سائين جي ايم سيد کي 122 ھين سالگرھ جي موقعي تي ڀيٽا ـ آزاد انقلابي

سائين جي ايم سيد سنڌ جو قوم پرست، نظرياتي ۽ سياسي ليڊر آھي. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم جي سڃاڻپ، حقن ۽ خودمختياري جو وڏو علمبردار آھي.

پاڪستان ٺھڻ کان اڳ سائين جي ايم سيد مسلم ليگ ۾ بہ رھيو پر بعد ۾ سندس سوچ واضع طور قوم پرست ٿي وئي. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد مرڪزي رياست جي پاليسين کان مايوس ٿيو ۽ پوءِ آزاد سنڌوديش جو تصور پيش ڪيو. يعني سنڌ لاءِ الڳ سڃاڻپ ۽ حق خوداراديت، پر سائين جي ايم سيد پرامن عدم تشدد واري سياسي جدوجھد تي يقين ھو.

سائين جي ايم سيد ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ تاريخ، سياست، مذھب ۽ سنڌي سماج تي گھري سوچ ملي ٿي. سائين جي ايم سيد رڳو اقتدار جي سياست نہ ڪندو ھو بلڪہ فڪر، فلسفي، تاريخ ۽ شعور تي پڻ زور ڏيندو ھو.

سائين جي ايم سيد جي سياست، خيال ۽ نظرئي تي ٻڌل ھئي. سائين جي ايم سيد جيڪو آزاد سنڌوديش جو تصور ڏنو، ان جو مطلب سنڌي ماڻھو پنھنجي پاڻ کي غلاميءَ مان آزاد ڪن ۽ پاڻ کي آزاد رياست جو حصو سمجھن. پنھنجي تاريخ ۽ تھذيب تي فخر ڪن. سائين جي ايم سيد سنڌ کي ھڪ الڳ قومي سڃاڻپ طور پيش ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌين جي سياسي، ثقافتي ۽ تاريخي حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ کي الڳ وطن طور پيش ڪيو.

سنڌ وطن کي الڳ ڪرڻ جو سبب اھو ھو تہ مرڪزي حڪمراني ۽ ون يونٽ جھڙين پاليسين جي مخالفت ۾ سنڌ جي خودمختياري يا آزادي جو تصور ڏيڻ ھو. سنڌوديش جي تحريڪ ون يونٽ خلاف، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ وسيلن جي بچاءَ لاءِ ۽ مرڪزي حڪمرانن جي ناانصافين خلاف آھي. سائين جي ايم سيد پھرين وفاق اندر مڪمل خودمختياري چاھيندو ھو. جڏھن اھا ناممڪن لڳي تہ ھن آزاد سنڌ جو تصور ڏنو.

حقيقت ۾ سائين جي ايم سيد جو نظريو نہ پنجابين جي خلاف، نہ اردو ڳالھائيندڙ خلاف، نہ ڪنھن مذھب جي خلاف آھي نہ ئي سنڌ ۾ رھندڙ ڪنھن مسلمان، ھندو ۽ عيسائي جي خلاف آھي بلڪہ سڀني جي برابري جي بنياد تي آھي. سائين جي ايم سيد صاف چيو تہ ھٿيار قومن کي تباھ ڪن ٿا. تشدد مقصد کي خراب ڪري ٿو. سائين جي ايم سيد لاءِ سنڌوديش پھريون نعرو نُ ھو. ھن ملڪ اندر رھي انصاف گھريو. صوبن کي طاقت ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي. جڏھن اھا ممڪن نہ ٿي تہ سائين جي ايم سيد سنڌ کي الڳ وطن طور پيش ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سنڌ سان جيڪي مسئلا ٿيا انھن مان ڪجھ اھم ھئا.

سنڌ جي چونڊيل حڪومتن کي بار بار ختم ڪيو ويو. سنڌ جا فيصلا ھميشہ مرڪز ڪندو رھيو. سنڌ کي حقيقي صوبائي خودمختياري نہ ملي.

سنڌوديش جو نعرو نفرت جو نعرو ناھي، ھٿياربند تحريڪ ناھي، بلڪہ انصاف، خودمختياري ۽ وقار جو آواز آھي.

پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سائين جي ايم سيد ڏٺو تہ سنڌ جا وسيلا ٻيا استعمال ٿا ڪن. سنڌي ٻولي ثقافت ۽ سڃاڻپ کي پوئتي ڌڪيو ويو. سنڌ کي سياسي ۽ معاشي طور تي پڻ نظرانداز ڪيو ويو.


Previous Post Next Post