دل مان نڪتل درد ۽ فرياد ـ حسنين سولنگي

 (سال 2022ع ۾ سنڌ ۾ تباھي آڻيندڙ بارشن جي دوران لکيل تحرير)

پيارن جي اڻکٽ خوشين ڀريي لا مثل ۽ روح ريجھائيندڙ پيار ۽ محبوبن جون محبتون ساڻ ھئڻ باوجود اڻڄاڻ بيچينيءَ ۽ تڪليف جي پئسفڪ سمنڊ ۾ غوطا کائيندي وڃي، سندس اونھائيءَ ۾ گمنام بڻجي انتھا جي اداسيءَ ۾ گھيرجي وڃڻ واري ڪيفيت ڪيتري نہ اذيتناڪ ۽ روح رنجائيندڙ ھوندي آھي. ڪاش ڪو ڄاڻي سگھي!

زندگيءَ ۾ اڪثر ائين بہ ٿيندو آهي جو پنھنجو ڪجھ غم ڳوڙھن ۾ اوتي کين اکين ذريعي پنھنجي وجود کان الڳ ڪرڻ تي دل چوندي آهي پر ائين ٿي ناھي سگھندو ۽ ڳوڙھا اکين جا بند ٽوڙي ٻاھر اچي ناھن سگھندا. ڪڏھن ائين بہ ٿيندو آهي جو ڳوڙھن کي پاڻ وٽ قيد ڪرڻ چاھيندا آھيون پر ھو مائبومين غدودن مان نڪرندڙ رطوبت جي ٺاھيل ڪمزور تھ کي ٽوڙي فرار ٿي ويندا آهن.

اھي ٻئي ڪيفيتون اذيتناڪ آھن. جيڪو شخص انھن ڪيفيتن مان گذريو آھي، سو چاھيندي بہ سندن اذيتناڪ درد بيان ڪري نٿو سگھي.

انھن ٻنھي ڪيفيتن کان بہ اڃان وڌيڪ جيءُ جهوريندڙ ڪيفيت اھا آھي جڏھن اوھان رڙيون ڪري ڪجھ چوڻ، پنھنجا ڏک بيان ڪرڻ چاھيندا ھجو، لڇڻ چاھيندا ھجو ۽ لفظ اوھان جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پنھنجو وجود ۽ اثر وڃائي ڇڏيندا آھن ۽ فضا ۾ پکڙجي پنھنجي منزل تائين پھچڻ سندن نصيب ۾ نصب ٿيل ناھي ھوندو.

ان ڪيفيت ۽ ان جي اظھار ۾ ھڪ دلفريب مشابهت بہ آھي تہ ان ڪيفيت ۽ ان جي اظھار ۾ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي زبان ۾ لرزش تہ پيدا ڪندا آھن پر چپن جا بند ٽوڙي اڳتي وڌي ناھن سگھندا.

اڄ انھيءَ ڪيفيت منجھان گذر آھي ۽ آھ! ڪيڏي نہ اذيت آھي ۽ ڪيڏو نہ ھلڪڙو سرور آھي ان اذيت جي ٿورڙي حصي کي ڳوڙھن ۾ منتقل ڪري کانئن آجو ٿيڻ جو!.

اڄ غمخوار ساٿي، جيڪي ھر پل ساٿ ڏيندا آهن سي موجود آهن ۽ جي کين منھنجي ھن ڪيفيت جو پتو پوي تہ زمين آسمان ھڪ ڪري بہ مونکي ان اذيت مان آزاد ڪرائڻ جا جتن ڪندا. اھي پيارا، روح رھاڻا ساٿي پنھنجي چھري تي تبسم جو ٽڙيل ڪنول سجائي، پنھنجي سپنن جي ساڀيان سيني ۾ سانڍي، انھن جي حاصلات لاءِ سندن منزل طرف ويندڙ پيچرن تي مسافر بڻجي گامزن آھن ۽ آءُ نٿو چاهيان تہ انھن جي چھري تي ڏک جا ڪارا ڪڪر ڇانئجن ۽ انھن جي مسافرت ۾ ھڪ قدم جو بہ رخنو پوي. بس انھن لاءِ اڻمئي خوشين جون دعائون ۽ ڌڻيءَ در ڪاميابيءَ سان سندن سپنن جي ساڀيان لاءِ عرض!

