ڪاش اي عورت! ـ حسنين سولنگي

اڄُ جڏھن گھنگھور گھٽائن ۽ ڪارڙن ڀورڙن بادلڙن، آڪاش ۽ ڌرتيءَ جي فضا کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي خوشگوار بڻايو آھي ۽ موسم کي حَسين رنگيني، دلفريبي ۽ دلڪشي ارپي خوبصورتيءَ جو عَظيم چترڪار مڃڻ تي دل سان اقرار ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، تنھن وقت ان پُرلُطف ۽ خوشگوار موسم برعڪس منھنجي زندگيءَ جي رنگيني بي رنگ ۽ بي ڪشش جي اونداھيءَ ۾ گھيريل آھي. منھنجي دل جي موسم خوشگوار بجاءِ نا خوشگوار ھئڻ تي ماتم ۾ مبتلا آھي ۽  منھنجو روح سندس ۾ دلڪشي وڃائڻ سبب لُڙڪ لاڙي ٿو پيو.

اڄُ منھنجو وجود ۽ موسم ھڪٻئي جا متضاد بڻيل آهن، تنھن ھوندي بہ ھڪَ ڳالھ ۾ سندن مشابھت آھي ۽ اُھا اِھا تہ ڪَڪَرَن منجھان آب جون قطارون ۽ منھنجي اکين منجھان لُڙڪن جون لارون پر انھن ۾ بہ ھڪ تضاد، ڪڪرن جي آب قطارن جا قَطرا زمين جي سيني تي پئجي کيس سڪون ۽ ٿڌاڻ بخشي سندس منجھ جذب ٿيو وڃن ۽ منھنجي اکين جي لڙڪن جِي لارُن جا ڦُڙا منھنجي وجود کي بي سڪون ڪندي ۽ جلائي، ڳَلن تان وَھندي، ويپرس (بخار) بڻجيو اڏامي ٿا وڃن.

اي منھنجي دلڪشي، رنگيني ۽ خوشگواري جا ڪارڻ! اَڻڄاڻ تہ تون بہ ڪِينَ ھوندين، ياد تہ توکي بہ ھونديون، برسات جي ڪَڻينِ ۾ پنھنجيون حَسين رشڪ ڀريون ملاقاتون، خوشيءَ ڀريا ٽَھڪ ۽ پنھنجون مُسڪراھٽون ۽ انھن مُسڪراھٽن، ملاقاتن ۽ ٽَھڪن ۾ پنھنجي لاحَد پيار جا قاصد پکيئڙا، جي تو مون وٽ قُربتن جا سَنيھا نِيو تنھنجي منھنجي چھري تي مُـرڪ وکيريندا ھئا ۽ ھاڻِ برسات جون ڪَڻيون ۽ ڪارونڀار تہ آھن پر اُھي لمحا اڻلَڀ آھن ۽ موجود آهن تہ بس فقط اڄُ جون سڀ کان وڏو ڏک بڻيل گذريل ڏينهن جون خوبصورت يادون.

چوندا آهن ۽ اِها ھڪَ حقيقت پڻ تہ عام ماڻھو ڏُک ۾ پيو ڳرندو ۽ پڄرندو آھي ۽ ھڪ تخليقڪار پنھنجي ڏُک ۽ غم کي پنھنجي تخليق ۾ سَمائي، ڏُک ۽ غَم کان ڪافي حد تائين آجو ٿي ويندو آهي.

آءٌ بہ ڪافي ڪوشش ڪَئي تہ تنھنجي ڏِنل ڏُک کي پنھنجي ڪنھن ناقص سرجڻھاري ۾ سَمايان. ڪافي جَتن ڪيم پر ايئن ٿي نہ سگھيو ۽ سمجھ ۾آيو تہ جي آءُ تخليقڪار ھجان ھا تہ ڏُک کي پنھنجي ڪنھن تخليق ۾ اوتي ڇڏيان ها پر آءٌ بہ ھڪ عام شخص آھيان جيڪو ڪڏهن ڪڏهن فقط ڪجھ گھڙي لفظن ۽ خيالن ساڻ راند کيڏندو آھي يا کڻي ائين چئجي تہ لفظ ۽ خيال ساڻس راند ڪندا آھن.

برسات سان گڏ لڙڪ لاڙيندي اڄُ پنھنجي ۽ لفظن ۽ خيالن جي وچ ۾ راند ھلندي ڪيئن لکان تہ اي محبوب! تون ئي پنھنجي جدائيءَ سبب منھنجي بي رنگيني، اڻ دلڪشي ۽ ناخوشگواري جو سبب بڻيل آھين. ڪيئن اھو لمحو بيان ڪيان جڏهن تو چيو ھو تہ مونکي معاف ڪجانءِ، آءُ وقت ۽ حالتن جي ھٿان مجبوري جي زنجيرن سان جوڙيل پڃري ۾ قيد آھيان ۽ مونکي وِساري ڇڏجانءِ ۽ ان وقت تنھنجي چيل لفظن منجھان ڪجھ حقيقتون ذھن جي سرزمين منجھ اڀريون تہ اي عورت! تون ھميشہ مجبوريءَ جو سھارو وٺي، جدائيون ڪري اذيتون ڏيندي آھين ۽ تو ڪڏھن اھو بہ ناھي سوچيو تہ مان جنھن کي اوچتو ايترو ڏُک ڏيو ٿي وڃان، ان ڏک ۽ حالت ۾ کيس مونکان سواءِ ڪو سنڀالڻ وارو آھي؟؟ ڇا مونکان پوءِ ئي زندگي جِي سگھندو پر اي ڀرم ٽوڙيندڙ عورت ٻُڌ! اھو شخص جيئرو ئي ناھي رھندو ۽ فقط ساھ کڻي زندگي گذارڻ جي رسم ادا ڪندو آهي ۽ فقط ساھ کڻڻ زندگيءَ جيئڻ جو نالو ٿوروئي آھي.

ڪرشن چندر سچ چيو آھي تہ عورت ھميشہ گڏھن سان عشق ڪيو آھي.

اي عورت! ڪاش تون ڪنھن لاءِ اکين مان لڙڪن جي لارن بدران ڪڪرن جون آب قطارون بڻجي ھان.

اي عورت! ڪاش تون ڪنھن جي سچي محبت ۽ احساسات کي سمجھين سگھين ھا.

ڪاش اي عورت!

ڪاش اي عورت!

Previous Post Next Post