سائين جي ايم سيد: فڪر، قومي نظرياتي سياست ۽ تاريخ جو پڙهاءُ ـ ارشاد علي پنھور

ھائي منهنجي تخيل جا اي مھجبين،

شال زنده هجين، شال سن ۾ وسين.

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون ٿي گذريون آهن، جن پنهنجي دور ۾ مڃتا ماڻڻ سان گڏ ايندڙ نسلن جي شعوري سڄاڳي ۽ سڃاڻپ جو حصو ذريعو پڻ بڻيون آهن. تن ئي فڪري سوچ ۽ شعوري سڃاڻ رکندڙ شخصيتن مان سائين جي ايم سيد پڻ آهن. جنهن جو نالو پڻ قومي سياست، فڪر، قومپرستي، عدم تشدد ۽ سنڌي سڃاڻپ جي بحث کان الڳ نٿو ٿي سگهي. سائين پاڻ نہ رڳو هڪ قومي سياستدان، پر سنڌ جي سڃاڻ جو هڪ اهڙو فڪر ھو، جيڪو تنهن وقت جي ناانصافين سان ٽڪرائجي بيٺو ۽ ھڪ اصولي نظريي مطابق پنهنجي قومي سڃاڻپ کي پختو ڪيو. سائين جي ايم سيد بابت تاريخ جي حقيقتن کي غور سان پڙھبو ۽ سمجھبو تہ اھو ئي معلوم پوي ٿو تہ سندس جو بنيادي فڪر سنڌ کي ڪنهن صدين پراڻي تاريخ جي تهذيب مان ڪڍي، اڀرندڙ  دور جي زنده قومي وجود طور ڏسڻ هو. هن لاءِ سنڌ رڳو جاگرافيائي حد نہ، پر هڪ مڪمل تهذيبي، غير لساني، ذاتي ثقافتي سڃاڻ جي مالڪ ۽ تاريخي وحدت واري ڌرتي هئي. سيد جي فڪر جو مرڪز اهو هو تہ قومون پنهنجي تاريخ کي وساري ڪڏهن بہ آزاديءَ سان جي نٿيون سگهن. تنهنڪري ئي پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد دوران ئي ناانصافين جي پرک پوڻ تي خاموش ٿي ڪنهن جماعتي پٺڀرائي ڪرڻ بجاءِ تنقيدي رستو اختيار ڪيو. ڇاڪاڻ تہ سندس لاءِ اھڙي تاريخ ڪو فخر نہ، پر سبق حاصل ڪرڻ ھئي. شايد تنهنڪري ئي سندس فڪر ۾ خود احتسابي بہ ملي ٿي تہ خود اعتمادي بہ.

سائين جي ايم سيد جي فڪر موجب سائين جيتوڻيڪ اقتدار جي سياست ۾ شامل تہ رهيو، پر اقتدار سندس مقصد نہ هو. هن پاڪستان جي قيام کان اڳ بہ سياست ڪئي ۽ پوءِ بہ، پر سندس لاء سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالھ اھم رھي. ان دور ۾ جڏهن گهڻا سياستدان طاقتور مرڪزن سان ٺاھ ڪري سياسي ڪاميابي ماڻي رهيا هئا، تڏهن بہ سن جي سيد اختلاف کي ترجيح ڏني. سندس سياست جو حسن اهو هو تہ هو اڪيلو ٿيڻ کان نہ ڊڄندو هو. هن لاءِ اصولن کان هٽڻ، ڪنهن مفادي جماعت ۾ شامل ٿيڻ کان وڌيڪ نقصانڪار هو. سندس اھڙي فڪري جدوجهد سبب ئي پاڻ قيد و بند ۽ سماجي اڪيلائيءَ کي عملن پڻ ڀوڳيو، پر اهڙي حالت ۾ بہ هن پنهنجي موقف تان هٿ نہ کنيو. هن ثابت ڪيو تہ جدوجهد جو مطلب هميشہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ نہ، پر حق ۽ سچ سان وفاداري سان بيھڻ پڻ آهي. ان ڪري ئي سندس جي جدوجهد خاموش پر وزن واري رھي.

سائين جي فڪري جدوجهد جا دليل سندس پاران لکيل ڪيترن ئي ڪتابن ۾ پڻ واضح موجود آهن. سندس پاران لکيل ڪتابن کي نظرانداز ڪري سندس شخصيت کي مڪمل سمجهي نٿو سگهجي. سندس لکڻين ۾ سياست کان وڌيڪ فڪر سمايل آهي. سندس پاران اٿاريل سوال ۽ دليل پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. سندس ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ، اسلام جي پچار، قومپرستي، انسان دوستي سان گڏ عالمي سياست جا حوالا پڻ ملن ٿا. خاص ڳالھ اها آهي تہ پاڻ ڪنهن بہ موضوع تي آخري فيصلي جو دعويدار نٿو بڻجي، بلڪہ پڙهندڙ کي مڪالمو ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. سنڌ جي اھڙي  فڪري داناھي واري سيد جو سڀ کان وڏو تاريخي ڪردار اهو آهي تہ، سنڌ ۾ اختلاف ڪرڻ جو حق زنده رکيو. سندس جدوجهد مان اھو ئي سبق ملي ٿو تہ قومون، ماٺ رهڻ سان نٿيون ٺھن پر فڪري سڄاڳيءَ ۽ حق گھرڻ جي سگھ کي گڏ ھلائڻو پوي ٿو. ھو پاڻ تہ پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي سڀني خيالن کي عملي صورت ۾ ڏسي نہ سگهيو، پر هن اهو ڪم ضرور ڪيو تہ ايندڙ نسلن کي سوچڻ ۽ پنهنجي سڃاڻپ تي فخر ڪرڻ جو حوصلو ڏنو.

تنهنڪري سائين جي ايم سيد کي رڳو ماضيءَ جو ڪردار سمجهڻ، سندس فڪر سان ناانصافي آهي. هو اڄ بہ سنڌ جي وحدت ۽ قومي سياست لاءِ عملي راھ آهي.

جنوري 17 سندس جنم ڏينھن سان گڏ ان ورجاء جو ڏڻ پڻ آهي، تہ ڇا اسان اڄ بہ سائين جي ايم سيد جهڙي بي خوف، اصولي ۽ فڪري سياست جي همت رکون ٿا؟


Previous Post Next Post