عورت ھميشہ
کان سماج جو ھڪ اھم جز رھي آهي جيڪا پنهنجي پاڻ کي مهذب، روشن
خيال ۽ ترقيءَ جي راه تي هلندڙ معاشري حصو پڻ بڻائيندي
آئي آهي، حقيقي
طور عورت سماج جي ھڪ اھڙي سگھ آهي، جنهن کانسواءِ
سماج جي حقيقي تعمير، ڪاميابي توڙي معاشي اڳڀرائي
نامڪمل مڪمل رھي ٿي. دنيا جي ڊگھي تاريخ مان
پڻ اھو ئي ثابت آهي تہ
جنهن
ملڪ اتي جي عورت کي تعليم ۽ روزگار سان گڏ سماجي برابري جا حق ڏنا آهن، اھي
قومون ئي اڄ جي دور ۾ مضبوظ معاشي ۽ سماجي سگھ بڻجڻ سان
گڏ سائنسي طور پڻ حيران ڪُن حد تائين ترقي جو معمار بڻيون آهن. ان
جي ابتڙ جنھن بہ ملڪي سماج
۾ عورت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي انهن جو نہ
نہ فقط اقتصادي ڍانچو ڪمزور ٿيو، پر
اھي مجموعي ترقيءَ ۾ پڻ پوئتي رهيا.
شروعات ڪجي
ھڪ ننڍڙي گھرو نظام کان جنهن نظام هلائڻ واري اصل ۽ سڀ کان اهم شخص عورت ئي ھوندي آهي. جيڪا
ڪنهن جي ڌي ھئڻ کان سان گڏ سڀاڳي زال، تہ
وري
ساڳي ئي وقت ڪنهن جي ماءُ ھئڻ سان گڏ هڪ ڀلوڙ رهنما جي صورت ۾ پڻ پنهنجو ڪردار
ادا ڪندي آهي. ھوءَ
صرف
گهرو ذميوارين تائين ئي محدود ناهي
ھوندي پر پنهنجي صلاحيتن جي بھتر کان بھتر منصوبابندي ڪندي رھندي آهي، ڇاڪاڻ تہ هو حقيقي طور قوت، صبر
توڙي محنت ۾ ڪنهن مرد کان ھرگز گهٽ ناهي ھوندي.
خاص ڪري جڏهن
ڪا عورت تعليم جي زيور سان سينگارجي ۽ پاڻ کي بااختيار بڻائي ٿي تہ
ان
سان سندس جي گهر جو معاشي نظام پڻ مضبوط ٿئي ٿي، ۽
جڏهن اھڙي طرح گهر مضبوط ٿين ٿا تہ ان سان ملڪ
جي معيشت پڻ پاڻمرادو مضبوط ٿي وڃي ٿي.
تعليم يافتہ عورت اڄوڪي سماج جي معاشي ترقيءَ جو بنياد
آهي. مطلب تہ
ڪنھن
بہ معيشت جي مضبوطي جو راز، اتي
جي عورتن مهارت، پروفيشنلزم ۽ فڪري آزادي موجود ھوندو آهي. جنهن
جو ڪردار ڪنهن هڪ فرد نہ پر ٻن نسلن
تي اثرانداز ٿيندو آهي.
بھتر تعليم
جي حاصلات سان عورت وڌيڪ ذميوار سماج جي جوڙجڪ ڪرڻ جھڙي بڻجي وڃي ٿي.
هوءَ سندس گھرو
حالاتن کي سمجهندي آمدني جا نوان ذريعا ڳولڻ لڳندي آهي جهڙوڪ گھرو ھنر واري ڪاريگري، جديد
دنيا جي گھرجن موجب آن لائن ڪم جي سکيا، تدريسي يا دستڪاري
سکيا جي حاصلات سان گڏ سندس جي نسلن تائين
پھچائڻ وغيرہ.
پڙهيل لکيل
عورت نت نون ڪاروباري تدبيرن کي اپنائي
ٿي، جنهن سان معاشي ڍانچي ۾ بھترين تبديلي ايندڙ ھجي.
اڄ جي جدت ڀري
دنيا ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندڙ تحقيق اھو ظاهر
ڪيو آهي تہ عورتن جي بھترين تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سڌي
طرح سندن جي ملڪي GDP ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿي.
گذريل ڪيترن
ئي ڏهاڪن کان عورتن جي معاشي ميدان ۾ شموليت دنيا
اندر نمايان نموني وڌي آهي. پوءِ اھو ڪاروبار ھجي، زراعت
توڙي سائنس، ٽيڪنالاجي جو ميدان ھجي يا ميڊيا، بينڪنگ
سان وابسطہ ڪم ھجن يا قانون عمل، سول سروسز يا
خاص ڪري صنعتن ۾ عورتن جو ڪردار صرف محنت تائين محدود ناهي رھيو، پر
اتي عورت سڌي طرح انتظامي، تخليقي، توڙي
رهنمائي ڏيندڙ شخصيت رھي آهي.
جنهن جو بھترين
مثال 1971ع ۾ اسان کان ئي جدا ٿيندڙ بنگلاديش
جي عورتن جو اتي جي صنعتن ۾ ڪم ڪري، ملڪي معيشت
کي عالمي سطح تي مستحڪم ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ پڻ وڏي
تعداد ۾ عورتون تعليم، طب، آءِ
ٽي جي شعبي کان سواءِ،
سماجي خدمتن، ڪاروبار ۽ صحافت ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪري
رهيون آهن.
