مون اڳ بہ ڪافي ڀيرا لکيو ۽ ڳالهايو آهي تہ اسين هڪ نئين دور ۾ داخل ئي چڪا آهيون، جيڪو ڪيترين ئي معنائن ۾ نئون آهي. آمريڪي
سماج ۾ جمود ٽٽي رهيو آهي. ڪا وڏي اٿل
پٿل ناهي پر ان طرف پيش قدمي ضرور آهي.
هي
ڪا معمول موجب ڳالهہ بہ نہ آهي.
آمريڪي
جمهوريت خطري ۾ اچي چڪي آهي. ان جو اظهار
19 هين آڪٽوبر 2025ع تي ٿيل زبردست مظاهرا
هئا.
جديد آمريڪي
تاريخ، آچر واري ڏينھن اھڙا لقاءَ پسيا جيڪي اڳ آمريڪن ڪڏھن بہ نہ
ڏٺا
ھئا، آمريڪا جي پنجاھ رياستن ۾ ٽرمپ جي طرز حڪمراني ۽ آمريتي رويئي خلاف 2600 سئو احتجاجي
جلوس نڪتا، انھن ۾ 70 لک آمريڪن شرڪت ڪئي، آمريڪي شھري ”بادشاھت نامنظور (No King) “ جا احتجاجي
ڪتبا کنيل ھئا، نيويارڪ جي ٽائيم اسڪوائر تي ھڪ لک شھرين جو احتجاج ھو، لاس اينجلس
۾تقريبن ھڪ درجن احتجاجي مارچ ٿيا، سيئٽل ۾ ھڪ ڪلوميٽر ڊگھو احتجاجي جلوس نڪتو، سان
ڊيئاگو ۾ 25000 شھرين پرامن احتجاج ڪيو، واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي گادي ڏانھن سياسي احتجاجي
مارچ ھو، ھوسٽن ۾ 5000 شھرين ۽ شڪاگو ۾ ھزارين شھرين احتجاجي مارچ ڪيا، مطلب تہ آمريڪا جي ڊيگھ ۽ ويڪر ۾ اھڙي ڪا رياست نہ ھئي جتي آمريڪن پنھنجو احتجاج رڪارڊ نہ ڪرايو ھجي. ھي سڄو تاريخي احتجاج آمريڪي
صدر جي ڪرپشن ۽ بادشاھتي رويئي خلاف ھو، احتجاج ڪندڙ جمھوريت ۽ امن جي گھر پئي ڪئي،
ٻيو سبب آمريڪي ڪانگريس طرفان منظور ڪيل فنڊن تي ٽرمپ طرفان پابندي ھڻڻ ۽ ٽيون ٽرمپ
ٽيئرف جو نفاذ ۽ چوٿون اعتراض شھرن ۾ نيشنل گارڊ جي مقرري ھئي. ھن احتجاج جو سڏ ”انڊوائيز ايبل“
جيڪا
ترقي پسند سوچ رکندڙ آمريڪن تنظيم آھي،
جنھن
جي سڄي آمريڪا ۾ ھيٺين سطح تائين تنظيم ڪاري ٿيل آھي، ان سان گڏ آمريڪن سول ليبرٽيز
يونين (ACLU) آمريڪن فيڊريشن آف ٽيچرس، ڪامن ڊفينس50501، انساني
حقن جي حفاظتي تنظيم ھيومن رائٽس ڪيمپئن، ليگ آف ڪنزويشن ووٽرس، موءُ آن، نيشنل نرس
يونائيٽيڊ، پبلڪ سيٽيزنس، سروس ايمپلائيز
انٽرنيشنل يونين (SEIU) جنھن جا 20 لک ورڪز آھن، يونائيٽيڊ وي ڊريم، ھنن
سڀني تنظيمن کي ٽرمپ جي بادشاھي طرز حڪمراني ۽ مالياتي خرد برد تي انتھائي اعتراض
ھو، ھن تاريخي احتجاج کي تنظيمي شڪل ڏيندڙ اھي تنظيمون آھن جيڪي آمريڪي شھرين جو آواز
آھن، جنھن ۾ سوشل ورڪرز، ترقي پسند سوچ رکندڙ رضاڪار، استادن ۽ سرڪاري ملازمن جي فلاح
بھبود جون تنظيمون، نرسز جون تنظيمون، مزدور يونين،
انساني حقن جون تنظيمون، شھرين جي ووٽ جي حق حفاظت جي تنظيم، نوڪري ڪندڙ شھرين جي زبردست
تنظيم ايس اي آءِ يو، عام شھري تنظيمون شامل ھيون ۽ انھن جي اجتماعي سڏ تي سڄي آمريڪا
۾ستر لک انسانن پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. انھيءَ موقعي تي ڊيموڪريٽڪ سينٽرز ھن عوامي
ريلي کي خطاب ڪندي چيو تہ اسان آمريڪا
۾ 1783ع جي عوامي انقلاب کان پوءِ بادشاھت کان آزادي حاصل ڪري چڪا آھيون، ھاڻ اسان
ڪنھن کي بہ اھا اجازت نہ ڏينداسون تہ ھو اسان مٿان بادشاھت مڙھي، آمريڪا جو مالڪ
آمريڪي عوام آھي، اسان کي آمريڪا جو جمھوري نظام عزيز آھي، اسان کي ھي آمريتي حاڪميت
نہ ٿي گھرجي، اسان پنھنجي ملڪ جي صدر کي ھاڻ
اجازت نہ ڏينداسون تہ ھو پنھنجي ھٻچ ۽ لالچ لاءِ مالياتي خرد برد
ڪري، ھن آمريڪي ارب پتين ايلان مسڪ، جيف بيزوس، مارڪ زوڪر برگ ۽ ٻين ارب پتين کي مخاطب
ٿيندي چيو تہ توھان جي اليڪشن
۾ مدد سبب ئي ھاڻ ٽرمپ انھيءَ پوزيشن ۾ اچي ويو آھي جو ھو ڪرپشن پيو ڪري اھو سڀ ڪجھ
اوھان جي مدد سبب ممڪن ٿي سگھيو آھي. ھنن احتجاجن ۾ پراڻا فوجي سربراھ ۽ ميرين فوج
جا ناميارا آفيسر ۽ خود ريپلڪن پارٽي جا ميمبر بہ
شامل
ھئا، جن ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو تہ ھاڻ ڪير ھوندو
جيڪو ھن حڪمران جي چوڻ تي عراق، شام ۽ افغانستان ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو، ٽرمپ
پنھنجو حق حڪمراني جو اخلاقي جواز وڃائي چڪو آھي. انھيءَ موقعي تي آمريڪي يونيورسٽي
جي پروفيسر ڊائنا فشر جيڪا سياسي ۽ عوامي تحريڪن تي ڪيئي ڪتابن جي مصنفہ آھي، جنھن چيو تہ ھي آمريڪي تاريخ جو نئون لقاءَ آھي، آمريڪن ڪڏھن
بہ پنھنجي صدر کان ايڏي وڏي اڪثريت ۾بيزاري
جو اظھار نہ ڪيو آھي.
