جيئن ته مونکي
27 ڊسمبر تي صبح جي وقت دل جي تڪليف محسوس ٿي ان سلسلي م مان نوشهروفيروز جي مشهور
ڊاڪٽر حاڪم علي جوکيو جي ڪلينڪ پهتس جتي ڊاڪٽر صاحب منهنجو چيڪ اپ ڪرڻ کانپوءِ جلد
کان جلد اي سي جي ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ۽ اهو پڻ چيائون ته مهرباني ڪري پنڌ نه ڪجو منهنجي
خيال ۾ ته ڊاڪٽر صاحب منهنجي بيماري کي سمجهي چڪو هو بس صرف تسلي ڪرڻ لاءِ اي سي جي
ڪرائڻ جو چيائين. ٻي ڳالهه ٻڌائڻ وسري وئي ته جنهن وقت ڊاڪٽر صاحب منهنجو بلڊ پريشر
چيڪ ڪيو ته تمام گهڻو وڌيل هو۔ خير مان رڪشا ۾ چڙهي سول اسپتال نوشھرو فيروز پهتس جتي
اي سي جي ڪرائي ان ۾ خبر پئي ته دل جو ميجر اٽيڪ ٿيو آهي ان دوران مون پنهنجي شاگرد
۽ سوٽ ڊاڪٽر شاهنواز وسطڙو سان مشورو ڪيو جنهن فوري طور تي مونکي سيوهڻ وڃڻ جو مشورو
ڏنو ۽ اهو سختي سان چيو ته ڏهن منٽن ۾ اوهان نوشهروفيروز مان نڪري وڃو سندس مشوري تي
عمل ڪندي تڪڙ تڪڙ ۾ سيوهڻ لاءِ نڪري پياسين. رات جو تقريبن ڏهين بجي اين آئي سي وي
ڊي سيوهڻ پهچي وياسين کين نوشھرو فيروز اسپتال جو ريفر ليٽر ۽ اسد ليبارٽري مان ڪرايل
ٽيسٽ ڏيکاري جيئن ئي اين آئي سي وي ڊي جي عملي منهنجو رپورٽون ڏٺيون بس سيڪنڊن ۾ منهنجي
ڪار تائين اسٽريچر ڪاهي آيا ان ۾ ويهاري مونکي بيڊ تي پهچايو جلدي جلدي ۾ رت جون تيسٽون
۽ اي سي جي به ٿي وئي بلڊ پريشر جو پٽو لڳائي ڪمپيوٽر سان ڪنيڪٽ ڪيو ويو جنهن کي عملو
مانيٽر ڪندو رهيو.
مون جڏهن اين آئي سي وي ڊي ۾ موجود سهولتون ڏٺيون
ته يقين ڄاڻو ته مان حيران ٿي ويس جڏهن هر طرف پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت خلاف ڪرپشن
جون ڪهاڻيون عروج تي ھجڻ اتي غريب عوام لاءِ جديد سهولتن سان آراسته هڪ بهترين انسٽيٽيوٽ
سنڌ لاء ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ نئون هو اهو به هڪ اهڙي صوبي
۾ جتي ڪرپشن جو ذڪر هر عام خاص هجي.
خير اچون ٿا
اصل ڪهاڻيء تي ته مونکي سموري رات آبزرويشن
۾ رکڻ کان پوءِ آچر 28 ڊسمبر تي دل جي سرجري ڪرڻ لاءِ چيو ويو ان کان پھريان ٻيهر منهنجون
سڀ ٽيسٽون ڪيون ويون جن جو تعداد لڳ ڀڳ ڏھ جي قريب هوندو جنهن ۾ شگر ٽيسٽ، گردن جي
ٽيسٽ، هيپاٽائيٽس جي ٽيسٽ هيموگلوبن سي۔بي۔سي وغيره شامل هيون ان کان پوءِ منهنجو بلڊپريشر
چيڪ ڪري ڏھ کان مٿي گوريون هڪ ئي وقت کارائي مونکي اسٽريچر تي سمهاري او ٽي ۾ پهچايو
ويو جتي ٻه ڊاڪٽر ۽ چار کان پنج ٽيڪنيشن اڳئي موجود هئا۔ ڳالھ کي کٽائڻو ته تقريبن
ٽي ڪلاڪ تائين منهنجي سرجري جاري رهي پهريائين اينجيئوگرافي ڪئي وئي ان کانپوءِ اينجيئوپلاسٽي
ڪئي وئي.اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پهريائين مونکي 10CC جون انجيڪشنز
لڳايون ويون
اينجيئوپلاسٽي
جو مطلب آهي ته منهنجي ساڄي ٻانهن جي رڳ مان ٽي عدد تارون ڪراس ڪرائي دل جي بند ٿيل
نالين تائين پهچايو ويو جيڪو انتهائي تڪليف ڏيندڙ عمل محسوس ٿي رهيو هو ۽ اهو سمورو
پراسز مان ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ڏسي رهيو هيس جيڪو تمام عجيب منظر پيش ڪري رهيو هيو.
