سن 1979ع خمينيءَ
جي انقلاب سان ايران جي تاريخ هڪ نئين موڙ تي پهتي هئي، جتي خلافت جهڙي روحاني اقتدار
کي خلافت جي لبادِي ۾ پيش ڪيو ويو، اهو انقلاب، جيڪو محرومن جي نجات، آزادي ۽ وقار
جو خواب کڻي آيو هو، وقت سان گڏ پاڻ هڪ اهڙي طاقت ۾ بدلجي ويو، جتي سوال ڪرڻ گناهه
۽ اختلاف خطرو بڻجي ويو، روحاني قيادت جي نالي ۾ قائم ٿيل نظام، آھستي آھستي عوام کان
ڪٽجندو ويو، ۽ علي خامنائي جي ڊگهي دورِ حڪومت ۾ اهو فاصلو ايترو وڌيو جو رياست ۽ سماج
هڪ ٻئي لاءِ اجنبي بڻجي ويا.
اڄ ايران جي
گهٽين ۾ گونجندڙ نعرا رڳو مهانگائي يا روزگار خلاف احتجاج ناهن، اهي هڪ اهڙي ٿڪاوٽ
جو اظهار آهن، جيڪا سالن جي دٻاءَ، خاموشي ۽ بي وس هجڻ کان پوءِ جنم وٺي ٿي، پر هي
احتجاج رڳو اندروني بغاوت ناهي، يان رڳو انسانن جو ميڙ ناهي، اهو هڪ الگورٿمڪ خدشو
آهي، جنهن کي واشنگٽن ۾ اسڪرينن تي پڙهيو وڃي ٿو، ۽ تل ابيب ۾ الارم بڻجي وڄائيندو
رهي ٿو سوال هي ناهي ته ايران ۾ افراتفري ڇو آهي، سوال هي آهي ته هي افراتفري ڪنهن
جي اکين سان ڏٺي وڃي ٿي، ليو ٽالسٽاءِ چوي ٿو ته ”جنگ
ايتري بڇڙي آهي، جو ان کي سٺو بڻائڻ لاءِ ڪو به سٺو سبب ڪافي ناهي.“ پر اڄ دنيا سبب نه ٿي ڳولي،اڄ دنيا رڳو ٽيڪنالاجيءَ
جي سهاري جنگ کي جائز بڻائي ٿي.
اسرائيل هاءِ
الرٽ تي آهي، نه رڳو بارڊرن تي، پر ڊيٽا سينٽرن ۾، رادارن جي نبض ۾، ۽ آمريڪي بيانن
جي هر لفظ ۾. آمريڪي ڇانوَ هڪ وقت تحفظ سمجهي ويندي هئي، پر ڇانوَ هميشه روشنيءَ جي
غيرموجودگيءَ جو ثبوت هوندي آهي، ڇا ڇانوَ واقعي بچاءُ آهي، يا رڳو اهو ٻڌائي ٿي ته
سج ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي؟ ايران ۾ احتجاج ڪندڙ نوجوان، جيڪي روزگار، آزادي ۽ وقار جي
ڳولا ۾ آهن، انهن کي شايد خبر ئي ناهي ته انهن جا چهرا فيس ريڪگنيشن سسٽمن ۾ بدلجي
چڪا آهن، انهن جا نعرا ڊيٽا اسٽريمز بڻجي چڪا آهن، ۽ انهن جو درد عالمي پاليسين لاءِ
صرف هڪ اسٽرٽيجڪ موقعو آهي، هتي انسان ڳالهائي ٿو، پر فيصلا مشينون ڪن ٿيون.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ”جمھوريت“ جي نالي ۾ مداخلت ٿي آهي، تڏهن سڀ کان اڳ
سماج جو توازن ٽٽي ٿو، رجيم چينج ڪرڻ لاءِ
وينزويلا،
شام سوڊان، افغانستان، ليبيا، سوماليا، جبوتي، يمن، يوڪرين جا نقشا بدلجڻ لڳا، پر قبرستان
ساڳيا رهن ٿا. هاڻي فرق رڳو ايترو آهي ته اڳ بم نظر ايندا هئا، اڄ ڊرون نظر ئي نٿا
اچن، اڄ تباهي خاموش آهي، ۽ خاموش تباهي وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي، اسرائيل ڄاڻي ٿو ته
جيڪڏهن ايران اندر عدم استحڪام وڌيو ته وچ اوڀر جي خطي جا سڀ ريڍار جديد ميزائيل سسٽم
جاڳي پوندا هڪ ننڍڙي غلطي، هڪ غلط سگنل، يا هڪ غلط پڙهاءُ ۽ پوءِ تاريخ لکڻ لاءِ قلم
نه، پر ميزائل کڄندا، آمريڪا بيان ڏئي ٿو، اس رائ ي ل الرٽ وڌائي ٿو، ۽ ايران جو عام
ماڻهو ٻنهي جي وچ ۾ پسجي وڃي ٿو.
هي بحران رڳو
وچ اوڀر جو ناهي، تيل جا رستا، عالمي مارڪيٽون، ڊجيٽل ڪرنسيون، ۽ سفارتي لاڳاپا سڀ
ڪجهه هڪ اڻ ڏٺل جنگ جي اثر هيٺ آهي، دنيا هاڻي هڪ اهڙي شطرنج آهي، جتي مھرن کي به خبر ناهي ته هو راند جو حصو آهن، ۽ پوءِ
سوال اڀري ٿو، ڇا انساني حقن جو تصور ڊرون جي ڪيمري ۾ نظر اچي ٿو؟ ڇا آزاديءَ جو وزن
ڪوانٽم حسابن ۾ ماپي سگهجي ٿو؟ يا وري انسان رڳو هڪ عارضي انگ آهي، جنهن کي هر نئين
عالمي حڪمت عمليءَ سان تبديل ڪيو وڃي ٿو.
آخرڪار، ايران
جو بحران رڳو هڪ ملڪ جي سياسي ناڪامي نه، پر هڪ عالمي اخلاقي امتحان آهي. جڏهن احتجاج
کي ڊيٽا، انسان کي انگ، ۽ آزاديءَ کي الگورٿم ۾ تبديل ڪيو وڃي، تڏهن سوال صرف حڪومتن
کان نه، پر سڄي انساني شعور کان پڇيو وڃي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته طاقت هميشه ٽيڪنالاجيءَ
سان گڏ هلندي آئي آهي، پر انسانيت ڪڏهن به مشينن جي رحم تي زنده نه رهي آهي. جيڪڏهن
اڄ به عالمي برادري خاموش رهي، جيڪڏهن آزاديءَ جي نعري کي رڳو اسٽرٽيجڪ خطرو سمجهيو
ويو، ته سڀاڻي فيصلا ضمير سان نه، پر هٿرادو ذهانت سان ٿيندا ۽ جڏهن هٿرادو ذهانت حڪمران
بڻجي وڃي، تڏهن نه انقلاب بچندو، نه جمهوريت، نه روحانيت، ڇا دنيا انسان کي مرڪز بڻائيندي،
يا ڊرون جي ڇانوَ ۾ بيهي اڻ ڏٺل جنگن کي قسمت سمجهي قبول ڪندي؟ ڇوته تاريخ، هميشه طاقتور
کي نه، پر انسانيت جو ساٿ ڏيندڙن کي ياد رکندي.

