ٺيڪ آهي، اچو
تہ هاڻي ”مريخ“
کي
ڏسون ڳاڙهو گرھ ڏاڍو اميد ڏياريندڙ لڳي ٿو، پر سوال اهو آهي تہ شمسي نظام ۾ ٻيو ڪهڙو
هنڌ آهي جتي توهان انسانن لاءِ حفاظتي گھر اڏڻ چاهيندؤ؟ بيهو ٿورو، ايتري جلدي بہ ناهي،
مريخ سج جي ويجهو رهڻ واري علائقي کان ٿورو ٻاهر آهي، اتي پاڻي بہ گهٽ آهي ۽ نہ ئي
ڪو مقناطيسي ميدان آهي، ان جو فضائي ماحول گهڻو سنهڙو پڻ آهي اتي آرام سان رهڻ ممڪن
ناهي
ڇا مطلب؟ مريخ
تہ سٺو آهي.
ها پر، مريخ
سٺو آهي، پر خالي تڏهن تائين جيستائين توهان اتي ساهہ کڻڻ جي ڪوشش نہ ڪريو، مريخ تي
هوا گهڻو ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مان ٺهيل آهي، توهان کي هر وقت پنهنجي اسپيس سوٽ
۾ رهڻو پوندو، ڇو تہ جيڪڏهن توهان اهو لاهيندؤ تہ توهان مري ويندؤ انهيءَ وقت، انکي
اسان هڪ تصوراتي خيال سان ڏسون ٿا سڀ کان پهريان اسپيس سوٽ بريچ
ڊيٽڪٽ ٿيل يعني سوٽ ۾ ليڪ اچي وئي آهي ۽ ايترو ئي ڪافي آهي مريخ کي توهان کي مارڻ لاءِ،
مريخ جي هوا ۾ ساهہ کڻڻ جا پهريان ڪجھ سيڪنڊ حيران ڪندڙ محسوس ٿيندا اوهانکي
ڇا؟ ڇا حيران
ڪندڙ؟ تہ مان مري رهيو آهيان، توهان آڪسيجن لاءِ تڙپندا، تيزي سان ساهہ کڻڻ شروع ڪندا، توهان جو سوٽ ڊيڪمپريس ٿيڻ لڳندو، ۽ اها حالت گهڻي
خوفناڪ هوندي، مريخ تي فضا جو دٻاءُ ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ رڳو 0.6 سيڪڙو آهي، جيئن ئي سوٽ
جي اندر وارو دٻاءُ ختم ٿيندو، توهان کي زندھ رکندڙ اهو دٻاءُ گم ٿي ويندو.
خبردار اِبلزم
جو خطرو!
اِبلزم يعني
جڏهن جسم ۾ رت ۽ ٻيا مائع گهٽ دٻاءَ واري ماحول ۾ اچي اُڀرڻ کائڻ لڳن، مريخ تي اهڙو
ئي ٿيندو آهي
توهان جي چمڙي
ڦوڪجي ويندي، جسم سوڄي ويندو تقريبن ست منٽن اندر توهان مري ويندؤ، مريخ توهان کي اميد
ڏيندو، پر پوءِ پهرين موقعي تي ئي خوفناڪ طريقي سان اوهان کي ختم ڪري ڇڏيندو ائين اوهانکي
ڏسندڙ ڪو ماڻهو سنجيدگي سان هتي اچڻ تي ٻيهر سوچيندس
ڇو تہ جيتوڻيڪ
توهان پنهنجي سوٽ کي مڪمل طور محفوظ بڻايو، پوءِ بہ مريخ وٽ توهان کي ختم ڪرڻ جو ٻيو
طريقو موجود آهي مٽيءَ جا طوفان، مريخ تي مٽيءَ جا طوفان ڏاڍا اوکا هوندا آهن، اهي
سڄي گرهہ کي ڍڪي ڇڏيندا آهن ۽ هفتن کان مهينن تائين جاري رهندا آهن. اهي طوفان طاقتور
نہ هوندا آهن، پر انهن جا ذرڙا ايترا سنهڙا هوندا آهن جو سولائي سان توهان جي سوٽ
۾ گهڙي ويندا ۽ اندر کان ان کي چيري ڇڏيندا، اهي سنهڙا ذرڙا توهان جا ايئر فلٽر بند
ڪري ڇڏيندا ۽ اوزارن کي نقصان پهچائيندا زندگي بچائيندڙ نظام کان وٺي حرارت ڪنٽرول
تائين سڀ ڪجھ برباد ٿي سگهي ٿو، بلڪل ائين ئي آهي اهو مريخ سيارو اسان لاءِ انهن سڀني
شين کي ماهر ڏسي رهيا آهن، تہ جيئن انسان جو اتي رهڻ ممڪن ڪري سگھن مستقبل ۾ انسانن
کي حفاظتي انتظامن هيٺ رهڻو پوندو.

