آهي ننڍڙو نگر، ڄامشورو مگر،
آ وڏو پراثر...
ڄامشورو اسان جي پرين جو شهر
سنڌ جتي صديون پراڻي تهذيب، تمدن، ادب ۽ فڪر جو مرڪز رهي آهي. اتي ھي خطو علمي اوسر جو وڏو گهوارو پڻ
رهيو آهي. هتي قديم، موئن جي دڙي کان
وٺي جديد يونيورسٽين تائين، علمي سفر جي ھڪ ڊگهي تاريخ رهي آهي. جنهن جي ھر شھر ۽ اتي جنم وٺڻ واري شاعر
۽ اديب پنهنجي پاڻ، ادب ۽ فڪري ساڃاھي لاءِ خوب نڀايو ۽ مڃايو آهي. سنڌ جي تعليمي سرمائي ۾ ھتي جي ماروئڙن جي ٻولي، سنڌ جو ادب، ھتي جي پرڪشش ثقافت، توڙي جو موھن
جو دڙو کان اڄوڪي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيڪل شعبي ۾ سلسليوار ترقي
شامل آهي. جنهن ۾ ھيءَ ڌرتي ڪافي پٺ تي ھئڻ باوجود پنهنجي
علمي سفر ۽ ان جي اھميت کان ڪڏهن غافل ناهي رهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ پاڪستان جي علمي
ترقي، قديم توڙي جديد تحقيق، تخليق ۽ قومي شعور جي واڌاري ۾ بنيادي
ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هتي جو ھر شھر، ڪنهن نہ طرح، نہ صرف تعليمي مرڪزن طور شهرت جي بلندين تي
پھتو، پر سنڌي ادب، فڪر، شاعري ۽ علمي تحريڪن جي مضبوط پيڙھ پڻ
بڻيا.
سنڌ جي اھڙي قديم تاريخ، فڪر، علمي سرمائي ۽ ثقافتي سڃاڻپ
۾ جيڪي شهر ممتاز حيثيت رکندڙ آهن، انهن ئي مان ھڪ آهي. ”ڄامشورو“
جيڪو علمي، ادبي تاريخ جو
هڪ روشن نالو آهي. ھيءَ شهر، جيڪو سنڌو نديءَ جي ڪناري سان
گڏ، پنهنجي خاموش
عظمت سان بيٺل آهي، سو حقيقت ۾ سنڌ جي علمي ۽ تحقيقي ڪائنات جو مرڪز آهي. ڄامشورو کي ”درسگاهن جو نگر“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. جنهن جو سبب، ھتي جي هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا هر شاگرد، استاد، محقق ۽ علم دوست
شخص مڃڻي پوي ٿي.
ڄامشورو ھڪ اهڙو
تعليمي شهر آهي جتي سڄي ملڪ جا هزارين شاگرد علم پرائڻ، پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ ۽ سندن جي فڪري
سوچن ۽ تخليقن کي وسعت ڏيڻ لاءِ اچن ٿا. هتي موجود، درسگاهون فقط
علم ڏيندڙ، تعليمي ادارا
ناهن، پر اصل ۾ لکين
نوجوانن لاءِ فڪر ساز ڪارخانا پڻ آهن. هتي جي هوائن ۾ علم جي خوشبو، تحقيق جي جادو جيان ۽ نوجوانن جي اکين ۾ مستقبل جا خواب
چمڪائڻ وانگر نظر اچن
ٿا.
ڄامشوري شھر جي
خاص سڃاڻپ ۾ سڀ کان نمايان نالو ”سنڌ يونيورسٽي“ آهي. پاڪستان جي ٺھڻ کان، قائم ٿيندڙ هي يونيورسٽي ھن خطي جي سماجيات، فڪر، فلسفي، سائنس، ادب ۽ ٻين ڪيترن
ئي شعبن جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي. خاص يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريري علمي
خزاني سان ڀرپور آهي. جتي هزارين ڪتابن ۽ تحقيقن جي مطالعن سان
شاگردن کي فڪري تربيت ملي ٿي. يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ مختلف شھرن ۽
بر ٿر مان آيل شاگرد گڏجي اهڙو ماحول ٺاهين ٿا جيڪو نہ فقط علمي پر سماجي گڏجاڻين جو خوبصورت
مرڪز بڻجي پوي ٿو.