ڳوٺاڻن علائقن
۾ عورتون فصلن جي پوک ڪرڻ سان گھر جي پالتو جانورن جي سٺي سار سنڀال ۾ اهم حصو وٺن
ٿيون، جيڪو ھر طرح سان بنيادي معاشي ڍانچي کي هٿي ڏيندڙ آهي.
ڪنهن بہ گهر جي معاشي نظام کي منظم رکڻ لاءِ عورت
وٽ فطري صلاحيتون موجود ھونديون آهن. جنهن ڪري ھوءَ محدود وسيلن ھوندي بہ بهتر نتيجا ڪڍڻ جي سگھ رکندي آهي. جھڙوڪ
روزمرہ، ھفتيوار يا ماھانا خرچن جي منصوبابندي، جنهن ۾ گھرو خوراڪ، صحت، ۽
ٻارڙن جي تعليم تي ايندڙ خرچ شامل ھوندو آهي.
ھوءَ گهڻو ڪري پنهنجي دانشمندي سان بچت ڪري گھرو
مالي ذميواريون پوريون ڪندي آهي، جيڪي اڳتي ھلي
ملڪي معيشت ۾ مٿان اثر وجھندڙ ثابت ٿينديون
آهن.
اڄوڪي دنيا
۾ دنيا عورتون جديد ڪاروبارن جو پڻ اهم حصو آھن. اھڙين
باڪمال عورتن جا ڪاروبار نہ رڳو سندن جي
آمدني جو ذريعو بڻجن ٿا، پر سماج جي
ٻين عورتن لاءِ پڻ روزگار جا موقعا پيدا ڪن ٿا. ڪنهن عورت جو ڪاروباري
سفر، حقيقت ۾ پوري معاشري جي معاشي طاقت ۾ اضافو آڻڻ
جو سبب بڻجي ٿو.
بدقسمتيءَ سان اسان وٽ اھڙين عورتن لاءِ ڪيتريون ئي
سماجي رڪاوٽون موجود آھن جن ۾ اول نمبر تي تعليم
تائين محدود رسائي تنهن کان پوءِ محفوظ ٽرانسپورٽ
جي کوٽ ۽ ڪم ڪندڙ ماحول ۾ سندن تحفظ جا مسئلا توڙي سندن لاءِ قانوني آگاهي جي کوٽ جو مسئلو اھم آهن.
ڄاڻايل سڀ رڪاوٽون
اھڙيون آهن جن سان نہ صرف عورت جي
فردي ترقي رڪجي وڃي ٿي، پر پوري ملڪ
جي معاشي ترقيءَ جي روڪ ۾ اثر وجهندڙ ھونديون آهن. عورت جو ڪردار ملڪي ترقيءَ
۾ ڪيترن ئي پهلوئن مان نمايان آهي. جھڙوڪ ملڪي مزدور
قوت ۾ اضافو ڪرڻڻ، غربت ۾ گهٽتائي
آڻڻ، نسلن جي ڀلائي شامل آهن.
عورت جو آمدني
۾ حصو ٻارن جي بهتر صحت سان گڏ سٺي غذا، سٺي تعليم
۽ مستقبل جي ڪاميابين تي پڻ مثبت اثر وجهندڙ ٿئي ٿي.
معاشي طور مضبوط
عورت سماج کي مثبت روين، امن ۽ ترقي
ڏي طرف وٺي وڃي ٿي. وقت ۽ حالاتن پٽاندڙ سوچ
۾ بھتري آڻڻ گھرجي تہ دراصل ملڪ جي
معاشي ترقي عورت جي شموليت کانسواءِ ناممڪن ئي
آهي. ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ: عورتن لاءِ تعليم جي حاصلات
کي آسان، لازم ۽ معياري
بڻايو وڃي. سندن لاءِ
روزگار
جا نوان موقعا پيدا ڪيا وڃن. سندن لاءِ محفوظ سفري سھولتون ۽ بھتر ڪم ڪندڙ ماحول
فراهم ڪيا وڃن.
جيڪڏهن رياست، سماج
۽ ادارا گڏجي عورت کي بااختيار بڻائين، تہ پوءِ معاشي ترقيءَ جو سفر نہ رڳو تيز ٿي سگهي ٿو، پر مستقل مزاج، مضبوط ۽ عالمي سطح تي قابلِ اعتماد پڻ بڻجي سگهي
ٿو.
ترقي يافتہ سماج ۾ عورت کي ملڪي معاشي ترقيءَ جو بنيادي
پٿر سمجھيو ويندو آهي. جتي عورت نہ رڳو گهر هلائي
ٿي، پر سماج کي هلائڻ جي حڪمت، بردباري، محنت
۽ ذميواري جي علامت سمجهي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ تہ جنهن قوم عورتن کي برابري جا موقعا ڏنا، انهن
ئي قومن ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪيون آهن. تنهن
ڪري ملڪ پاڪستان لاءِ پڻ لازمي آهي تہ
هو
پنهنجي عورتن کي رڳو گھرو ڪم ڪندڙ هٿ نہ، پر
فڪري، تخليقي ۽ معاشي طاقت طور قبول ڪري ۽ عورت کي سماجي اڳڀرائي ۾ ھٿي ڏي.