2024ع جي اليڪشن
کان پوءِ 20 جنوري 2025ع تي ٽرمپ پنھنجي ٻئي ٽينوئر جو آغاز ڪيو ھو، جنھن کي ڏھ مھينا
بہ مس ٿيا آھن، ٽرمپ جھڙي طرح پنھنجي ملڪ ۾
۽ سڄي دنيا ۾ آمريتي طرز حڪمراني ذريعي ڪاروھنوار ھلايو آھي، تنھن جو نتيجو سڄي دنيا ڏٺو، عالمي طور تي
ھن جو اسرائيل فلسطيني تنازي ۾مڪمل طور تي اسرائيل سان گڏ بيھڻ سبب ھي سڄي دنيا ۾ اڪيلائي
جو شڪار ٿيو، سڄي دنيا اسرائيل خلاف احتجاج ڪيو، جنھن ڪري ئي شرم الشيخ جو امن معاھدو
ممڪن ٿي سگھيو، ھاڻ اندروني طور تي ھن خلاف ھي عوامي احتجاج ٽرمپ کي پنھنجي بادشاھتي
حڪمراني جي رويئي ۾ ضرور تبديلي ڪرڻ تي مجبور ڪندو ڇو تہ دنيا ھاڻ غلامي واري دور ۾نہ پر جمھوري دور ۾جيئي پئي، بھرحال اھا بہ آمريڪي جمھوريت جي مضبوطي ۽ جمھوري حسن آھي
جو اھڙي ناٿ خلاف ستر لک عوام نڪري احتجاج ڪيو، پر پوءِ بہ نہ
ڪو
زخمي ٿيو نہ ڪو شيشو ڀڳو
۽ نہ وري ڪنھن فرد جي گرفتاري ٿي، پر جي اسان
جي ملڪ ۾ اھو احتجاج ٿئي ھا تہ ڪيئي ماڻھو
مارجي وڃن ھا ۽ ھزارين گرفتاريون ٿي وڃن ۽
سرڪاري پوليس سڄي ملڪ ۾ آپريشن ۽ مشغول ٿي وڃي ھا. جنھن
جو مثال اسان وٽ تازو تحريڪ انصاف جو اسلام آباد ۾ احتجاج ھو، ڇا تہ حشر ٿيو جنھن جي خبر سڄي ملڪ کي آھي. اسان
چونداسون تہ ٽرمپ تہ پنھنجي طرز حڪمراني کي تبديل ڪري وٺندو پر
ڇا پاڪستاني حڪمران بہ پنھنجي آمريتي
طرز حڪمراني کي تبديل ڪندا. جيڪڏهن هنن پنهنجي ڪردار کي تبديل نہ ڪيو تہ
هاڻ
وڌيڪ انقلابي ريڊيڪل خيال تيار ٿيندا جيڪي سامراجيت دشمني طرف ويندا دنيا جي جديد جمهوري
تحريڪ کي وڌيڪ سگهہ ملندي.
آمريڪي مظاهرا
سموري دنيا جي عوام لاءِ وڏو سبق آهن
تہ هاڻ خاموشي کي ختم ڪري نڪرو اڳتي
اچو ھاڻ اھو بہ ثابت ٿي رهيو
آهي تہ نام نهاد سامراجي نظام ان جي نام نهاد جمھوريت
آمريت کان سواءِ ڪجهہ ناهي هتي سوشلسٽ عوام دوست قوتن جي پير ڄمائڻ
لاءِ بہ
ماحول
تيار ٿي سگهي ٿو، هن وقت بہ اهو ثابت ٿي رهيو آهي تہ حڪمران طبقن جا روايتي ادارا پارليامينٽ
وغيرہ ڪافي ناهن عوام روڊن رستن تي نڪري پنهنجي
مسئلن جي حل لاءِ نڪري ٿو هي
رڳو هاڻ آمريڪا تائين محدود نہ رهندا احتجاج
پر اهي نئين دور جي شروعات پڻ آهي.

