سنڌ جو پيران پير شيخ ريحاڻ علوي جگري رحہ ـ اڪرم حيدري

سنڌ جي سرزمين ازل کان الهامي روشنيءَ، روحاني محبت ۽ ولايت جي خوشبوءَ سان معطر رهي آهي۔ ھن ڌرتيءَ جا هر ڪنارا، هر وادي ۽ هر وڻ ڪنهن نہ ڪنهن وليءَ جي ياد جو امين آهن۔ ھڪڙو اھڙو ئي مقدس مقام، جتي روحانيت جي روشني اڄ بہ منور آهي، شيخ ريحاڻ علوي جگري رحہ جي درگاھ آهي، جيڪا تعلقي حيدرآباد کان ڏھ ڪلوميٽر پري، شيخ ڀرڪيو روڊ جي لنڪ تي، ھڪ ڪلوميٽر اندر، ڳوٺ شيخ ريحان ۾ واقع آهي۔ اها جاءِ فقط مزار نہ پر هزارين دلين جو قبلو، سڪ جو ساھ وٺندڙن لاءِ مرجع ۽ محبت جو مرڪز آهي۔

نسب ۽ نالو نور جي ناتن جو سلسلو:

شيخ ريحاڻ علوي رحمت الله عليہ سنڌ جي انهن مقدس هستين مان آهن، جن پنهنجي روحاني فيض سان سنڌ کي سلوڪ جي سرزمين بڻايو۔ پاڻ قادري سلسلي جا اولين بزرگ ۽ حضرت پير عبدالقادر جيلاني رحہ جا خليفہ هئا۔ سندن نسب جو سلسلو حضرت علي رضہ تائين وڃي ملي ٿو، ۽ اھڙي طرح توھان سنڌ جي اولين علوي خاندان جي اٺين پيڙھيءَ مان ھئا۔ سندن اصل نالو سلطان غياث الدين بن سلطان فخر الدين هو، ۽ شيخ ريحاڻلقب فيض، فڪر ۽ فطرت جي خوشبوءَ جي علامت بڻيو۔ تاريخ ٻڌائي ٿي تہ پيدائش 5 شوال 531 ھجري ۽ وفات 638 ھجري ۾ ٿي، ۽ پاڻ 107 سالہ عمر پاتائون — جيڪا زهد، عبادت، تبليغ ۽ ولايت سان ڀرپور هئي۔

يمن کان سنڌ تائين. سلوڪ جي سفر جو داستان:

شيخ ريحاڻ پنهنجي اصلي وطن يمن جي بادشاھي کي ترڪ ڪري، پيرانِ پير عبدالقادر جيلاني جي خدمت ۾ آيا۔ اتان سلوڪ“ جون منزلون طي ڪري، خلافتحاصل ڪئي۔

پير صاحب جي وفات (575 ھ) کان پوءِ، سندن فرزند شيخ عبدالرزاق رح جي هٿان خرقہ خلافت حاصل ڪيو ۽ سندس حڪم سان اسلام جي تبليغ لاءِ سنڌ ڏانهن هجرت ڪئي۔

سنڌ ۾ اچي پاڻ لڪي (دادو) ۾ ڪجھ وقت قيام فرمايا، پوءِ موجودہ شيخ ريحاڻ ڳوٺ کي آباد ڪري، اتان روحانيت جو علم بلند ڪيو۔

سنڌ ۾ روحانيت جو مرڪز:

شيخ ريحاڻ جي اچڻ سان سنڌ ۾ تصوف جو هڪ نئون باب کوليو ويو۔ ھزارين طالبانِ حق، مريد ۽ عاشق ھتي اچي سڪون حاصل ڪندا ھئا۔ ملتان جا مشھور بزرگ شيخ بهاء الدين زڪريا ملتاني رح، قلندر لعل شهباز رح، ۽ بعد ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح بہ ھن درگاھ تي حاضري ڏيندا ھئا۔

شيخ ريحاڻ جي محبت ۽ ڪرامتن جا قصا ايترا تہ مشهور ٿيا، جو شاھ رڪن الدين ملتاني جي اچ وڃ سبب علائقو رڪن پورسڏجڻ لڳو، جيڪو بعد ۾ ٽنڊو حيدر جي تپي تائين تاريخي طور سڃاتو ويو۔

