ڌرتيءَ جي گولي
مٿان، ماءُ جي محبت جو تصور هميشہ مقدس ۽ روحانيت سان ڀريل رهيو آهي، جڏهن لفظ ”جيجل
ماءُ“ جو ذڪر ٿئي، تہ اهو رڳو هڪ ماءُ جو نالو ئي نہ، پر
هڪ خاص شخصيت، محبت ڀريو احساس، هڪ
لازوال قرباني ۽ هڪ پاڪيزا، جذبي جو روپ
بڻجي اڀري ٿو.
ماءُ جي ھستي، اھا عظيم عورت آهي، جنھن
پنهنجي ٻارن لاءِ، پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ، ۽ پنهنجي عزت لاءِ سڀ ڪجهہ قربان ڪرڻ کان، ڪين ڪيٻايو يا ڪڏهن منهن موڙيو ھجي. سندس
جي اکين ۾ ھميشھ محبت جو سمنڊ ڇوليون پائيندو
آهي، ۽ گڏ دل ۾ اهڙو همت جو جبل، جيڪو
ڪنهن بہ طوفان آڏو نہ جهڪي. ماءُ
ئي ازل کان اھڙي ھستي رھي آهي، جيڪا پنهنجي اولاد جي حق ۾، انصاف لاءِ،
سچ لاءِ ۽ عزت لاءِ آخري دم تائين وڙهي آهي. سندس
جو روپ، ڪنھن عام دنياوي شخصيت سان ڀيٽ کان قطعي مٿانهون
رھيو آهي، پاڻ هڪ اهڙي علامت آهي، جيڪا
پنهنجي ٻار لاءِ دنيا جي هر ڏک ۽ تڪليف کي سهي، بہ اولاد مٿان پر خلوص، سچائيءَ ۽ شفقت وارو هٿ نٿي کڻي.
رب ڪريم پڻ، انسان سان سندس جي محبت جي ڀيٽا ماءُ سان ئي
ڪئي آهي. جنهن
مان ثابت آهي تہ ماءُ جو ذڪر
هڪ روشن ڏئي مثل آهي.
جيڪو
اونداهيءَ ۾ روشنيءَ پيدا ڪرڻ جو
ذريعو ھجي ٿو. ماءُ
جي
حقيقي زندگي اسان کي سيکاري ٿي تہ ماءُ جو روپ
رڳو پيار، پرواه ۽ دعائن تائين محدود ناهي، پر
اهو حوصلي، ايمان ۽ قربانيءَ جو نشان پڻ آهي.
ماءُ سان حقيقي تصور واري محبت جي رشتي کانپوءِ جڏهن جيجل جو چهرو تصور ۾ اچي ٿو، تہ اکين آڏو محبت ۽ ماٺ جو ميل ٿي پوي ٿو. سندس
جو نرم لهجو برڪت ڀريو، ۽ اثردار دعائن
سان ڀرپور ھوندو آهي، جيڪو شايد اھا طاقت پڻ
رکندو ھجي جو ھلندڙ وقت کي بہ روڪي سگهي. هوءَ
پنهنجي اولاد لاءِ نہ رڳو ھڪ ماءُ
ھوندي آهي، پر هڪ بھترين دوست، هڪ بھترين رهنما، ۽ مشڪلاتن
جي آھٽن ۾ هڪ الهام بڻجي پوندي آهي.
تاريخ ۾ سدائين جيجل ماءُ جو نالو هميشہ احترام سان ورتو ويندو، ڇاڪاڻ
تہ هوءَ ئي اسان کي سيکاري ٿي ته ماءُ جو روپ، انسانيت
جي سڀ کان وڏي عبادت پڻ آهي. جنھن ڪري ئي سندس ڏانهن مرڪي نھارڻ کي بہ حج جي برابر درجو ڏنل آهي. ”ماءُ
جو
روپ رب پاڪ جي رحمت جو حقيقي عڪس آهي.“

