نرگسيت
(Narcissism) هڪ
جي رويي يا سوچ کي بيان ڪري ٿو جيڪو پاڻ کي حد کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، خود پسنديءَ
جو شڪار هجي، ۽ ٻين جي جذبات يا ضرورتن کي گهٽ سمجهي. اهو عام طور تي خود مرڪزيت، خود
تعريف، ۽ ٻين کان توجهہ يا تعريف جي
گهرج سان لاڳاپيل هوندو آهي.
مادي جدليات
مطابق، انساني رويو ۽ نفسياتي خاصيتون (جهڙوڪ نرگسيت) بنيادي طور تي مادي حالتن ۽ سماجي
تعلقات کان متاثر ٿين ٿيون. نرگسيت کي انفراديت پسنديءَ (Individualism) ۽ سرمائيداراڻي سماج جي ثقافت سان ڳنڍي سمجھي
سگهجي ٿو، جيڪو خود ترقي، مقابلي، ۽ ذاتي ڪاميابيءَ تي زور ڏئي ٿو. سرمائيداري نظام
۾، ماڻهوءَ کي اڪثر انفرادي ڪاميابي ۽ خود تعريف جي طرف راغب ڪيو ويندو آهي، جيڪو نرگسي
رويي کي وڌائي سگهي ٿو.
مثال طور:
سرمائيداري
ثقافت ۾، ميڊيا ۽ اشتهاربازي خود تصوير (Self-Image) ۽ خود پسنديءَ کي فروغ ڏين ٿا، جيڪي نرگسيت کي
وڌائين ٿا ھر وقت مقابلي جي ڊوڙ، معاشي مقابلو ۽ سماجي درجابندي ماڻهن کي خود مرڪزيت
۽ خود برتريءَ جي طرف مائل ڪري ٿو.
مادي جدليات
جي نقطي نظر کان، نرگسيت هڪ انفرادي نفسياتي مسئلو نہ
آهي،
پر هڪ سماجي رجحان آهي، جيڪو سرمائيداري نظام جي تضادن (طبقاتي، قومي استحصال) مان
جنم وٺي ٿو.
هر شيءَ ۾ تضاد موجود هوندا آهن، ۽ اهي تضاد ترقيءَ جو
بنياد بڻجن ٿا نرگسيت جي حوالي سان، تضادات کي هن ريت ڏسي سگهجي ٿو:
انفراديت بمقابلہ
اجتماعيت: نرگسي رويو انفراديت کي وڌائي ٿو، جڏهن تہ
سماجي
ترقيءَ لاءِ گڏيل هم آهنگي ۽ سھڪار جي ضرورت آهي. اهو تضاد سرمائيداري سماج ۾ واضح
آهي، جتي انفرادي سرمائيدارنہ مفاد پورھيت طبقي جي مفادن جي خلاف هوندا آهن.
جاگيري نظام
۾، نرگسيت بادشاھ، جاگيردار پاڻ کي مھان برتر سمجھڻ جي وھم، زمين ۽ ھارين تي مالڪي جي احساس ۾ ظاهر ٿيندي هئي.
سرمائيداري
نظام ۾، نرگسيت انفرادي ڪاميابي ۽ خود ترقيءَ جي ثقافت ۾ واضح آهي، جيڪا نجي ملڪيت،
ميڊيا، سوشل ميڊيا، ۽ صارفيت جي ذريعي وڌي ٿي.
جان پال سارتر(Jean-Paul
Sartre) : وجوديت جي فلسفي ۾، سارتر
نرگسيت کي هڪ قسم جي ”خراب نيت (Bad Faith)“ جي طور تي ڏسندي
چئي ٿو تہ نرگسي ماڻهو پاڻ کي هڪ خاص تصور يا تصوير ۾ قيد ڪري ٿو ۽ ٻين جي آزاديءَ
کي نظرانداز ڪري ٿو. سارتر جي مطابق، نرگسي رويو هڪ اهڙي ڪوشش آهي، جنهن ۾ ماڻهو پاڻ
کي هڪ مقرر ۽ مٿانهون وجود سمجهي ٿو، جيڪو وجوديت جي بنيادي اصولن (آزادي ۽ ذميواري)
جي خلاف آهي.
سرمائيدارانہ
نظام جي ثقافت ۾ نرگسيت جو متضاد
پاسو پاڻ کي غير اهم سمجھڻ. پاڻ کي بيڪار سمجهڻ جو رويو خود اعتمادي جي کوٽ کي ظاھر
ڪري ٿو، جيڪو سرمائيداري جي دٻاءُ، طبقاتي تفريق، ۽ سماجي محروميءَ مان نڪري ٿو. جڏهن
ماڻهو سرمائيداري مقابلي ۾ ”ڪاميابي جي
اميد“ نہ
ٿا
ڏسن، تہ
اهي
پاڻ کي ناڪام يا بيڪار سمجهڻ لڳن ٿا.
آخري نتيجي
۾ نرگسيت يا عتماد جي کوٽ ماڻھو مان ماڻھپو
ختم ڪري فرد کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي.
اهي ٻئي رويا
هڪٻئي جي مخالف آهن، پر هڪ ئي سماجي نظام جي مادي حالتن مان نڪرن ٿا. جدلياتي طور تي،
اهي ٻئي رويا هڪ وڏي تضاد جو حصو آهن: انفرادي قدر بمقابلہ سماجي جوڙجڪ. سرمائيداري
نظام ماڻهن کي انفرادي طور تي جائزو وٺڻ تي مجبور ڪري ٿو، پر ان جو بنياد سماجي ۽ معاشي
حالتن تي آھي.
هڪ سوشلسٽ يا
هر قسم جي استحصال کان آزاد نظام، جيڪو معاشي برابري ۽ سياسي تعاون تي ٻڌل هجي، فرد
۾ نرگسيت ۽ عدم اعتماد کي گهٽائي سگهي ٿو. اهڙي نظام ۾، ماڻهوءَ جي قدر کي انفرادي
معاشي ڪاميابيءَ بدران ان جي سماج جي پيداواري ۾ حصيداريءَ ۽ تخليقي صلاحيتن سان ماپيو
ويندو.
طبقاتي شعور
جي ذريعي ئي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا تہ نرگسيت ۽ عدم
اعتماد ذاتي ناڪاميون نہ آهن، پر سرمائيداراڻي
نظام جي حالتن جا نتيجا آهن. طبقاتي شعور
انهن کي اجتماعي عمل ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
عوامي ثقافتي
تعليم ۽ ميڊيا ۾ تبديليون آڻي، خود پسندي يا عدم اعتماد جي بدران گڏيل سھڪار جي بنياد
تي همدردي، عاجزي، سماجي، ۽ تنظيمي ذميواريءَ کي ھٿي ڏيڻ سان ئي نرگسيت جي بيماري مان
جان ڇڏائي سگھجي ٿي.
اھڙي قسم جا رجحان پارٽي کي اندران ڪمزور ڪندا آهن، اھڙن رجحانن خلاف جدوجھد پارٽي کي متحد ۽ منظم رکندي .