ڏياريءَ جو ڏيئو ـ ارشاد علي پنھور


روشني، اميد ۽ انساني، سماجي ۽ مذهب کان اڳتي ڀائچاريءَ جو پيغام

هر سال جيان خصوصاً سچل، ڀٽائيءَ، شيخ اياز ۽ انيڪ انسان محبت رکندڙ عظيم حستين جي سنڌ ۾ بہ ڏياريءَ جو ڏڻ اچي پھتو، هن ڏينهن نہ صرف هندو ڀائرن جي گهرن ۾ پر پوري سنڌ جي پر امن فضا ۾ پڻ روشنين ۽ خوشين جو عجب ڀريو پيغام پکڙجي وڃي. ڏياريءَ صرف ھڪ مخصوص  ڏڻ يا تيھوار“ طور تي نہ ڏسجي پر ان جي اصل سڃاڻ، نفرتن جي پستي، محبتن ۽ روشنين جي فتح سان گڏ، اونداهين جي شڪست جي علامت آهي. اهو ڏڻ، اسانکي اهو سيکاري ٿو تہ نيڪي، سچائي ۽ اميد جو ڏيئو هميشہ، جهالت ۽ نفرت جي اونداهيءَ تي غالب ايندو آهي.

سنڌ جي ڌرتي، صدين کان همدرديءَ، ڀائچاري ۽ مذهبي هم آهنگيءَ جي علامت رهي آهي، اڄ جي ڪٽرپڻيءَ واري دور ۾ پڻ  ھيءَ ڌرتيءَ ساڳيو پيغام نئين سر ورجائي رهي آهي. سنڌ جي ھر شھر ۽ ڳوٺن ۾ ڏياريءَ جي رات جڏهن هزارين ڏيئا روشن ٿين ٿا، تڏهن ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي جھڙوڪ انساني محبتن جي روشني هر دل ۾ جاڳي پئي هجي.

ڏسجي تہ ڏياري صرف هڪ خاص ڏڻ جي رسم ئي نہ، پر اها زندگيءَ جي فڪر ۽ فطرت جو استعارو پڻ آهي. ان ڏڻ تي جيئن ڏيئو جلڻ سان، گھرن کي روشني ملي ٿي، تيئن ئي انسان کي بہ پنهنجي اندر جو ڏيئو روشن ڪري سماج ۾ اميد، سهپ ۽ خير جو پيغام ورهائڻ گهرجي.

اسانجي سماجي بدقسمتي، اھا پڻ رهي آهي تہ اڄ دنيا ۾ نفرت، خودغرضي، انتھاپسندي، شدت پسندي ۽ ڏکن جي اونداهي عروج تي آهي، پر اهڙي نا اميديءَ واري وقت ۾ بہ, ڏياري، اسان کي ياد ڏياري ٿي تہ هر انسان پنهنجي اندر جو ڏيئو روشن ڪري ٻين لاءِ روشني بڻجي سگهي ٿو. محبت ۽ ڀائچاري جو اهو پيغام ئي ڏياريءَ جو حقيقي مقصد آهي.

ڏياريءَ تي عيد ڏينهن جيان، گهرن جي صفائي، نئين ڪپڙن، مٺائين ۽ خوشين سان گڏ جيڪڏهن دلين ۾ صفائي ۽ رواداري پڻ پيدا ڪئي وڃي، تہ پوءِ اها ڏياري، واقعي انساني قدرن جي روشن علامت بڻجي سگهي ٿي.

ڇاڪاڻ تہ حقيقت ۾ ڏياريءَ جو ڏيئو فقط تيل سان ٻرندڙ  بتي نہ پر، نيڪ نيتي، محبتن ۽ اميدن سان روشن ٿيندڙ سماج جي علامت آهي. ڏياريءَ جو ٻرندڙ  ڏيئو اسان سڀني کي سبق ٿو ڏئي تہ جتي دلين ۾ انسانيت جي روشني هوندي، اتي ڪو بہ اونداهو دور گهڻو نٿو هلي سگهي. ڏياريءَ جي ڏئي جي هر شعلي سان اهو پيغام زنده رهي ٿو تہ بد نيتيءَ بجاءِ ”نيڪيءَ جي روشني ئي  هميشہ اونداهيءَ تي غالب ايندڙ آهي.


Previous Post Next Post