اجرڪ نمبر پليٽ جي توهين وارو معاملو ـ اعجاز ممنائي

جو نہ اجرڪ جي عظمت جو قائل هجي۔

منهنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل هجي۔

 تنهن کي چئو! منهنجي نگري مان نڪري وڃي..!!!

سنڌ حڪومت صوبي ۾ بدامنيءَکي روڪڻ لاءِ نمبر پليٽ متعارف ڪرائي جنھن تي اجرڪ جي پٽي لڳل آھي جنھن تي روشني پوڻ سان ھو رات ۾ به چمڪي ٿي  ۽ سي سي ٽي وي جي ڪيمرائن ۾ آساني سان اچي ٿي ۽ اُن موٽر سائيڪل يا ڪار جي سڃاڻپ ٿي وڃي ٿي.توڙي جو اهو تجربو حيران ڪندڙ به هو پر سرڪار جو موقف به عجيب لڳو ته ان عمل سان بدامنيء کي روڪي سگهجي ٿو۔ جولاء کان رائج ٿيل اهو قانون هن وقت تائين ڪيترا ڏوهاري پڪڙي چڪو آهي؟ ان کان سواء قوم کي اهو ٻڌايو وڃي ته نئون ٺاهيل قانون صرف ڪراچي لاء آهي يا سڄي سنڌ لاء آهي۔ هن وقت سموري سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال ڪا چڱي ڪونهي هر شهر توڙي ڳوٺ مان ڦر جون وارداتون ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي۔جنهن تي سرڪار جو ڪو توجه ڪونهي۔ نمبر پليٽ تي سياست ڪرڻ واري روش سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالھائيندڙن طرفان شروع ٿي ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيء تي زھر اوڳاڇيندا رهيا جنهن مان سنڌ ڌرتيءَ سان نفرت جي بوءِ اچڻ لڳي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ آفاق احمد سنڌي اجرڪ تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌي اجرڪ اسان جي ثقافت ناھي انڪري اسين سنڌي اجرڪ واري پليٽ نہ لڳائينداسين. ان کان سواءِ ڪراچيءَ جي مخصوص طبقي اھو چوڻ شروع ڪيو آھي ته پيپلزپاٽي سنڌين جي پارٽي آھي انڪري اھي اھڙا فيصلا ٿي ڪري، مگر حقيقت اھا آھي ته پيپلزپارٽيءَ جو وجود ئي لاھور ۾ پيو هاڻ جڏهن پنجاب مان پيپلز پارٽيء جو وجود ختم ٿيندو پيو وڃي تڏهن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ لاء پيپلز پارٽي ثقافت جو نئون کيل کيڏي رهي آهي ورنه پيپلز پارٽيء کي اجرڪ ۽ ٽوپيء سميت ڪنهن به ثقافتي شيء ۾ ڪابه دلچسپي ناهي انهن ثقافت جي نالي تي سنڌ اندر جيڪو ڪرپشن ۽ بدامنيء جو جيڪو ٻج ڇٽيو آهي ان سڄي سنڌ کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي۔

