ھند ۽ سنڌ
جي هڪ تاريخي جاکوڙ ڪندڙ، قومي سجاڳي
لاءِ بي پناھ ڪم ڪندڙ ۽ سياسي بصيرت واري شخصيت سائين جي ايم
سيد جن جو پورو نالو غلام مرتضيٰ سيد آهي.
پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻن توڙي سنڌ جي قدآور سياسي شخصيتن مان ھڪ آھن. جن
جو نالو بي مثال فڪري ڏاهپ، مثالي جرئت
رکندڙ، نظرياتي وابستگين واري شخصيت ۽ قومي سجاڳي جي
حوالي سان صف اول ۾ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ
اڄوڪي دور ۾ سائين جي ايم سيد کي صرف سنڌ
جي قومي خودمختياري ۽ قومپرستيءَ جي علامت طور ڏٺو ۽ ڏيکاريو وڃي ٿو، پر
تاريخ جا ورق ڪجهہ ٻيو ئي ٻڌائن ٿا. تاريخ
ڪنهن کان لڪل بہ ناهي تہ پاڪستان ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ بہ هن شخصيت انتهائي اهم ۽ فعال ڪردار نڀايو.
پاڻ تحريڪ
پاڪستان ۾ جاکوڙي ڪردار نڀائڻ سان گڏ، پنهنجي
سياسي سوچ سان، تڏوڪي مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ پڻ
ڪوششون ورتيون. 1904ع ۾ سنڌ جي شھر سن جي هڪ
بااثر سيد خاندان ۾ ڄائي، سائين جي ايم
سيد جي زندگي، سياسي شعور ۽ قومي
سجاڳيءَ جي ھڪ اهڙي سفر سان جڙيل رھي، جنهن کيس
اڄوڪي قومي جدوجهد جي علامت پڻ بڻائي رکيو آهي.
سائين جي ايم
سيد سندس نوجوانيءَ جي دور ۾ ئي برطانوي نظام خلاف آواز اٿاريو. جيڪا سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ ۽ سنڌ کي الڳ صوبي جي حيثيت
ملڻ جي سوچ پڻ ھئي. جيڪو
سندن سياسي سوچ جو پهريون وڏو امتحان پڻ بڻيو. پاڻ
1930 کان 1936ع تائين اھڙي
تحريڪ جو حصو پڻ رھيا. جنهن سنڌ
جي بمبئي کان ڌار صوبي بڻجڻ جو بنياد وڌو ۽ اڳتي ھلي
پاڪستان جي مستقبل جي سياسي نقش تي بہ
اثرانداز ٿيو، ڇاڪاڻ تہ
هن قدم جي نتيجي ۾ ئي بعد ۾
سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ھو.
جيئن تہ
قيام کان ئي سنڌ اندر مسلم ليگ ھڪ ڪمزور سياسي قوت رھي پر
اهڙي صورتحال ۾ 1938ع ڌاري سائين جي ايم سيد جو
مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ، هن تنظيم لاءِ سٺو سنئوڻ
بڻيو ۽ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ نہ صرف ٻيهر
فعال ڪيو ويو، پر ان کي عوامي پزيرائي پڻ ملڻ لڳي.
تاريخ جا
حوالا ٻڌائن ٿا تہ سائين جي ايم سيد
1938ع ۾ ئي مسلم ليگ سنڌ جو صدر پڻ چونڊيو ويو، جنهن
کان پوءِ عملي طور مسلم ليگ جي پارٽي اصولن موجب خاص
سنڌ جي شاگردن کي مسلم ليگ سان ڳنڍيو ويو، جنهن
سبب سنڌ ۾ پاڪستان جي تحريڪ لاءِ عوامي حمايت پيدا ٿي پئي.
سائين جي
ايم سيد جي تنظيم سازيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ھاڻ مسلم ليگ سنڌ ۾ بہ هڪ اثرائتي سياسي قوت بڻجي سامهون آئي. 23 مارچ 1940ع تي مسلم ليگ جيڪو ٺهراءُ منار
پاڪستان وٽ لاهور ۾ منظور ڪيو، جنهن کي
بعد ۾ ”قراردادِ پاڪستان“
سڏيو ويو،ان جي پٺڀرائي ڪندڙ صوبن ۾ پڻ سنڌ سر فهرست هئي.
