تقيٰ ڪسريٰ شاه خسرو جو محل ـ صوفي رحمٰن علي

تقيٰ ڪسريٰ شاھ خسرو جو محل ايران جي ساساني سلطنت جي سڀ کان اهم تعميراتي باقيات مان هڪ آهي، جيتوڻيڪ ھاڻي ھي شاندار محلات پنهنجي آخري پساه پورا ڪري رهيو آهي، جنهن تي ساساني شاھي خاندانن 531ع کان 579ع صدي عيسوي تائين حڪومت ڪئي، ڪسريٰ دنيا جي سڀ وڏي محراب جي لاءِ مشهور آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ قديم شهر ڪيٽيسيفون ۾ تقيٰ ڪسريٰ شاهي محلات جي ڪمپليڪس جو وڏي ونگ وارو دروازو ھيو ٽيسيفون پارٿين سلطنت ۽ ساساني سلطنت جو شاهي گاديءَ جو هنڌ هو، اهو قديم ميسوپوٽيميا جي آخري دور جي عظيم شهرن مان هڪ هو. ان جي سڀ کان نمايان بناوت جيڪا اڄ بہ بچيل آهي اها ٽيسيفون جو وڏو محراب تقيٰ ڪسريٰ آهي

آرڪيالاجي ماھر جي اندازي مطابق تہ تقي قصرا جي تعمير ساساني بادشاه خسرو اول 550ع عيسوي ۾ پنهنجي ھڪ خاص اھميت واري شاندار تعميراتي منصوبي جي شروعات ڪرائي هئي، ھي تقيٰ ڪسريٰ جو يادگار محل پاڻ عمارتن، باغن ۽ صحن جو هڪ وسيع ڪمپليڪس هو، جنھن ڪيترين ئي پارسي شهزادن جي دعوتن جي ميزباني ڪئي، سياري جي موسم ۾ ساساني حڪمران ھن محل کي رهائش ۽ انتظامي مرڪز طور استعمال ڪندا ھئا، تقي قصرا جو ھي يادگار محل ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي ونگ وارو دروازو عراق جي ڪيٽيسيفون پرڳڻي ۾ دجلہ نديءَ جي ڪناري تي واقع آھي، ھن محل ساساني دور حڪومت ۾ سياسي ۽ ثقافتي مرڪز طور اهم ڪردار ادا ڪيو.

تقيٰ ڪسريٰ محل جي تعميراتي عجائبات ان جو يادگار محراب آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي برڪ آرڪ يعني وڏي ونگ وارو دروازو سمجهيو وڃي ٿو، ان جي اوچائي 121 فٽ، ويڪر ۾ 82 فٽ آهي پڪل سرن ۽ پٿرن ننڍن وڏن ٽڪرن جي تھن سان ٺهيل آهي، ھن جي نيري رنگ جي، تارن جي چمڪندڙ ڇت کي ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ تہ ھي آسمان جي ڀت آهي، هي وڏي ونگ وارو دروازي جي فني تعمير انجنيئرنگ ۽ ڊيزائن جو هڪ قابل ذڪر ڪارنامو آهي، پيچيدہ آرائشي عناصر سان اسٽوڪو نقاشي، وسيع ونگ، ۽ پيچيدہ نمونن سان محل جي مھاڙي کي سينگاريو ويو آھي، ھي عاليشان محل ساساني سلطنت جي شاهي، افسانوي انگ اکرن طاقت ۽ اختيار جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

عراق جي قديم پرڳڻي ڪيٽيسفون ۾ محلات جو ڪمپليڪس، بشمول تخت، خسرو، صدين کان ڪيترن ئي حملن ۽ جنگين جو شڪار رهيو، 15 ھجري، 637 عيسويءَ ڌاري عرب مسلمانن جي لشڪرن سعد بن وقاص جي ڪمان ھيٺ ساساني سلطنت تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ڏينهن رات حملن جي نتيجي ۾ ساساني سلطنت زوال پزير ٿي عرب خلافت جو حصو بڻجي وئي ۽ ان کان عرب حاڪمن جي بي ڌياني سبب  ساسانين سلطنت جون ڪيتريون ئي شاھي عمارتون محل باغ باغيچا ڪيترين ئي فني آرڪيٽيڪچرل تعميراتي آثارن جي خرانن ۽ قديم نوادرات کي نظرانداز ڪري موسمي تبديلي ۽ لٽيرن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو هو، گذريل دؤر کان موجود وقت تائين تقي قصرا، وڏي ونگ وارو محل جي قديم آثار کي بي ڌياني سبب گهڻو نقصان رسيو آهي، ھي قديم عظيم الشان عمارت ساسانين جي ماضي جي عظمت جو ثبوت آهي.

سڄي تاريخ ۾، تقيٰ ڪسريٰ محل جو مسافرن، شاعرن ۽ فنڪارن جي تخيل تي قبضو رهيو آهي، ان جي شاندار آرڪيٽيڪچرل ڊيزائن ۽ ثقافتي اهميت ان کي فارسي ورثي جي هڪ شاندار علامت ۽ نسلن لاءِ الهام جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، يونيسڪو طرفان ھن تقيٰ ڪسريٰ شاھ خسرو جي محل جي بحالي لاءِ ڪوشش ساراھ جوڳو عمل آهي، ھن قديم عالمي ورثي جي بحالي جي لاءِ دنيا جا ناميارا انجنئير ۽ ڪاريگر آرڪيٽيڪچر ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن.


Previous Post Next Post