت سان ڪمائي ويل مال کي لڪ چوري سان کڻي وڃي ٿو. ”اگھاڙا چور“ مان مراد اهڙا چور آهن، جيڪي بي شرم ۽ بي خوف ٿي ڪري کليل نموني ڏوه ڪن ٿا يا پوءِ پنهنجي خراب عملن کي لڪائڻ جي بہ ڪوشش نٿا ڪن.
اگھاڙا چور
نہ رڳو ماڻهن جي ملڪيت چورائين ٿا، پر سماج
جي امن ۽ سڪون کي بہ تباه ڪن ٿا.
جڏهن ماڻهو پنهنجي گهر، دڪان يا زمين بابت غير محفوظ محسوس ڪن ٿا تہ سندن دلين ۾ ڊپ ۽ بيچيني پيدا ٿئي ٿي. اهڙي
حالت ۾ سماج جي ترقي بہ متاثر ٿئي ٿي،
ڇو تہ ماڻهو محنت ڪرڻ کان گهٻرائڻ لڳن ٿا.
ڪرپشن ھڪ قسم
جي چوري آهي. جنھن کي حڪمران
طبقو پنھنجي ذاتي مفادن خاطر استعمال ڪري ٿو. دنيا
جا اھم اڳواڻ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آھن.
پناما ليڪس
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي حڪمرانن ۽ ڪاروباري شخصيتن جا آف شور اثاثا ظاهر ڪيا، جيڪي
اصل ۾ پاناما جي قانوني فرم Mossack Fonseca مان ليڪ ٿيا هئا. پاناما
پيپرز آف شور ڪمپني آهي، جيڪا دنيا جي
صدر، وزيراعظم ۽ ڪاروبار شخصيتن جي ڪاري ناڻي ۽ اثاثن کي بينقاب ڪرڻ لاءِ ٺاھي وئي
آھي.
يورپ ۾ آئيس
لينڊ اندر وزيراعظم سگمندر ڊيوڊ گنلاگسن
Sigmundur David Gunnlaugsson (آئس لينڊ) پنھنجا اثاثا لڪايا، جتان جو عوام
ھزارن جي تعداد ۾ روڊن تي نڪري آيا، وزيراعظم عوام
جي آڏو جوابدہ ھوندو آهي. جنھن جي نتيجي ۾ عوام آڏو گوڏا کوڙيندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ڏکڻ ڪوريا جي صدر پارڪ گيون Park Geun-hye پارليامينٽ سامھون عوامي
سمنڊ کي ڏسي وائڙي ٿي وئي. ڏکڻ ڪوريا جي عدالت کيس نااهل ڪري اقتدار جي ايوانن مان
اُتاري ڇڏيو.
پاڪستان
2017ع ۾ پاناما ليڪس جو اثر ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ وزيراعظم نواز شريف
Nawaz Sharif کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران نااهل ڪري گهر ڀيڙو
ڪري ڇڏيو.
ڪرپشن ادارن
کي ڪمزور ڪري ٿي، عوام جو اعتماد ٽوڙي ٿي ۽ معاشي ترقي کي روڪي ٿي. جڏهن حڪمران اقتدار
کي خدمت بدران ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪن ٿا تہ
عوام
جو ردعمل فطري هوندو آهي.
سچ پچ تہ اڳواڻ جيڪڏهن امانتدار نہ هجن تہ
قومن
جو مستقبل خطري ۾ پئجي وڃي ٿو. ڪرپشن ڪينسر وانگر سموري سماج کي ڳڙڪائي رھيو آھي. چوري جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جهڙوڪ
غربت، بيروزگاري، خراب صحبت يا تعليم جي کوٽ،
پر
اهي سبب ڪنهن بہ صورت ۾ چوري
کي جائز نٿا بڻائين. هر انسان کي گهرجي تہ
هو
ايمانداري، محنت ۽ سچائي جو رستو اختيار ڪري. ايماندار ماڻهو کي هميشہ عزت ملي ٿي، جڏهن تہ چور کي ذلت ۽ سزا نصيب ٿئي ٿي.
ديس جون چتيون
اڊيڙي ويا کڻي!
ڄڻ اگھاڙا چور
ھا، رھبر نہ ھا! (احمد
سولنگي)
سموري دنيا ۽ پاڪستان اندر انھن رھبرن
لاءِ اھي سٽون انھيءَ ڳالھ جي عڪاسي ڪن ٿيو تہ جيڪي آڳواڻ پنهنجي ڌرتي تي جنم وٺي انھيءَ
کي اندر کان کوکلو ٿا ڪن، اقتدار ۾ اچڻ
کان پوءِ واعدا سب وساري پنهنجي ملڪ کي گروي رکي ادارن کي ناڪارا بڻائي عالمي قوتن
کان قرض وٺي، يورپ، آمريڪا ۽ برطانيہ
۾ پنھنجا ذاتي اثاثا ٺاهي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي پنهنجي خطي اندر ڪوڙا منصوبا منظور
ڪرائي عوام سان ٺڳي ڪندا رھن ٿا.
اھي رھبر نہ پر اگھاڙا چور آهن!

