عبدالواحد آريسر: ھِڪ انقلابي سوچ ڏيندڙ سرواڻ ـ اعجاز ممنائي


غلامي صرف سياسي اصطلاح نہ آهي، پر اها سوچ آهي، جيڪا انسان مان همٿ، ڪردار، اخلاق، جسماني ۽ ذهني صلاحيتون ائين ڪڍي وٺندي آهي، جيئن سِرنج انساني جسم مان رتُ ڪڍندي آهي. شڪستون لاوارث هونديون آهن مگر اسان بہ انهن جا ڌڻي آهيون. گُلن جي خوشبوءِ صرف نڪن تائين محدود ھوندي آھي ۽ مُڙس جي خوشبوءِ ملڪن تائين ھوندي آھي.“ اهڙن سوچن جي خالق سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم انقلابي ڪردار محترم عبدالواحد آريسر جو اڄ جنم ڏينهن آهي. سندس فڪر ۽ فهم آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ آهي۔ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو ۽ عبدالواحد آريسر هڪ ئي صف ۾ بيٺل فڪري ۽ نظرياتي اڳواڻ آهن توڙي جو آريسر جي شروعاتي سياست جيئڻ لاءِ انسپائيريشن هئي ۽ زندگي جو آخري ڏهاڪو ٽريجڊي سان ڀرپور هو. پيش امام کان قومپرست اڳواڻ تائين هن جي جيون سفر جي ڪهاڻي نہ رڳو رومانوي آهي، پر هو ساري حياتي سيڪيولر ۽ ترقي پسند انسان دوست رهيو. هن جي زندگي ۾ حقيقت جو هڳاءُ سج جي روشنيءَ وانگي چمڪندڙ نظر اچي ٿو. سندس تحرير ۽ تقرير دليلن تي مشتمل هوندي هئي جيڪا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي پاڻ ڏي مائل ڪري وجهندي هئي. سادگي ۽ سچائي جي انوکي روپ آريسر کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. سندن قلمي پورهيو اڄ بہ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ انقلاب جا رستا ڏيکاري ٿي۔ اڄ سنڌ جي شعور وٽ جيڪا مزاحمتي سوچ پلجي پئي ان ۾ آريسر جو اهو پيار ڀريو پورهيو شامل آهي، جيڪو هن ڏينهن رات هڪ ڪري پيش ڪيو. هن جي وجود ۾ ڏاهپ ۽ سهپ جو سنگم هو، هو ڪڏهن بہ پُرتشد سياست جو حامي نہ رهيو. هو سنڌ ڌرتيءَ جي اصليت ڏيکاريندي امن جي دامن کي دل سان لڳائي آجپي جي جنگ جوٽيندو اڳتي وڌندو رهيو. دليل ۽ دانائي جي واٽ تي هن جا ٻول ۽ قول اهو ثابت ڪندا رهيا تہ اڙانگن رستن تي راهي ٿي بہ مظلوم ماڻهن جو مددگار ٿي سگهجي ٿو. اسان وٽ کاٻي ڌر جي سياست اڃا تائين ڪامياب نہ ٿي سگهي آهي. ان جو هڪ سبب مخلصي نہ هجڻ بہ آهي، جنهن ڪري عوام جو اعتماد بحال ناهي ٿي سگهيو۔ هونءَ بہ اسان وٽ سياست هڪ ڪاروبار بڻجي ويئي آهي۔ جيڪو اڳواڻ پهريان ڪک پتي هجي ٿو سياست ۾ اچڻ کانپوءِ ٿوري عرصي ۾ لک پتيءَ کان ارب پتي بڻجي وڃي ٿو پر آريسر جو ڪکائون گهر ٻڌائي ٿو تہ هو انهيءَ ڪاروباري سياست جو ڪڏهن بہ حصو نہ بڻيو ۽ پنهنجي زباني چيائين تہ جڏهن پيٽ اچي دماغ ۾ ديرو ڄمائيندو آهي، تڏهن انساني ۽ انقلابي قدر ختم ٿي ويندا آهن..!

