”انساني نعمتن ۾، انمول آهي ڇا ڇا،
هڪڙي صحت سرير جي، ٻي عزت افضل آ.“
”جيءَ خوش تہ جهان خوش.“ انهيءَ سنڌي چوڻيءَ مان ظاهر آهي تہ انسان
جڏهن بيمار هوندو آهي تہ ان کي هن دنيا جهان جي ڪا بہ خوشي، خوشي بخشي ناهي سگهندي
۽ سندس هر پل انتهائي تڪليف ۽ اذيت ۾ گذرندو آهي۔ ڀلي تہ هو ڪروڙين روپيا بستري تي
وڇائي ان جي مٿان ڇونہ سمهي يا سندس بسترو ڪيترو بہ قيمتي يا آرام ده ڇونہ هجي پر پوءِ
بہ ان کي ننڊ نہ ايندي۔ ڀلي کيس ٻيون هزارين نعمتون ميسر هجن پر اهي کيس ڪو سڪون، سرور
يا خوشي ڏئي نہ سگهنديون۔ بيمار شخص کي نہ اولاد وڻندي نہ گهر واري وڻندي نہ ئي ڪنهنجي
ڪچهري يا صحبت مزو ڏيندي۔
اسان جي زندگي قدرت طرفان مليل عظيم، بيش بها، انمول تحفو،
نعمت ۽ امانت آهي، ان کي سنوارڻ، سينگارڻ ۽ بحال رکڻ فرض ۽ واجب آهي۔ چوڻي آهي تہ هڪ
صحت هزار نعمت. تنهنڪري صحت کي هر حال ۽ هر قيمت تي بحال ۽ بهتر رکڻ گهرجي، صحت کان
بغير سڀ خوشيون سڀ مزا بي معنىٰ، بي مزي ۽ اڌورا لڳندا آهن، صحت اگر هڪ بار بگڙي يا
خراب ٿئي ٿي تہ ان کي بحال ڪرڻ ڪافي مشڪل عمل ٿي پوي ٿو۔ کاڌي پيتي ۾ هٻڇ ڪرڻ يا گهڻو
کائڻ صحت کي خراب ڪرڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿو، تنهنڪري پوري پني ۽ متوازن غذا کائڻ گهرجي۔
بيماري اسان کي پنجن وسيلن يا ذريعن سان حملا آور ٿي سگهي ٿي، هڪ وات ذريعي ٻيو ساھ
ذريعي، ٽيون چمڙيءَ ذريعي، چوٿون خون ذريعي ۽ پنجون جنسي ميلاپ جي وسيلي۔ احتياط علاج
کان بهتر آهي، تنهنڪري جتي گردگبار ۽ ڌوڙ مٽي هجي اتي نڪ کي رومال يا ماسڪ سان ڍڪڻ
گهرجي يا تہ اهڙي ماحول ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ان دزيءَ سبب ساھ ۽ ڦڦڙن
جون بيماريون ٿي سگهن ٿيون۔
جيڪڏهن چمڙيءَ ۾ ڪو ڪٽ يا ٽڪو اچي وڃي تہ ان کي سڻڀي شئي مثلن ويزلين يا تيل
وغيرہ سان ڍڪي ڇڏڻ گهرجي۔ ضرورت هجي تہ پٽي ڪرڻ گهرجي۔ ڪڏهن بہ غير تصديق ٿيل خون نہ
چاڙاهڻ گهرجي۔ پنجون ذريعو آهي جنسي ميلاپ وسيلي۔ جيئن ايڊز يا ٻيون جنسي بيماريون
مثل سوزاڪ، آتشڪ، پيشاب جي ناليءَ جو ورم/ انفيڪشن وغيرہ اهي بيماريون جنسي ميلاپ ذريعي
ڦهلجن ٿيون۔ تنهنڪري پنهنجي گهرواريءَ تائين محدود رهڻ گهرجي۔ ذهني صحت کي برقرار رکڻ
لاءِ يوگا يا مراقبو ڪرڻ گهرجي۔ انهن ننڍن ننڍن احتياطن ڪرڻ سان اسان ڪيترين وڏين بيمارين
کان بچي سگهون ٿا، اڄ ڪلھ وري هاءِ بلڊ پريشر ۽ مٺن پيشابن جو مرض عام جام آهي، اهي
ٻئي بيماريون اڪثر ڪري گهڻي کائڻ (Over Eating) سبب ٿينديون آهن، يعنىٰ اهي اوور ايٽنگ جون بيماريون آهن،
تنهنڪري ضرورت کان ٻہ گرھ گهٽ کائڻ گهرجن، لوڻ ۽ کنڊ جو استمال تمام گهٽ ڪرڻ گهرجي۔