ان دوران مونکي ڊاڪٽر صاحبان چيو ته توهان درود شريف جو ورد ڪندا رهو ۽ پريشان نه ٿيو الله پاڪ شفا ڏيڻ
وارو آهي. خير ڊاڪٽرن جي وڏي جدوجهد سان منهنجا ٽئي وال کلي ويا جن اسٽينڊس لڳايا ويا
۽ مونکي مبارڪون ڏئي او ٽي کان ٻاهر آندو ويو. ان سموري عمل ۾ منهنجو ٻچڙو شاهزيب ضمير
اتي ٻاهران انتهائي پريشاني واري صورتحال ۾ منهنجي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو جڏهن
مونتي نظر پيس ته سندس اکين مان مون کي خوشي جي چمڪ نظر آئي جلدي جلدي اچي منهنجي مٿي
تي هٿ رکيائين خوشي سندس چهري تي عيان هئي. مونکي بيڊ تي شفٽ ڪيو ويو ۽ وري اي سي جي
ڪئي وئي ۽ ٻيون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون هن سموري روداد جي لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته
مان پيپلزپارٽي جي حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگيء تي مايوس آهيان پر جيڪو صحت جي حوالي
سان سنڌ ۾ ڪيو آهي اهو ڪنهن ٻئي صوبي م نظر ڪونه ٿو اچي. ها روڊ رستا ٺهيا آهن ٻين
صوبن ۾ پر سڀ کان پهريائين انسان جي صحت هوندي آهي اگر اوهان جي صحت صحيح آهي ته اوهان
کي هر شيء مزو ڏيندي آهي تڏهن ته چيو ويندو آهي ته ”جيء خوش ته جهان خوش“.
هاڻي اين آئي
سي وي ڊي سيوهڻ جي عملي جي ڪارڪردگي تي اچون ٿا. مونکي اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿو
لڳي ته هتان جو عملو انتهائي بااخلاق هر وقت موجود رهڻ وارو اگر مان ائين چوان ته پنهنجي
گهر جي ڀاتين کان وڌيڪ خيال رکن ٿا ته غلط نه ٿيندو. سرجري کانپوءِ چوويهه ڪلاڪ پنهنجي
نگراني هيٺ رکي مونکي عزت احترام سان اجازت ڏني وئي ۽ بار بار اها تلقين ڪندا رهيا
ته سائين پنهنجو خيال رکجو دوائون وقت تي استعمال ڪندا رهجو کائڻ پيئڻ جو خاص خيال
رکجو.
خير سان اسپتال
مان نڪري گهر لاءِ روانا ٿياسين مون سان گڏ منهنجو ڀاءُ بشير حسيني وسطڙو، نويد
احمد وسطڙو ياسر عرفات وسطڙو ۽ منهنجو فرزند شاهزيب پڻ گڏ هئا. هن سموري ڪهاڻي لکڻ
جو مقصد صرف اهو آهي ته مان سنڌ م اهڙي وڏي نعمت ڏيڻ تي پيپلزپارٽي جي سرڪار کي خراج
تحسين پيش ڪيان ٿو اهڙا صحت جا ادارا سنڌ ۾ قائم ڪري هنن غريب عوام کي جيڪا سهولت ڏني
آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال ڪونه ٿو ملي. بغير سفارش بغير هڪ روپئي جي خرچ ڪرڻ
جي هيڏي وڏي سهولت ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي. آخر ۾ مان سنڌ حڪومت کي عرض ڪندس ته نوشهروفيروز
م پڻ اهڙو انسٽيٽيوٽ قائم ڪري هتان جي ماروئڙن کي به اها سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي ڇوته
صحت هزار نعمت آهي ۽ اها نعمت هر انسان جو بنيادي حق آهي۔