سنڌ ۾ جي ايم سيد جي فڪر کي پکيڙيندڙ ديش ڀڳتي جا سبق ڏيندڙ ھڪ بھترين مقرر تاريخ جي موضوع تي دسترس رکندڙ لفظن جو جادوگر ۽ تشبيھون ڏئي مجموعن تي سڪتو طاري ڪندڙ انقلاب ۽ آزاديءَ کي پنھنجو محبوب سمجھندڙ سڄي ڄمار سنڌ کي ارپي ڇڏي۔ ھن سياست کي گورک ڌنڌو نہ بڻايو پئسي کي دين ايمان نہ بڻايائين۔ ھن اصول ۽ آدرش جي ڪري سڄي عمر روزي ۾ گذاري .هن ٿر جي ٻاٻيھي جيل سختيون ۽ ڪوڙن کي پٺي تي سھي سنڌ ۽ سنڌين جي رهنمائي ڪئي۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ سندس پوئلڳ کيس پنهنجو عظيم اڳواڻ سمجهي سندس راه تي هلن ٿا۔ آريسر صاحب هڪ تقرير ۾ چيو هو تہ: سوشلزم اهو ڳڀ آهي جنهن جو ذائقو اڃا دنيا جي محڪوم قومن چکيو ئي ناهي. هو پنهنجي ڪتاب چانڊوڪيون ۽ چيٽ ۾ لکي ٿو: آئون مارڪسوادي آهيان. انهيءَ پوڙهي جرمن جي چرنن ۾ پنهنجو سيس ٿو نمايان، جنهن نظرياتي طرح محنت کي سرمايي کان وڌيڪ با عزت ۽ با وقار سڏي انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسڪين ۽ پورهيت کي اهو سيکاريو تہ هي ڪائنات جي خوبصورتي ۽ ان ۾ شين جي هي جوڙجڪ تنهنجن ئي هٿن ۽ ذهنن جو ڪارنامو آهي. ان ڪري هن دنيا تي حڪومت ڪرڻ تنهنجو ئي حق آهي، ڇو تہ تون گهڻائي ۾ آهين.“

موجودہ دور ۾ انقلابي اڳواڻن جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي ڇوتہ قومي تحريڪن مٿان جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سامراجي قوتن جو غلبو آهي، جيڪي اصل هدف کان هٽي مال گڏ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻن ٿا پر آريسر اهڙي سوچ کان هزارين ڪوه پري هو۔۔ آريسر جاگيردار سماج جي رجعت پسند روايتن کان بغاوت ڪري سياست کي عام ماڻهو وٽ کڻي ويو جتان کيس ڪافي پزيرائي ملي. سندس موجب جيڪڏهن ڪنهن تحريڪ يا فرد جا پنڌ ۽ پيچرا ڪنهن پير جي درگاھ تي کٽن يا ڪنهن جاگيردار جي اوطاق تي ڇيھ ڪن، تہ پوءِ اها تحريڪ هجي يا فرد، ائين ختم ٿي ويندو آهي جيئن روهيڙي جا رتا گُل ڪجھ وقت کان پوءِ ڇڻي ويندا آهن. توڙي جو آريسر صاحب جسماني طور اسان ۾ موجود ناهي پر سندس فڪر ۽ فهم هڪ مقدس ڪتاب جيان محفوظ آهي جنهن جي پيغام کي هيئين ۾ هنڍائي انقلاب جي واٽ وٺي سگهجي ٿي۔ سندس بقول ‏هڪ انقلابي ڪارڪن دنيا جو حساس ترين انسان هوندو آھي. جنهنجي اکين ۾ ڳوڙها ۽ دل ۾ گندي ماحول خلاف ٽانڊا هوندا آھن. انقلاب سمجهائيندي وري چيائين تہ توهان ضد جو نالو استقامت نہ رکو. استقامت، درياه جي وهڪري وانگر هوندي آهي، جنهن جو پاڻي ڪڏهن بہ گندو نہ ٿيندو آهي ۽ ضد دُٻي جي پاڻيءَ وانگر آهي، جنهن ۾ سينور ڄمي ويندو آهي. پهريون پاڻي ڪائنات ۾ نوان گُل پيدا ڪندو آهي ۽ پويون پاڻي مڇر پيدا ڪندو آهي. ساڳي حالت هڪ انقلابيءَ جي استقامت ۽ مُلي جي ضد جي هوندي آهي. ظاهري طرح ٻئي پنهنجي پنهنجي نظريي تي قائم هوندا آهن پر انقلابي، پنهنجيءَ سوچ ذريعي تخليق جا گؤنچ پيدا ڪندو آهي ۽ رجعت پسند، مڇر…!

Previous Post Next Post