اهي ٻئي بيماريون موروثي بہ ٿينديون آهن، تنهنڪري جن جي والدين ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۽
ذيابيطس جو مرض هجي، انهن کي کاڌي پيتي جي سلسلي ۾ وڌيڪ احتياط ۽ ورزش وغيرہ ڪرڻ سان
انهن مرضن کان ڪافي حد تائين بچي سگهجي ٿو۔ هڪ ويلو وڌيڪ کائڻ سان سڄي عمر جو روڳ لڳي
سگهي ٿو تنهنڪري قدم قدم تي احتياط ڪرڻ بيحد ضروري آهي۔ صبح شام ڏندڻ ڪرڻ پڻ انتهائي
ضروري آهي۔ پنهنجو گلاس ۽ ٽوال الڳ رکڻ سان
بہ ڪافي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو۔ نيراني چار گلاس پاڻي پيئڻ پڻ اسان کي پنهنجي صحت
برقرار رکڻ ۾ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو ۽ ڪيترين ئي بيمارين کان بچائيندو آهي،
جسم هلڪو رهندو آهي، پيشاب کلي ايندو آهي۔ هلڪي ڦلڪي ورزش ڪرڻ سان گڏوگڏ پريشانين کان
پري رهڻ، کلڻ ۽ خوش طبيعت رهڻ بہ صحت لاءِ انتهائي ضروري آهي۔ چرٻيدار يا چڪنيون شئيون
يا اهي شئيون يا کاڌا جن ۾ ڪولسٽرول جو مقدار وڌيڪ آهي، انهن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔
اڄ ڪلھ تعليم عام هجڻ سبب هرڪو ڄاڻي ٿو تہ ڪهڙي شئي فائدي واري آهي ۽ ڪهڙي نقصاندہ
آهي پوءِ بہ صحت جي معاملي ۾ بي احتياطي ڪرڻ ڪنهن وڏي تڪليف ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿي ۽
پوءِ تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي واري چوڻيءَ جو عملي روپ ڌاريندي۔ ٻي چوڻي آهي تہ جيڪو
شخص فروٽن تي خرچ نٿو ڪري ان کي دوائن تي خرچ ڪرڻو پوندو آهي۔ هر ڦل فروٽ ۾ مالڪ سائين
ڪو نہ ڪو فائدو ۽ شفا ضرور رکي آهي تنهنڪري کاڌي کائڻ کانپوءِ تازن ميون جو استعمال
ڪرڻ گهرجي، خشڪ ميوا پڻ صحت کي قائم رکڻ لاءِ فائديمند آهن ڇو تہ اهي انساني قوت مدافعت
کي وڌائن ٿا۔ غذائي قلت يا ڪميءَ سبب بہ ڪيتريون ئي بيماريون ٿي سگهن ٿيون، مثلن ڳلهڙ،
هڏين جو ٽيڙو ٿيڻ، خون جي ڪمي، قد جو نہ وڌڻ، چمڙيءَ جو بي رونق ٿيڻ وغيرہ تنهنڪري
متوازن غذا کائڻ بيحد ضروري آهي۔ جان آ تہ جهان آ، ٿوري گرهين گهڻو کائبو آهي، ائين
نہ ڪرڻ گهرجي تہ هر ويلي کي آخري ويلو سمجهي حد کان وڌيڪ کائجي ۽ پوءِ ويهي پڇتائجي۔
صحت جي سلسلي ۾ ننڍڙي کان ننڍڙي بي احتياطي ڪنهن وڏي بيماريءَ يا تڪليف جو سبب بنجي
سگهي ٿي۔ تنهنڪري سوچڻ گهرجي تہ احتياط علاج کان بهتر آهي۔ صحتمند فرد گڏجي صحتمند
معاشري جو بنياد رکندا آهن، دائمي بيمار ماڻهو معاشري تي بوج برابر هوندا آهن۔ جيءَ
خوش تہ جهان خوش۔ ورنہ پورو جهان لڳندو پريشان بيحال ۽ بي مزي۔ ڇاڪاڻ تہ اندر جو جهان
ئي اسان کي خوشيءَ يا غم واري ڪيفيت ۾ مبتلا
ڪندو آهي ۽ انهيءَ ئي رنگ ۾ سارو جهان رڱيل محسوس ٿيندو آھي۔
”صحت سان دنيا ۾ رنگ
ورنہ بي رونق، بي رنگ
صحت ۾ پوشيدہ راحت،
هڪ صحت، هزار نعمت۔“