ڪرامت ۽ لقب جگري:

هڪ دفعي شهباز قلندر رح ۽ بهاء الدين ملتاني رح گوشت جي خواهش ڪئي، پر گوشت موجود نہ هو۔ شيخ ريحاڻ، محبت جي معراج ڏيکاريندي، پنهنجو جگر ڪڍي مھمانن آڏو پيش ڪيو۔ اها ڪرامت ڏسي، سڀ حيران ٿي ويا، ۽ انهيءَ ڏينهن کان پاڻ کي شيخ ريحاڻ جگري“ سڏيو ويو۔ جنهن وڻ هيٺ پاڻ اهو معجزو ڏيکاريو، اهو وڻ اڄ بہ درگاھ ٻاهران سڪل حالت ۾ موجود آهي، جيئن وقت جي گواهي ڏئي ٿو۔

اولاد ۽ خاندان جي روحاني خدمت:

 

شيخ ريحاڻ جي اولاد سنڌ، هندوستان ۽ ملتان تائين پنهنجي نيڪي ۽ فيض لاءِ مشهور ٿي۔ سندن فرزند شيخ دودو حقاني، قلندر لعل شهباز رح سان گڏ رهيا ۽ بعد ۾ صوفي سلسلي کي اڳتي وڌايو۔ شيخ ريحاڻ جي ٻن پٽن، شيخ يوسف ۽ شيخ هاشم، کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي پاڻ وٽ رکيو۔ شيخ هاشم، شاھ صاحب وٽ ڪتابت“ جو ڪم سرانجام ڏيندو هو، ۽ لطيف سائين کيس باغ جي بلبل“ جو لقب ڏنو۔ ٻنهي جون مزارون اڄ بہ ڀٽ شاھ تي موجود آهن۔

درگاھ جي تعمير ۽ مغلن جو احترام:

شيخ ريحاڻ رح جي درگاھ جو روحاني فيض ايترو تہ عام ٿيو، جو وقت جي بادشاه شاھ جھان بہ انهن لاءِ خاص عقيدت رکندو هو۔ سندن حڪم سان شيخ قطب جي مزار مڪلي جي نموني ۾ ٺاھڻ شروع ٿي، پر وصيت موجب درگاھ مٿان ڇت نہ اڏڻ جي سبب ڪيترائي ڪاريگر فوت ٿيا، ۽ شاھ جھان جي وفات کان پوءِ ڪم بيھي ويو۔ اهي ڪاريگر سڀ شيخ قطب جي مزار ٻاهران دفن ٿيل آهن — جيڪا صبر ۽ عقيدت جي علامت بڻجي وئي۔

روحاني ورثو ۽ اڄ جو پيغام:

شيخ ريحاڻ جي زندگي، علم، حلم ۽ سلوڪ جو اهڙو نمونو پيش ڪيو، جنهن مان محبت، خدمت ۽ خلوص جو سبق ملي ٿو۔ سندن خانقاه سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان پراڻي روحاني درسگاهن مان آهي، جتي الله جي ياد ۽ انسانيت جي خدمت گڏجي هڪ عظيم روايت بڻجي وئي۔ اڄ بہ شيخ ريحاڻ جي درگاھ تي ايندڙ هر زائر دل جي پاڪيزگي، روح جي تازگي ۽ ايمان جي مضبوطي سان واپس وڃي ٿو۔

سندن پيغام اهو ئي آهي تہ: ”محبت ئي راھ حق آهي، ۽ خلوص ئي قربِ الٰهي جو دروازو آهي.“

اختتاميہ:

سنڌ جو پيران پير، شيخ ريحاڻ علوي جگري رحہ، انهن هستين مان آهي، جن سنڌ جي ڌرتيءَ کي اوليائن جي ڌرتي بڻايو۔ انهن جو نالو رڳو تاريخ جو ورق نہ پر دلين جو ذڪر آهي؛ جنهن جي محبت سان هوائن ۾ سڪون، پاڪ زمين ۾ برڪت، ۽ هر در تي دعا جي روشني جلدي آهي۔


Previous Post Next Post