تنهن وقت بہ سنڌ اندر هن ٺهراءُ کي عوامي سطح تي مقبول
بڻائڻ ۽ پاڪستان جي تصور کي سياسي طور هٿي وٺرائڻ ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪردار
بنيادي نوعيت جو هو. اصل ۾ سنڌ اسيمبلي جو
تاريخي ٺهراءُ ئي پاڪستان لاءِ پهريون
پارلياماني قدم بڻيو. اھو ئي تاريخي سچ آهي تہ پاڪستان قائم ڪرڻ جي حق ۾ سڀ کان پهريون
ٺهراءُ ڪنهن ٻي نہ پر سنڌ جي
صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ۽ منظور پڻ ٿيو. جيڪو
3 مارچ 1943ع جي تاريخ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي پاران پيش ڪيو ويو. جنهن جي حمايت ۽ اڳواڻي سائين جي ايم
سيد پڻ ڪئي.
هن ٺهراءُ
جو منظور ٿيڻ پاڪستان جي قيام لاءِ اهم موڙ ثابت ٿيو، ان
کانپوءِ ئي
سياسي طور اهو تاثر پختو ٿيو تہ مسلمان
صوبا هڪ الڳ وطن جي خواهش رکندڙ آهن. هن ٺهراءُ
جي منظوري پاڪستان جي جدوجهد کي هڪ مضبوط قانوني، اخلاقي
۽ سياسي بنياد ڏنو.
سائين جي ايم
سيد جو قائداعظم محمد علي جناح سان پڻ ويجهو لاڳاپو
رھيو. سندن جي اھڙي تعلقن
سبب ئي قائداعظم کي سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ مسلم ليگ
جي موقف بابت باقائدگي سان آگاھي ملندي ھئي. سائين جي ايم
سيد ڪيترائي ڀيرا سنڌ مان مسلم ليگ جي وفدن جي اڳواڻي ڪندي قائداعظم سان ملاقاتون
ڪيون.
جنهن جو
ذڪر باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي خطابن ۾ پڻ موجود آهي. جيڪو
پنهنجو پاڻ ۾ سيد صاحب جي سياسي حيثيت ۽ جدوجهد جي اهميت جو ثبوت آهي. سائين جي ايم
سيد نوجوانن، شاگردن ۽ سماجي اڳواڻن کي گڏ ڪري پاڪستان جي حق ۾ هڪ اثرائتي عوامي
مهم هلائيندڙ ھئو. پاڻ
تڏهن سنڌ جي نئين ملڪ جو اهم حصو بڻجڻ جي حق ۾ ھئا.
تاريخي پس
منظر موجب 1946ع جون چونڊون پاڪستان جي مستقبل لاءِ فيصلائتو امتحان ثابت ٿيون. جن ۾ سنڌ اندر مسلم ليگ کي ڀرپور ڪاميابي ڏيارڻ ۾ سائين جي ايم
سيد جو ڪردار انتهائي اهم هو. جنهن جو نتيجو اهو
نڪتو جو مسلم ليگ سنڌ ۾ واضح ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي قيام جو سياسي رستو
صاف ٿي پيو. پر پاڪستان
جي قيام کانپوءِ اختلاف ۽ نين سجاڳين جنم ورتو. اھا بہ ھڪ تاريخي حقيقت آهي تہ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ئي, سائين جي ايم
سيد جي سوچ ۾ ڪافي تبديليون آيون. ڪيترين پاليسين سان
سندن اختلاف رھيا، خاص طور رياست پاڪستان
جي قائم ٿيڻ کانپوءِ
مرڪز جي اختيارن ۽ صوبائي حقن بابت اختلاف اھميت جا حامل ھئا.
جيئن تہ
سائين جي ايم سيد هميشہ
سنڌ ۽ سنڌي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن
ڪري هو وقت سان گڏ سموري سنڌ اندر، قومي
سجاڳيءَ جو وڏو اڳواڻ بڻجي سامهون آيو. پر اها ڳالهہ بہ
ياد رکڻ جي آهي تہ سندن جا
نظرياتي اختلاف پاڪستان ٺاهڻ ۾ سندن ڪردار کي گهٽ نٿا ڪري سگهن. سائين جي ايم
سيد جي پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڪيل جاکوڙ جو جائزو وٺبو تہ واضح معلومات ملندي جنهن ۾ ھنن:
سنڌ کي جدا
صوبو بڻائڻ ۾ حصو ورتو.
مسلم ليگ
کي سنڌ ۾ عوامي قوت طور اڀاريو.
پاڪستان جي
حق ۾ تاريخي سنڌ اسيمبلي جو ٺهراءُ پاس ڪرايو.
عوامي سطح
تي پڻ پاڪستان جي نظرئي کي مقبول بڻايو.
1946ع جي چونڊن
۾ پاڪستان جي حمايت کي يقيني بڻايو.
اختلافن
کان اڳ تائين سائين جي ايم سيد
پاڪستان لاءِ پرخلوص، ايمانداري ۽ سياسي
جرئت سان جاکوڙ ڪئي، جيڪا تاريخ جو هڪ روشن
باب آهي، جنهن کي ڪڏهن بہ
نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

