Saturday, September 21, 2024

محبت ۽ رواداري واري سنڌ ۽ ميرپورخاص واقعو!!! ـ هلچل ايڊيٽوريل

ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر

محبت ۽ رواداري طور جڳ مشھور شاھ لطيف، سچل سرمست توڙي قلندر شھباز جي ڌرتي سنڌ ۾ اڳ ڪڏھن به اھڙو ڏھڪاءُ ناھي پکڙيو، جيترو ميرپورخاص واقعي بعد نظر اچي پيو، خاص طور سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ پريشان آھن، انھيءَ ڪري چڱا ڀلا پڙھيل لکيل ماڻھو به پنھنجن سوشل اڪائونٽس تي حلف نامو رکن پيا ته جيڪڏھن مذھبي توھين جي حوالي سان سندن اڪائونٽس تي ڪا پوسٽ نظر اچي ته ان جا اھي ذميدار نه ھوندا، انھن ۾ اھڙا ماڻھو به شامل آھن، جيڪي مڪمل طور مذھبي آھن ۽ ان واقعي کان 24 ڪلاڪ اڳ ھنن جشن عيدميلاد النبي صه جي مناسبت سان مبارڪباد جون پوسٽون شيئر ڪيون ھيون، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، سنڌ واسي جيڪي اڳ روڊن رستن تي اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ ڌاڙيلن جي ڪري پاڻ کي غير محفوظ سمجھندا ھئا،اھي ھاڻ سوشل ميڊيا تي پڻ پاڻ کي محفوظ نٿا سمجھن.ان کان وڌيڪ اھم اھو ته سدائين بيباڪي وارو ڪردار ادا ڪندڙ سنڌي ميڊيا جي اڪثر اخبارن توڙي چئنلن به اھا خبر انھي ڊپ واري ڪيفيت سبب نه ھلائي!

ميرپور خاص واقعو ڪئين ٿيو ۽ ان جا سبب ڪھڙا آھن؟ ان جي جاچ ھلي پئي، ان ڪري ان تفصيل ۾ وڃڻ بدران ان تي ڳالھائڻ گھرجي ته رياست سوشل ميڊيا تان شروع ٿيل ان معاملي ۾ ڪيتري دلچسپي ورتي؟ ڇاڪاڻ ته 12ربيع الاول کان اڳ ان بابت خبرون پکڙجي چڪيون ھيون، جنھن جي نتيجي ۾ ڪجھ ڌرين طرفان رد عمل به سامھون آيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ان جي فوري جاچ ٿيڻ بدران مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏھن ته ڪجھ عرصي کان حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ۾ سياسي ڇڪتاڻ سبب سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي نه رڳو سختي سان مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي پر ميڊيا ذريعي اھي خبرون سامھون آيون ته ڪجھ ماڻھن کي گرفتار به ڪيو ويو آھي،ان ڪري حيرت ٿي ته ميرپور خاص ۾ سوشل ميڊيا تي ھڪ انتھائي حساس ڳالھ ٿي پر ڪنھن کي ڪو الڪو ئي نه ھو، جيتوڻيڪ اھڙي ئي قسم جو ھڪ واقعو ڪوئيٽا ۾ به پيش اچي چڪو ھو، جنھن تي سخت رد عمل ظاھر ڪيو پئي ويو، ان ڪري پڻ ان کي سنجيده وٺڻ جي ضرورت ھئي، پر جڳ ڏٺو ته رياست ڪن لاٽار ڪئي، نتيجي ۾ اھو ئي ٿيو، جنھن جو ڊپ ھو، الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ھڪ جڙتو مقابلي ۾ ماريو ويو! جڏھن ته سوشل ميڊيا تي پوسٽ رکڻ کان ترت پوءِ کيس قانون جي گرفت ۾ آڻي کائنس پڇاڻو ڪرڻ گھرجي ھا ته ھن ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صه خلاف ڳالھايو آھي يا نه ؟ اھو ان ڪري به ضروري ھو ته مارجڻ کان شايد 10 کان 15 ڪلاڪ اڳ سوشل ميڊيا تي سندس ھڪ وڊيو پيغام شيئر ٿيو ھو، جنھن ۾ ھن چيو ھو ته جنھن فيس بڪ اڪائونٽ تان تڪراري پوسٽ شيئر ٿي آھي، اھو ھاڻ سندس استعمال ۾ ناھي.پر پوليس خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪيو.

رسول پاڪ صه ڪا معمولي شخصيت ناھي، الله سائين ھيءَ دنيا ئي سندس لاءِ تخليق ڪئي آھي، اھڙي صورتحال ۾ ڀلا ڪھڙو مسلمان برداشت ڪندو ته اھڙي عظيم شخصيت بابت ڪو ابتو ستو ڳالھائي ۽ ان جي کيس سزا به نه ملي؟ پر ھتي سدائين اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ٿيندي رھي آھي ته توھين ڪندڙ طاقتور آھي، ان ڪري ان خلاف عوامي سطح تي ايترو تڪڙو ۽ سخت رد عمل اچي ٿو جو معاملا ڪنٽرول کان نڪري وڃن ٿا، ائين ڇو ٿئي؟ جنھن جو سبب رياست پاران وقتائتي ڪارروائي نه ڪرڻ آھي، ميرپور خاص سميت پاڪستان ۾ جتي به توھين مذھب جا واقعا ٿيا آھن، انھن جو جائزو وٺو، ان ۾ ڪوتاھي رياست جي نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته ڪو به پنھنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار ناھي،سريلنڪا جي شھري سان پنجاب ۾ ڇا ٿيو؟ جيڪڏھن ان نموني اهڙن اھم معاملن جا فيصلا ھجوم ڪندا ته پوءِ عدالتون ۽ رياست ڇا لاءِ آھي؟

اسان سمجھون ٿا ته حضور پاڪ جي حرمت جي حفاظت سميت سڀني مذھبن جو احترام ھر ڪنھن تي فرض آھي، پر رواداري جو درس ڏيندڙ اسلام ڪڏھن به ڪنھن کي بنا شاھدي جي سزا ڏيڻ جي حمايت نٿو ڪري، ان ڪري اسلام جي نالي تي ڪجھ ماڻھو اھڙا ڪم ڪن ٿا جنھن سان ان جي سھپ ۽ رواداري واري تصور کي نقصان ٿي رھيو آھي ۽ اسلام کي تنگ نظر مذھب طور مشھور ڪرڻ جي سازش ٿئي پئي، حڪومت کي صلاح ڏينداسين ته اھا سوشل ميڊيا تي پنھنجن سياسي مخالفن تي نظر رکڻ بدران انھن آءِ ڊيز تي نظر رکي جتان مذھبي نفرتون پکيڙيون پيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اصل ڊجيٽل دھشتگردي اھا ئي آھي، ان سان گڏ سنڌ حڪومت کي به چونداسين ته ڪنھن به معاملي جي ٿڏي تي جاچ ٿيڻ گھرجي، بعد ۾ پوليس آفيسر ۽ اھلڪار معطل ڪرڻ جو ڪھڙو فائدو؟ ڪنھن کي بنا جاچ مارڻ ته سڌو عدالت کان مٿڀرو قتل آھي، جنھن جي اسلام به اجازت نٿو ڏئي، ان ڪري ھاف فراءِ يا فل فل فراءِ ذريعي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪرڻ بدران ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي گرفتار ڪري فيصلو عدالتن مٿان ڇڏيو وڃي ھا.ھتي اھو مطالبو ڪنداسين ته معاملي جي منصفاڻي جاچ ڪري اصل حقيقتون سامھون آنديون وڃن.

No comments:

Post a Comment