گلستان دنيا ۾، اڪثر خار ئي مليا ـ حڪيم پريم چاندواڻي

دامن بہ تار تار ٿيو هٿ بہ ٿيا زخمي،

دل پلڻ ٿو چاهيان، سوچ ناهي حتمي۔

دنيا کي هميشہ گلن جي باغ وانگر سمجهيو ويو آهي۔ جتي خوشبوءِ، رنگ، روشني ۽ امن جا خواب گڏجي ڪنهن خوبصورت تصوير جو نقشو ٺاهين ٿا. پر حقيقت جي راه تي هلندي، انسان کي بار بار اهو احساس ٿئي ٿو تہ هن گلستان ۾ رڳو گل ئي نہ آهن، پر انهن جي وچ ۾ لڪل تِير وانگر تيز خار بہ آهن، جيڪي ڪنهن بہ مهل نفيس نازڪ هٿن، دامن ۽  دل جي نرميءَ کي زخمي ڪري ڇڏين ٿا. زندگي جي هن حقيقت کي شاعر جي هڪ سادي پر گهري سٽ ڪيتري نہ بهترين انداز سان، شاعريء ۾ سمائي هڪ جاندار تصوير جي عڪاسي ڪري ٿي۔ گلستان دنيا ۾، اڪثر خار ئي مليا

زندگيءَ جو گلستان ۽ خارن جي حقيقت:

انسان جڏهن اميدن، خوابن ۽ محبتن سان ڀريل سفر شروع ڪري ٿو، تہ هن جي نظر هر طرف خوبصورت گلن جي تلاش ۾ هوندي آهي. پر وقت ٻڌائي ٿو تہ هر گل سان گڏ، ڪو نہ ڪو خار لڳل هوندو آهي۔ ڪڏهن ڪو دوست جي صورت ۾، ڪڏهن ڪو رشتيدار جي لهجي ۾، ڪڏهن سماج جي روين ۾، تہ ڪڏهن وقت جي محاذ تي آزمائشن جي صورت ۾. اهو خار ڪڏهن ڪنهن جي بي وفائيءَ جي صورت ۾ زخمي ڪري ٿو، تہ ڪڏهن ڪنهن جي زبان مان نڪتل سخت لفظ دل تي وار ڪري زخمي ڪري ڇڏن ٿا۔  انساني سماج ۾ اڪثر ماڻهن کي ٻئي جي خوشي ڏسڻ ۾ ڏک محسوس ٿيندو آهي. رشڪ، بغض، حسد ۽ تڪبر اهي ئي خار آهن، جيڪي ماڻهن جي وچ ۾ محبت جي گلن کي مرجهائي ڇڏن ٿا.

سماج جا رويا، خار ڇو وڌيڪ لڳن ٿا:

سماج ۾ اڪثر ماڻهو ٻين جي ڪاميابين ۾ خوش ٿيڻ جي بدران انهن کي هيٺ ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا. ڪجهہ ماڻهو پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ نرم لهجي سان گل وانگر نظر اچن ٿا، پر وقت جي ڪنهن موڙ تي ساڳيا ماڻهو خار بڻجي دل کي چڪنا چور ڪري ڇڏين ٿا. ماڻهن ۾ انا وڌڻ لڳي آهي.

هر ڪو پاڻ کي ئي سچ تي سمجهي ٿو.

محبتن ۾ سچائي گهٽجي وئي آهي.

رشتا هاڻي مفادن سان جُڙيل لڳن ٿا.

انهن سڀني حقيقتن سبب شاعر جي سٽ هڪ فلسفو بڻجي سامهون اچي ٿي۔ هي دنيا ڌاڳي جي خوبصورت پوشاڪ سان لڪل هڪ بيجان بدن جيان بيحس آهي، هن دنيا ۾ گل گهٽ، خار گهڻا آهن. پر خار ئي سڀ ڪجهہ نہ آهن

زندگي جي گلستان ۾ خارن جو هجڻ قدرت جو قانون آهي۔ پر انسان جي حسنِ خيال جو امتحان اهو آهي تہ هو انهن خارن ۾ لڪل گلن کي ڏسي سگهي. ڇو تہ جهان ۾ هر شيءِ مڪمل نٿي هجي، خوشي ڏک سان، محبت بي وفائي سان، اميد مايوسيءَ سان ۽ گل خار سان گڏ پيدا ٿين ٿا. انسان جي برداشت جي ڪمال جو نالو آهي خارن کي بہ برداشت ڪرڻ، تڪليفن ۽ اذيتن جي باوجود گلن جي خوشبوءَ کي نہ وڃائڻ۔

مرڪزي خيال:

هن شعر جو مرڪزي خيال اهو آهي تہ دنيا جي زندگي هڪ مڪمل گلستان ناهي. هتي خوشبوءِ سان گڏ تڪليف، محبت سان گڏ رنجشون، ۽ خوابن سان گڏ حقيقتون بہ آهن. انسان جي اصل عظمت ان ۾ آهي تہ هو تڪليفن جي خارن ۾ بہ اميدن جا گل ڳوليندو ۽ پوکيندو رهي.

هن ڪالم جو حاصلِ مقصد:

زندگي اگر خار ڏي ٿي، تہ ان جو مطلب اهو ناهي تہ گل موجود ناهن. اصل ڳالهہ اها آهي تہ انسان مايوسيءَ بدران اميد کي زندہ رکي، زخمن بدران سکڻ کي ترجيح ڏئي، ۽ سماج جي سخت روين ۾ بہ پنهنجي اخلاق، نرم لهجي ۽ محبت واري مزاج کي زنده رکي.

گلستان دنيا جو سفر مشڪل ضرور آهي،

پر جيڪي گلن جي چاهت رکندا آهن،

اهي خار پڻ کليل دل سان برداشت ڪندا آهن۔

گلستان دنيا ۾، رڳو خار ڇو مليا،

پيار جي بدلي، رڳو تڪرار ڇو مليا۔


Previous Post Next Post