جڳ مشهور، سنڌ جي انجنيئرنگ
۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا سڏجندڙ ”مھراڻ يونيورسٽي“ پڻ ھن شھر ۾ ئي موجود آهي. جنهن اندر موجود جديد ليبارٽريون، ٽيڪنيڪل تحقيق جا مرڪز، جديد آرڪيٽيڪچرنگ
۽ ٽيڪنالاجي جا نوان رجحان هن درسگاھ کي عالمي سطح تي هڪ اهم مقام ڏيارين ٿا.
شھر جو ٽيون وڏو تعليمي مرڪز آهي ”لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽي“ جيڪا ملڪ ۽ خاص
سنڌ ۾ صحت جي شعبي کي نوان ڊاڪٽر ڏئي ٿي، پر گڏ ميڊيڪل سائنس جي تحقيق ۽ جديد علاج
۾ نمايان ڪردار پڻ ادا ڪري ٿي. جتي ملڪ جا ڪيترائي نامور ڊاڪٽر، سرجن، ليبارٽري اسپيشلسٽ ۽ پيرا ميڊيڪل پروفيشنلز، شاگرديءَ کانپوءِ فلاحي خدمتون پڻ ڏئي رهيا آهن.
ھي تاريخي شھر، نہ رڳو تعليمي ادارا جي ڪري ديسان ديس مشهور
آهي، پر ھي شھر سنڌ
جي ادب، تاريخ، تمدن، تهذيب ۽ ثقافت
جي حفاظت ڪندڙ ادارن جو ڳڙھ پڻ آهي.
جهڙوڪ ھتي موجود: سنڌالاجي، اتي جو ميوزيم، ثقافتي مرڪز، ادبي فورمز. جتان شاگرد، نہ فقط علم پرائين ٿا، پر سنڌي سڃاڻپ، روايتن ۽ فڪر
کي زندہ رکڻ جو درس پڻ حاصل ڪن ٿا.
ھي هڪ اهڙو شهر آهي، جتي جي هر شام، نوان خواب جنم
ڏيندڙ آ. انساني ذهن کي
وسيع ڪرڻ لاءِ جيڪا فضا گهربل ھوندي، سا پڻ ھن شھر ۾ فطري طور موجود آهي. ھتي جي مختلف ڪئنٽينن ۾ شاگردن جا بحث
مباحثا، شام جي هوا ۽
چانڊوڪي ۾ هاسٽلن ۾ ٿيندڙ
علمي گڏجاڻيون، توڙي جو لائبريرين جا خاموش گوشا، سڀ گڏجي هڪ اهڙي
علمي فضا ٺاهين ٿا جيڪا پوري ديس اندر، ٻئي ڪنهن بہ هنڌ گهٽ ئي ملندي. ھتي موجود، ڪيمپس ۽ انهن
اندر ٿيندڙ اسٽيڊي پروگرام ۽ مختلف علمي تبديليون، ڄامشوري کي دنيا
جي تعليمي شھرن ۾ نمايان مقام جي پھچ ڏين ٿا.
ڄامشورو سنڌ جي
تعليمي جاڳرتا جي اميد آهي. ھن شهر جي درسگاهن مان جيڪي نوجوان نڪري
زندگيءَ جي ميدانن ۾ وڃن ٿا، سي ئي وڃي، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، ليکڪ ۽ دانشور
بڻجن ٿا. جيڪي اڳتي ھلي قومي فڪر جا معمار بڻجن ٿا.
ھي شهر سنڌ جي، نوجوانن لاءِ
اميد جو مينار ھئڻ سان گڏ، ملڪي، علمي سرمايو ۽ انسانيت لاءِ سماجي، ادبي روشني جو
ذريعو پڻ آهي.
”درسگاهن جو نگر“ سڏجڻ واري ھي زمين اڄ بہ سالن کان ساڳي عظمت سان بيٺل آهي ۽ انشاءالله
مستقبل ۾ پڻ سنڌ جي تعليمي تاريخ جا نوان باب لکندي رهندي.

