سنڌو تهذيب جي قدامت ـ آزاد ابوبڪر ڇٽو

آثار قديمہ جي ماهرن قديم شهرن متان چڙهيل لٽ ۽ مٽيءَ کي هٽائي، ثقافتي ورثي کي پرکي، ان کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدت ڪئي آهي، هيل تائين جيڪي بہ آڳاٽا آثار مليا آهن. تن ۾ مئن جي دڙي جو تہ مٽ ئي ڪونهي جنهن مان لڌل شين مان پروپيو آهي تہ سنڌ جا ماڻهو عيسوي سن کان اڍائي هزار سال اڳ هڪ عاليشان ۽ سڌريل زندگي گذاري رهيا هئا.

ڀيرو مل آڏواڻي ڪافي ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻڌائي ٿو تہ، سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سڀيتا جو پايو پاڻ وڌو ۽ ٻين تان نقل نہ ڪيائون (ڀيرو مل آڏواڻي، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ 1980ع صفحہ 111)

مئن جي دڙي جي تهذيب جو بنياد جن ماڻهن وڌو انهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ، سرزمين سنڌ کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو سي الهندي وارن ملڪن مان  آيا هئا، انهن سنڌو درياه جي الهندي ڪناري واري ايراضيءَ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون سندن تمدن جي انتهائي ترقيءَ موهن جي دڙي واري تهذيب جي صورت اختيار ڪئي، (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ڇاپو پهريون، حيدرآباد سنڌ پاڪستان، 1962ع صفحہ 3)

ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي ٻڌائي ٿو تہ، موهن جي دڙي ۽ هاڙپا ۾ جي تازيون کوٽايو ڪيون ويون آهن تن مان پتو پوي ٿو تہ اڄ کان پنجن هزار ورهين کان بہ گهڻو عرصو اڳ سنڌ پنهنجي هنج ۾ هڪ اهڙي قديم تهذيب کي پرورش ٿي ڏني جا گهڻن ئي ڳالهين ۾ پنهنجي برادري وارين مصري ۽ عراقي تهذيبن جي ڀيٽ ۾ رونق، زيب زينت جي لحاظ کان جي وڌيڪ نہ هئي تہ بہ انهن جهڙي ضرور هئي (ڊاڪٽر ايس پي ڇٻلاڻي، سنڌ جي اقتصادي تاريخ، ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع صفحہ 19)

بدر ابڙو، ايڇ جي ويلس جي حوالي سان لکي ٿو تہ، سندس ڪتاب ۾ ٻہ نقشا ڏنا آهن، جيڪي دنيا جي پنجاه هزار ۽ پنجويهہ هزار سال اڳ واري جاگرافيائي صورتحال کي پڌرو ڪن ٿا، نقشن موجب پنجاھ هزار سال اڳ سڄي ميداني ۽ ريگستاني سنڌ، سڄو پنجاب، گنگا ماٿري ۽ ڳچ جيترو ڀارتي ٽڪرو پاڻيءَ هيٺ هئا، جڏهن تہ سنڌ جي اولهہ وارا اوچا جبل، ٺڪريون ۽ بلوچستان وغيرہ پاڻيءَ کان آجا هئا (بدر ابڙو، ماڻهو، ڇاپو پهريون نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1998ع،صفحہ 298)

قاضي مقصود لکي ٿو تہ سنڌو تهذيب دنيا جي ٽن وڏين تهذيبن مان هڪ آهي، هن تهذيب جو وڏو حصو برصغير يعني جنوبي ايشيا جي علائقي ۾ آهي، هن علائقي ۾ پٿر جي زماني جا آثار بہ نظر آيا آهن، مثلن مهرڳڙهہ جو دور7000 قبل مسيح، کان 25000 قبل مسيح تائين ٻڌايو وڃي ٿو، پاڪستان ۾سنڌو تهذيب جا 475 ۽ هندستان ۾925 قديم آثار موجود آهن جيڪي سنڌو تهذيب جا تسليم شدہ آثار آهن (قاضي مقصود، تلاش سنڌ. /اردو/, ڇاپو پهريون طالب المولااڪيڊمي هالا، 2021ع ،صفحہ 261-266ع

ائين کڻي چئجي تہ برصغير پاڪ و هند ۾ جيڪي چوڏهن سئو قديم آثار مليا آهن اهي سنڌو تهذيب جائي مڃيل آثار آهن.

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب اڄ کان پنج هزار سال اڳ تمام اوج تي هئي سندس عملداري بابل کان چئوڻي ۽ مصر کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ علائقي تي قائم هئي، ايتري وسيع علائقي تي هزارين آباديون هونديون جن جا نشان اڄ بہ موجود آهن جن مان موهن جو دڙو، چنودڙو، هڙپا وغيرہ مکيہ آهن، سنڌو تهذيب دنيا جي قديم تهذيبن ۾ڳڻي وڃي ٿي، (تاريخ هندو پاڪ، ڇاپو پهريون، ياد گار پبلشرز، 1985ع، صفحہ 6)

يوسف شاهين لکي ٿو تہ سنڌو ماٿريءَ جو مکيہ ۽ مرڪزي شهر موهن جو دڙو آهي ان جي کوٽائي مان جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن تہ 3500 قبل مسيح ۾ جڏهن سمير جا ماڻهو ڳوٺ ۽ شهر آباد ڪري رهيا هئا تن ڏينهن ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪپھ جي پوک ٿي ان مان ڌاڳو ٺاهيو ويو، ڪپڙي ٺاهڻ جون مشينون ايجاد ڪيون ويون ان ريت سنڌو ماٿريءَ ۾ دنيا جو پهريون صنعتي انقلاب آيو (يوسف شاهين، فاتحن جي دنيا، ڇاپو پهريون، سنگم پبليڪيشن ڪراچي، 1992ع،صفحہ 17)

مٿي سميري لوڪن جو ذڪر آيو آهي جن لاءِ اڪثر محققن جو چوڻ آهي تہ اهي ماڻهو سنڌ مان ٽپڙ کڻي عراق پهتا جتي هنن انساني تاريخ جي وڏي تهذيب کي جنم ڏنو، سندن شڪل سنڌي ماڻهن سان ملندڙ هئي انسان جيڪو پنج لک سالن کان دربدر بي گهر بيحال ۽ هجرت جي ورڇڙهيل هو، سميري ماڻهن انسان ذات کي پهريون ڀيرو شهري زندگي گذارڻ جو سڳر ڪڍي ڏنو ۽ انسان هڪ هنڌ ٿانيڪو ٿي، سک جو ساه کنيو، سميري ماڻهن پهريون ڀيرو واھ کوٽي، ڪئنال ڪڍي، اسڪول کولي زراعت جي فن کي اولين ترجيح ڏئي.




Previous Post Next Post