ذھن جي گھڙيال جي سوچڻ واري سُئي ساڪن ٿي وئي آهي ۽ ان جي ساڪنيت سبب سمجھ ۾ نٿو اچيم تہ اڄ ھيءَ ڪيفيت ڇو؟!؟

شايد زندگيءَ جا پراڻا روڳ نئين سر روڳڻ جي ڪوششن ۾ جنبيل آھن ۽ پراڻا زخم تازا ٿيڻ لاءِ آتا آهن. شايد پراڻين يادن جي وڪوڙ اڄ جي ھن اذيتناڪ ڪيفيت جو سبب آھي ۽ ان يادن جي وڪوڙ منھنجي سوچ کي وڪوڙي ڇڏيو آهي.

شايد ان ڪيفيت سبب نڙيءَ ۾ اٽڪي گمراھ ٿي رستو ڀلجي ويل لفظن جي پڙاڏي ۾ منھنجي سنڌڙيءَ جي داستانِ درد جي شڪل جو خاڪو سمايل ھو ۽ آواز ھو تہ:

منھنجي ڌرتي، اھنجا ڏکڙا

منھنجي سنڌ لاءِ سُور سَوايا

مالڪ تو وٽ ڪيڏانهن آيا

منھنجي سنڌ لاءِ سُور سَوايا!

شايد ان لفظن ۾ منھنجي بي گھر ٿي ويل، مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان ماروئڙن جي سڄي حياتيءَ جي حاصل، ھڪ ننڍڙي گھر جي اجڙي وڃڻ جو درد ھو.

شايد اھي لفظ تاريخ جي انتقام ۽ سندس پاران ظالمن جي منھن تي لڳايل چماٽ جي آواز جي گونج سان پُر ھئا ۽ قلم تي ڪنڊم چاڙھي سرڪاري سچ لکندڙن جي مئل ضمير تي سراپا ماتم ھئا.

يا شايد انھن لفظن ۾ خدا کان بارش جي پاڻيءَ ۾ لوڙھي ڪري منھنجي محبوبن، منھنجي ڪتابن جي قتل جي شڪايت ھئي. ھا ڪتاب منھنجا محبوب، جيڪي اڪيلي جي عياشي آھن. سائين عبدالواحد آريسر صاحب چواڻي سندن لذتون حَسين چھرن کي چمڻ کان وڌيڪ بھتر آھن. ڪتاب، جيڪي اھڙا محبوب آھن جي ڪڏھن بہ بيوفائي ناھن ڪندا.

ڪيڏو نہ درد ۽ ڪيڏي نہ ڪربناڪ ڪيفيت ھئي کين پاڻيءَ ۾ ٻڏندو ڏسڻ الا!. ڪيئن نہ سندن ورق جدا ٿيا ۽ انھن ۾ اڪريل لفظ ٽڙي پکڙجي فراق جو دکدائڪ مرثيو پرسوزيءَ سان جھونگاريندا پئي ويا ۽ دل ڪيڏو پئي چاھي تہ انھن ساڻ ٻڏندي خود بہ ھڪ پرسوز مرثيو بڻجي وڃجي ۽ ڪتابن جي عاشقن جي لبن تي درد ۾ جھونگارجان پيو.

اي قدرت جا قادر! اي ڪن فيڪون جا مالڪ! اي جڳ جا خلقڻهار!! جي منھنجي ان ڪيفيت ۾ منھنجي سنڌ ڌرتيءَ جو درد سمايل آهي تہ آءٌ تو در عرض ڪندس تہ مونکي ان ڪيفيت کان آزادي عطا نہ ڪر. ايستائين ان ڪيفيت ۾ مضبوطيءَ سان جڪڙي رک، جيستائين آءٌ سنڌ امڙ سان ڪيل وچن نہ نڀايان. جيستائين سنڌ ڌرتيءَ جي مستقبل جا فيصلا سچي محب وطن، سنڌي شعور وندن ۽ ڌرتي ڌڻين جي ھٿ ۾ نہ ھجن ۽ سنڌ ڌرتي ترقيءَ ۽ قابليت جي آڪاش تي پنھنجي شعور جو پرچم بلند نہ ڪري ۽ ھر طرف بس ھڪ ئي نعرو ھجي،

جيئي سنڌ

جيئي سنڌ

Previous Post Next Post