زندگي ۾ هر
انسان کي روزمرہ جا ڪيترائي
مسئلا پيش اچن ٿا۔ ڪڏهن مالي تڪليف، ڪڏهن خانداني تڪرار، ڪڏهن ڪم جو دٻاءُ، تہ ڪڏهن ذهني پريشاني۔ انسان جي زندگي ڪا هموار
رستي وانگر سڌي سنئين نہ آهي، پر اها
هڪ اهڙي راه آهي جنهن ۾ لاها چاڙها بہ آهن ۽ ڇوليون هڻندڙ لهرون بہ۔ اصل ڳالهہ
اها
آهي تہ انهن مسئلن کي سمجهي، صبر ۽ بهتر حڪمت عمليءَ سان منهن ڏجي۔
پهريون مسئلو:
وقت جو انتظام
اڄ جي انسان
وٽ هر شيءَ لاءِ وقت آهي، پر پاڻ لاءِ وقت ناهي۔ غير ضروري ڳالهين ۽ فضول مصروفيتن
سبب اهم ڪم رهجي وڃن ٿا۔ وقت جو بهتر استعمال زندگيءَ ۾ آسانيون پيدا ڪري ٿو۔ هر ڏينهن
لاءِ هڪ سادي ترجيح واري فهرست تيار ڪرڻ، ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن
ٿا۔
ٻيو مسئلو:
مالي تڪليف
گهڻا ماڻهون
آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچ ڪن ٿا۔ نتيجي ۾ بيچيني بي سڪوني، تڪليف ۽ ذهني دٻاءُ پيدا ٿئي
ٿو۔ ان جو حل سادگي ۽ منصوبابندي آهي۔ آمدنيءَ موجب خرچ ڪرڻ، غير
ضروري شين کان پاسو ڪرڻ ۽ بچت کي عادتن ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي۔
ٽيون مسئلو:
خانداني ڇڪتاڻ
گهرن ۾ اڪثر
انا، ضد ۽ غلط فهمين سبب تڪرار پيدا ٿين ٿا۔ انهن جو حل گفتگو، برداشت ۽ هڪ ٻئي جي
احساسن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ ۾ آهي۔ رشتن کي ٽوڙڻ کان اڳ، انهن کي سمجهڻ ۽ سنوارڻ جي
مڪمل ڪوشش ڪرڻ گهرجي۔
چوٿون مسئلو:
ذهني دٻاءُ
ماڻهو هر وقت
فڪرن ۾ مبتلا آهن۔ ڪم، پئسو، رشتا، يا مستقبل جي فڪر سبب ذهن ٿڪجي پوي ٿو۔ ان لاءِ
سادي طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ، ٿورو وقت پاڻ لاءِ ڪڍڻ، ۽ مثبت سوچ رکڻ ضروري آهي۔ نماز،
عبادت، مراقبو يا سڪون ڏيندڙ ڳالهين سان ذهن کي آرام ملي ٿو۔
پنجون مسئلو:
سماجي رويا
اسان جي سماج
۾ حسد، اجائي تنقيد ڪرڻ، اناپرستي، خودغرضي ۽ پاڻ کي سڀني کان مٿانهون سمجهڻ عام ٿي
چڪو آهي۔ ان جو حل ٻين جي عزت ڪرڻ ۽ پاڻ کي بهتر بڻائڻ ۾ آهي، نہ ئي ٻين کي نيچ ڏسڻ ۾۔ سماجي ڀلائي، همدردي
۽ سهڪار سان معاشرو بهتر بڻجي سگهي ٿو۔
حاصل مقصد:
زندگي مسئلن
کان خالي نہ ٿي، ٿي سگهي،
پر انهن جو حل ضرور موجود آهي۔ جيڪو ماڻهو هر تڪليف کي سبق سمجهي، صبر ۽ عقل سان فيصلا
ڪري ٿو، اهو ئي ڪامياب رهي ٿو۔ روزمرہ
جي
مسئلن جو حل وڏي حڪمت ۾ نہ، پر سادي سوچ،
مثبت روين ۽ وقت جي صحيح استعمال ۾ لڪل آهي۔ جيڪڏهن
ماڻهو پاڻ کي بدلائي، تہ دنيا پاڻمرادو
بهتر ٿي جنت نظير ٿي ويندي۔

