ڏياري ڇو ٿي ملهائي وڃي ۽ ان جي اهميت ـ حڪيم پريم چاندواڻي۔

ڏياري جنهن کي روشنيءَ جو تهوار يا ڏڻ چيو وڃي ٿو، اهو نہ رڳو هندو مت جو پر سموري انسانيت جو جشن آهي، جنهن ۾ روشنيءَ جي فتح اونداهيءَ تي، سچائيءَ جي ڪاميابي ڪوڙ تي، ۽ اميد جي تجلي مايوسيءَ تي ظاهر ٿئي ٿي۔ ڏياري اصل ۾ انسان جي اندروني روشنيءَ جو اظهار آهي، جيڪا تڏهن ئي روشن ٿئي ٿي، جڏهن دلين مان نفرت، حسد ۽ اونداهي ختم ٿي وڃي۔

ڏياريءَ جو پسمنظر:

قديم دور ۾ ڏياريءَ جي شروعات لڪشمي ديويءَ جي پوڄا ڪرڻ، راوڻ سان رامچندر جي يڌ يا لڙائيءَ ۾ فتح ٿيڻ کان پوءِ رامچندر جي ايوڌيا واپسيءَ تي ڏيئا ٻاري آجيان ڪرڻ ۽ نئين سال جي آمد سان جوڙي وڃي ٿي۔ هندستاني تهذيب ۾ اهو ڏينهن خوشي، محبت ۽ ڀائيچاريءَ جو پيغام کڻي اچي ٿو۔ رامچندر جي فتح رڳو راوڻ تي نہ هئي، پر اها انسان جي اندر جي بڇڙائيءَ ۽ خودغرضيءَ تي فتح هئي۔ ان لحاظ سان ڏياري هر سال انسان کي اهو درس ڏئي ٿي تہ جيستائين اندر جي راوڻ کي نہ ماريو ويندو، تيستائين زندگيءَ ۾ حقيقي روشني پيدا نٿي ٿي سگهي۔

روشنيءَ جو فلسفو:

ديا يا ڏيئو صرف تيل ۽ بتيءَ/وٽ جو نالو نہ آهي، پر اهو هڪ روحاني علامت آهي، جيڪا ٻڌائي ٿي تہ ننڍڙي روشني بہ وڏين اونداهين کي ختم ڪري سگهي ٿي۔ جيئن هڪ ڏيئي جي جهلڪ گهر جي چئني ڪنڊن کي روشن ڪري ٿي، تيئن ئي هڪ سچي نيت، هڪ سٺو عمل، ۽ هڪ پيار ڀريو لفظ ڪيترن ئي دلين ۾ اجالو/روشني يا سوجهرو ڪري سگهي ٿو۔ ڏياري اسان کي اها سکيا يا درس ڏئي ٿي تہ انسان جي اندر جو ڏيئو هميشہ ٻرندڙ هجي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اندر جو ڏيئو اجهامي وڃي ٿو، تڏهن ئي اونداهيون وڌن ٿيون۔

سماجي اهميت:

ڏياري فقط مذهبي ميلو، ڏڻ يا تهوار ناهي پر سماجي ميلو بہ آهي۔ ان موقعي تي ماڻهو پنهنجن رنجشن کي وساري، هڪ ٻئي کي مٺايون کارائن ٿا، نوان ڪپڙا پائين ٿا، گهرن کي سجايو وڃي ٿو، بازارن ۾ رونق اچي وڃي ٿي، ۽ سڀ کان اهم ڳالهہ تجهہ دلين ۾ محبت جا ڏيئا ٻري وڃن ٿا۔ اهو ميلو ماڻهن کي گڏ ڪري ٿو، سماج ۾ ڀائيچاري ۽ اتحاد جو احساس پيدا ڪري ٿو۔ اڄ جڏهن دنيا نفرت، تعصب ۽ اڻسهپ ۾ گهيريل آهي، تڏهن ڏياري جهڙا ميلا انسان کي ياد ڏيارين ٿا تہ اجالو ورهائڻ سان گهٽجندو نہ آهي، وڌندو آهي۔

اخلاقي ۽ نفسياتي پيغام:

ڏياري اندروني صفائيءَ جو بہ پيغام آهي۔ جيئن گهرن کي صاف ڪري سجايو وڃي ٿو، تيئن ئي دل جي غلاظت کي بہ صاف ڪرڻ ضروري آهي۔ حسد، غصو، نفرت ۽ حرص اهي سڀ انڌيرا آهن، جن کي دور ڪرڻ سان ئي روحاني روشني پيدا ٿئي ٿي۔ ڏياري سيکاري ٿي تہ خوشي ٻاهران نہ پر اندر مان ملندي آهي، ۽ اها خوشي تڏهن ملي ٿي جڏهن انسان ٻين کي خوش ڏسي پاڻ خوش ٿئي۔

انساني ۽ آفاقي پيغام:

ڏياري ڪنهن هڪ قوم يا مذهب تائين محدود نہ آهي۔ اهو ميلو انسانيت جي اجالي جو جشن آهي۔ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ جتي محبت، امن، ڀائيچارو ۽ سچائيءَ جو چراغ ٻري ٿو، اتي ڏياريءَ جو روح زنده آهي۔ جيڪڏهن هر انسان پنهنجي دل ۾ سچائيءَ جو هڪ ڏيئو ٻاري وٺي تہ جيڪر نفرت بدران محبت، خودغرضيءَ بدران قرباني، ۽ اونداهيءَ بدران اجالو ٿي وڃي۔ ايئن پوري ڌرتيءَ تي هميشہ لاءِ ڏياري ٿيندي رهندي۔

حاصل مقصد:

ڏياري جو حقيقي مطلب آهي اونداهيءَ کي مٽائڻ۔ نہ فقط گهرن مان پر دلين مان بہ۔ اهو ميلو انسان کي اهو پيغام ڏئي ٿو تہ اجالو رڳو ڏيئن ۾ نہ، پر انسان جي اندر جي نيت ۾ بہ هوندو آهي۔ جڏهن انسان جي دل صاف، عمل سچو ۽ نيت روشن ٿي وڃي ٿي، تڏهن ئي حقيقي ڏياري ملهائجي ٿي۔

ان ڪري ڏياري ملهائڻ جو مقصد صرف خوشي ڪرڻ نہ، پر حق جي جيت ۽ باطل جي هار جو جشن ۽ حقيقت جي روشنيءَ کي دلين تائين پهچائڻ آهي۔ اهو سوجهرو ئي انسانيت جي سچي عبادت آهي۔


Previous Post Next Post