تازو جماعت اسلامي پاران گڏهن جي ڳچيء ۾ اجرڪ واري پليٽ وجهي جيڪو احتجاج ڪيو هو اهو عمل ڏاڍو ڏکوئيندڙ هو۔اهو احتجاج نمبر پليٽ خلاف نه پر دل اندر موجود سنڌي اجرڪ ۽ ثقافت واري دشمنيء جي باهه هئي جيڪا اچانڪ ڀڙڪي اٿي هئي کين سنڌين سان نفرت ۽ سنڌي ٻوليء سان نفرت جو اظهار هو جيڪو ظاهر ڪيو ويو، ان کان اڳ ڪراچي ۾ اجرڪ پل ڊاهڻ وارا منظر به سامهون هئا جنهن بابت چيو ويو ته اها ڊزائين غير ضروري هئي۔ اگر ائين ئي آهي ته پوء لکين روپيا خرچ ڇو ڪيا ويا۔ساڳي ريت سنڌي ڪلچر ڊي ملهائڻ تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان تشدد ڪرڻ، شاه لطيف بابت پروگرام ڪرڻ تي سنڌي ماڻهن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائڻ وارا ڪم وقفي وقفي سان ٿيندا رهيا آهن، هاڻي وري نمبر پليٽ کي نشانو بڻائي سنڌي ثقافت سان نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جڏهن مٿن تنقيد ٿي ٿئي ته چون ٿا کين اجرڪ سان نفرت ناهي پر هن جو نمبر پليٽ تي لڳائڻ سان تقدس پائمال ٿيڻ ڪري کين ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿئي ٿو جو پليٽ تي مٽي، گندگي لڳي ٿي ان ڪري اجرڪ خراب ٿئي ٿو ان ڪري هو اجرڪ کي پليٽ تان هٽائڻ جي گهر ڪري رهيا آهن، هاڻي هنن جي تقدس جو جائزو وٺجي تہ هنن پاڪستان ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي، هنن جناح کي ڪافر اعظم سڏيو هيو، وري پاڪستان ٺهڻ بعد وڏا محب وطن پاڪستاني بڻجي ويٺا آهن، هنن کي اجرڪ جي توهين تي ڏک ٿيو آهي، ته هنن کي مسجد ۽ جناح جي قبر جي توهين تي ڏک ڇو ڪونه ٿيو، اسلام آباد جي گاڏين جي رجسٽريشن تي پليٽ تي فيصل مسجد جي تصوير لڳل هوندي آهي، ڪراچيءَ جي نمبر پليٽ تي جناح جي قبر جو فوٽو لڳل هوندو آهي، پنجاب جي گاڏين تي ڪڻڪ جي ٻوٽي جي تصوير لڳل هوندي آهي، جيڪڏهن هو مسجد کي مقدس مڃيندڙ آهن ته مسجد جي تصوير هٽائڻ جي هنن گهر ڪڏهن ڇو ڪونه ڪئي آهي، پنجاب ۾ انسانن جي خوراڪ وارو ڪڻڪ جو ٻوٽو مقدس ناهي جو لکين انسان ان جي کائڻ سان زنده رهي رهيا آهن، جيڪڏهن قبرون سندن وٽ مقدس آهن ته جناح جي قبر جو تقدس کانئن ڇو وسريو ٿو وڃي، اچي اچي کين اجرڪ جو احترام نظر آيو ته مٽي لڳڻ ڪري اجرڪ جي پوزيشن خراب ٿي رهي آهي، اصل ۾ غير سنڌي جماعتن وٽ اجرڪ، سنڌي قوم، سنڌي ثقافت سان ساڙ رهيو آهي، جهڙي طرح ماضيءَ ۾ اوهان هوشو شيدي جو مجسمو ڊاهيو هيو، اوهان حيدر چوڪ جيڪو سنڌ جي مظلوم هارين جي ڀرجهلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منسوب هيو ان کي اوهان ڊاهي ڇڏيو، صدر ۾ ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جي نالي واري روڊ تان تختي توهان ميساري ڇڏي آهي، اوهان مير ڪرم علي ٽالپر، مولانا دين محمد وفائي سان گڏ ٻين ڪيترن ئي سنڌي هيروز جا نالا هٽائي ڇڏيا آهن، اسان اوهان جي من ۾ ويٺل چور کي سڃاڻي ويٺا آهيون۔ اوهان جي ڪرتوتن کي سموري سنڌي قوم ڏسي رهي آهي، اوهان ڪلچر ڏينهن تي اجرڪ اوڍيل معصوم ٻچڙن کي ماء ڀيڻ تي گاريون ڏنيون آهن، اوهان جي تعصب پرست نالائق سياستدان سنڌين جي ڪلچر کي گڏهن چارڻ وارن جو ڪلچر ڪوٺيو هيو، اڄ جو زمانو پراڻو دور نه رهيو آهي جو اوهان هر من مستي ۽ ٺڳي سنڌي قوم سان ڪندا رهيا هئا، اڄ سنڌي ماڻهو پنهنجي شهرن جي مالڪي ورائي وٺڻ لاءِ شهرن ۾ اچي رهيو آهي ته اوھان کي سنڌين جو وجود پسند نٿو اچي، روز اوهان جا حرامي ٻار سوشل ميڊيا تي ڪتي جيان سنڌين تي ڀونڪندا رھن ٿا پر سنڌين جي صبر اوهان کي ڪجھ ڪين چيو آهي،توهان پيپلز پارٽيء سان سياسي مخالفت ڀلي ڪريو پر سنڌ جي ثقافت سان ڇيڙڇاڙ نه ڪريو سنڌي ٻوليء جي بهتريء لاء اگر ڪو قدم نه ٿا کڻي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ ان خلاف بڪواس نه ڪريو۔سياسي مخالفت ۾ سنڌي قوم سان مزاڪون ڪرڻ ڇڏي ڏيو۔ ياد رکو جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي تيستائين سنڌ جي انگ انگ جي حفاظت ڪندو، اگر تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهيو ٿا ته سنڌ ۽ سنڌين سان نفرت واري سوچ کي ختم ڪريو ڇوته سنڌ سنڌين جي آهي ۽ ان طرف ميري اک کڻي ڏسندڙ سان مهاڏو اٽڪائڻ ايندو آهي۔ سنڌ جي ثقافت سان گستاخي ڪندڙ ٽولي کي ڪڏهن به سنڌي قوم معاف نه ڪندي .




Previous Post Next Post